ڇا توهان جو فيس بوڪ کاتو ڪو ٻيو به استعمال ڪري پيو؟

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇا توهان کي هميشه ان ڳالهه جو خدشو رهي ٿو ته توهان جو فيس بوڪ کاتو ڪو ٻيو به استعمال پيو ڪري.. يا
    توهان جي حساس طبيعت بار بار توهان جي فيس بوڪ کاتي جي سيڪيورٽي تي آڱريون کڻندڙ آهي... يا
    توهان ڪنهن دوست جي موبائيل يا ڪمپيوٽر تان فيس بوڪ تي لاگ ان ٿيا ته هجو پر بجلي وڃڻ ڪري لاگ آئوٽ ٿيڻ وسري ويا هجو.. يا
    توهان سوچيندا هجو ته ڪيڏو نه ڀلو ٿئي ها جو ڪٿي به لاگ ان ٿيڻ کي ريموٽلي لاگ آئوٽ ڪرڻ توهان جي هٿ ۾ هجي ها..؟
    جي مٿين مان ڪنهن به هڪ ڳالهه ۾ توهان جي دلچسپي آهي ته هي موضوع توهان لاءِ آهي... :)

    پنهنجي فيس بوڪ کاتي تان لاگ ان ٿيو ۽ مٿي ساڄي پاسي موجود ننڍي تير جي نشان تي ڪلڪ ڪندي کلندڙ مينو مان سيٽنگ تي ڪلڪ ڪريو...


    [​IMG]

    جنهن سان توهان سيٽنگ پيج تي اچي ويندو جتان سيڪيورٽي ٽيب تي ڪلڪ ڪريو.. ۽ ساڄي پاسي موجود ونڊوز پين مان Where You’re Logged In سيڪشن اڳيان موجود Edit بٽڻ ڪلڪ ڪريو..


    [​IMG]
    هتي اچي توهان ڏسي سگهندو ته هن وقت توهان ڪهڙي جاءِ تان ۽ ڪيترين ڊيوائيسز تي توهان لاگ ان آهيو.. توهان چاهيو ته هر سيشن جي آخر ۾ موجود لفظن End Activity تي ڪلڪ ڪري ان ڊيوائيس تان ريموٽلي لاگ آئوٽ ٿي سگهو ٿا.. :)


    [​IMG]
    ان کانسواءِ جيڪڏهن توهان چاهيو ته آئنده جڏهن به توهان يا ڪو ٻيو توهان جي فيس بوڪ کاتي تان ڪنهن به ڊيوائس تان لاگ ان ٿئي ۽ اهو اطلاع توهان کي پهتو ٿئي ته ... سيڪيورٽي ٽيب تي رهندي ئي Login Alerts سيڪشن جي آخر ۾ موجود Edit بٽڻ ڪلڪ ڪريو..


    [​IMG]
    هتي اچي توهان فيصلو ڪريو ته لاگ ان ٿيڻ جو اطلاع فيس بوڪ تي ئي نوٽيفڪيشن جي صورت ۾ حاصل ڪندو يا اي ميل تي اطلاع نامي طور حاصل ڪندو.. ايتري قدر جو توهان لاگ ان ٿيڻ جو اطلاع موبائيل فون تي ميسيج جي صورت ۾ پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا... ضروري تبديليون ڪندي Save Changes بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو..


    [​IMG]
    ائين توهان جو فيس بوڪ کاتو وڌيڪ محفوظ ٿي ويندو.. اميد ته هي آرٽيڪل توهان لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.. توهان جي تعريفي تنقيدي راين جو انتظار رهندو.. ;)
     
    سائل مهراڻ ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب سهڻي معلومات ، جاري رکو . سدا سلامت هجو
     
    ذيشان رشيد ۽ سائل مهراڻ هيء پسند ڪيو آهي
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام ٻهترين ڪوشش ادا
     
    ذيشان رشيد ۽ سائل مهراڻ هيء پسند ڪيو آهي
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هميشه جيان هڪ معلوماتي ليک
     
    ذيشان رشيد ۽ سائل مهراڻ هيء پسند ڪيو آهي
  5. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    تمام بهترين معلومات آهي.........
     
  6. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
  7. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    معلوماتي ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو