بِل گيٽس

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2016۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    [​IMG]

    بل گيٽس جو پُورو نالو وليم هنري گيٽس آهي. بل گيٽس (Bill Gates) 18 آڪٽوبر 1955ع تي سياٽل ۾ وليم_ايڇ_گيٽس جي گھر ۾ ڄائو، هُو مائڪروسافٽ ڪمپني جو چيئرمين ۽ دنيا جو اميرترين شخص آهي.


    شروعاتي حالات:
    بل گيٽس 1955ع ۾ واشنگٽن،امريڪا جي هڪ علائقي سياٽل ۾ هڪ وچئين طبقي ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي ڪمپيوٽر هلائڻ ۽ ان جي معلومات حاصل ڪرڻ جو شوق هو. اڄ جيان ڪمپيوٽر نه ايترا ترقي يافته هُئا ۽ نه ئي ڪمپيوٽرن جي دُنيا، صرف 13 سالن جي عُمر ۾ هُو پروگرامنگ جو هُنر سکي چُڪو هو. اتفاق سان دوستي به هڪ اهڙي ڇوڪري سان هُئس جيڪو پاڻ ڪمپيوٽرن جو ديوانو هو، اُن دوست جو نالو پال_ايلن هو.



    زندگيءَ جون حالتون:
    هِي ٻئي دوست هارورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهندا هُئا پر ڪمپيوٽرن سان عشق پڙهائي وچ ۾ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ آخرڪار هِي ٻئي دوست ڪاليج کي خداحافظ چئي ڪري گَڏجِي ڪمپيوٽرن جي دُنيا ۾ گُم ٿي ويا. ان جو خاص پروجيڪٽ ڪمپيوٽر جي هڪ اهڙي ٻوليءَ کي ترتيب ڏيڻ هو جنهن سان ڪميپوٽر هلائڻ ۾ آسانِي ٿئي. سندن محنت رنگ لاتو ۽ انهن هڪ خاص ”بيسڪ لئنگيج“ ترتيب ڏِني جنهن ڪمپيوٽرن کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هِن اهم ڪارنامي کان پوءِ پال_ايلن ۽ وليم هنري (بل گيٽس) البو قرق (نيو ميڪسيڪو) هليا ويا. هتي اُنهن ”مائڪروسافٽ ڪارپوريشن“ جو بنياد وِڌو. جنهن ذريعي هو ڪمپيوٽر جا مختلف سافٽويئر تيار ڪرڻ چاهيند هُئا جن جي سڄي دُنيا ۾ گھُرج هُئي، ڇاڪاڻ ته پرسنل ڪمپيوٽر جو استعمال دُنيا ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو هو. هارڊويئر ته مارڪيٽ ۾ کوڙ ملندا هُئا پر سافٽويئرن جِي کوٽ هُئي. ان زبردست گھُرج کي سامهون رکندي ٻنهين دوستن هِن ميدان ۾ خوب ترقي ڪَئي ۽ آخرڪار انهنکي هڪ اهڙو سافٽويئر ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿِي جنهن کي سَڄِي دُنيا ۾ هٿوهٿ ورتو ويو.


    عروج وارو دور:
    هِن ڪاميابيءَ کان متاثر ٿي ڪري دنيا جي مشهور ڪمپني انٽرنيشنل بزنس مڪينڪس (آئي.بي.ايم) انهن کي هڪ مائڪروسافٽ آپريٽنگ سسٽم ٺاهڻ لاءِ دعوت ڏِني جنهن کي پرسنل ڪمپيوٽر ۾ استعمال ڪري سگھجي. هتي بِل گيٽس جي ذهانت، لڳاءُ ۽ محنت پنهنجو ڪرشمو ڏيکاريو ۽ هُن اِن مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ اوليت حاصل ڪئي. هِن آپريٽنگ سسٽم کي انهن مائڪروسافٽ_ڊسڪ آپريٽنگ سسٽم (ايم.ايس.ڊاس MS-DOS) جو نالو ڏِنو ۽ نتيجي ۾ آئي.بي.ايم ڪمپنيءَ لکين ڪمپيوٽر وِڪڻِي تمام گھڻو منافعو حاصل ڪيو جنهن سان بِل گيٽس ۽ سندس دوست کي به مالي فائدو پهتو. ڪُجھ سببن ڪري پال_ايلن الڳ ٿي ويو ۽ بل گيٽس ان وقت پنهنجو اڪيلي سِر سفر جاري رکيو. هُن تمام تڪڙو بزنس جي دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ تفريحي سافٽويئر تيار ڪري آئي.بي.ايم ڪمپني کان علاوه مختلف ڪمپيوٽر ڪمپنين کي وڪِيو جنهن سان سندس آمدني ۾ ڏندين آڱريون وجھندڙ اضافو ٿيو. 1984ع ۾ سندس پنهنجي ڪمپني ”مائڪروسافٽ“ جو 10 ڪروڙ ڊالر جو بزنس صِرف ٻِن سالن ۾ ٻِيڻو ٿِي ويو. ان ڪمپنيءَ جا حصا (شئير) به اسٽاڪ ايڪسچينج تي وڪامجڻ لڳا. ان کان پوءِ ته آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
    1994ع ۾ بزنس 2 بلين ڊالرن تائين پهچي ويو جيڪو صِرف هڪ سال کان پوءِ 10 بلين ڊالر ٿي ويو. دنيا، اِن کان پهرين آمدنيءَ ۾ اضافي جِي اِها رفتار ڪٿي به نه ڏِٺِي. ايستائين جو تيل مان ملندڙ آمدنيءَ وارا شيخ به پوئتي رهجِي ويا. بِل گيٽس دُنيا جي اميرترين ماڻهن جي ڳاڻيٽي ۾ پهريون درجو حاصل ڪري ورتو. اِهو انڪري ممڪن ٿيو ته بِل گيٽس واءُ جي رُخ کي سمجھي ورتو هو. بل گيٽس کي هِي عظيم ڪاميابي صرف ان جي اڻ ٿڪ محنت، ڪوشش، لڳاءُ، عقُل ۽ پنهنجي ڪم سان تمام گھڻو لڳاءُ هئڻ ڪري حاصل ٿِي. بِل گيٽس جي زندگيءَ مان اسان جي نوجوانن کي سبق حاصل ڪرڻ گھُرجي، اُن جا مثال جيڪڏهن اسانجي سامهون هُجن ته يقين سان اسان به اهڙا ڪارناما ڪري سگھون ٿا. بل گيٽس پنهنجي بي پناھ مِلڪيت جو هڪ حصو سماجي ڪمن لاءِ به مخصوص ڪيو آهي.


    نمايان ڪَم:
    بل گيٽس وٽ 89.7 ارب ڊالر آهن ۽ هُو پنهنجي دولت کي هڪ فلاحي اداري ذريعي انسانن جِي ڀَلائيءَ لاءِ خرچ ڪري رهيو آهي.
     
    عبدالغني لوهار ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو