صوفين جي ديوانگي يا مجذوبي حالت

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2016۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    305
    ورتل پسنديدگيون:
    878
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

    صوفين جي ديوانگي يا مجذوبي حالت
    (16_ڊسمبر 1926ع تي ڪيل هڪ تقرير)

    ديوانگي يا چريائي دل ۽ دماغ سان واسطو ٿي رکي، ۽ انهن جي خلل مان پيدا ٿي ٿئي. پر عام ماڻهن ۽ خاص ماڻهن جي چريائيءَ ۾ البت فرق آهي. جن ماڻهن ۾ دل ۽ دماغ زياده طاقت وارا آهن، تن جي چريائي به خاص طرح جي ۽ زور واري ٿي ٿئي، ۽ انهيءَ جا جدا جدا درجا ۽ رنگ ٿا ٿين، جي انهن جي خيالن ۽ عادتن تي تعلق ٿا رهن. طبعي يا قدرتي قانون آهي ته جي ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪو خاص حواس ڪن سببن ڪري رد يا گم يا ڪمزور ٿئي ٿو ته انهيءَ جو ٻيو ڪو حواس يا ٻيا سڀ حواس زياده تيز ٿين ٿا: انڌن ۽ گونگن ۽ ٻوڙن جي حالت ۾ اهڙا آزمودا ورتا ويا آهن. ساڳيءَ طرح، جي ڪنهن جي دل ۽ دماغ ۾ خلل ٿو پوي يا عقل ۽ هوش ۾ رولو ٿو پوي ته انهن جا باطني يا روحاني حواس زياده تيز ۽ زور وارا ٿا ٿين. اهو قانون نه رڳو طبعي ديوانگيءَ سان لاڳو آهي، پر مصنوعي يا هٿرادو چريائيءَ سان به آهي - يعني ڪن خاص دماغي بيمارين ۽ مرضن وارن، يا هپناٽزم يا مسمريزم يا ڀنگ، آفيم، چرس، شراب يا ڪنهن به نشي جي عادت وارن سان به. اها ڳالهه ليپونيٽڪ يا ٻين اسپتالن جي رپورٽن مان ثابت ٿي ٿئي. جڏهن اها بيماري يا نشي جي حالت يا اهڙو ٻيو هٿرادو وڌل اثر لهي وڃي ٿو، تڏهن اها چالاڪي ۽ تيزي ۽ قابليت به گم ٿي وڃي ٿي. پليٽو يا افلاطون جنون جو ذڪر ڪندي ڏيکاريو آهي ته انهيءَ جا ٻه قسم آهن: هڪڙو عام رواجي ديوانگي، ۽ ٻي خاص روحاني فوقيت يا ترقي، جا نبين، ولين، شاعرن ۽ موحدن کي ٿيندي آهي، جا خدائي ڏات آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”جينيس“ ٿا چون.

    ڊاڪٽر هرزن هڪڙي ديواني بابت لکيو آهي ته هو اهڙو ذهين هو جو اٺ_ڏهه وڏا ڪتاب برزبان هئس، ۽ ڪن اهڙا تيز هئس جو پري ڪي ماڻهو سس پس ڪندا هئا ته چٽو پيو ٻڌندو هو. انگريزي ڪيترا عالم ۽ شاعر- جيئن ته جانسن، ڪوپر، شيلي ۽ ٻيا، توڙي سقراط يا ساڪريٽيز، سويڊ نسبرگ، نيپولين بونا پارٽ، ۽ ٻيا ڪيترا، جي مشهور جينيس وارا ٿي گذريا آهن، سي ديوانا شمار ڪيا ويا آهن. اسان ننڍي هوندي اسڪول ۾ پڙهيو آهي ته دهليءَ جي بادشاهن مان محمد تغلق چريو هو ۽ فلاڻا فلاڻا چريائيءَ جهڙا ڪم ڪيائين. پر حقيقت ڪري هو هڪڙو وڏو عالم، فاضل، سخي ۽ فيض وارو شخص هو. هڪڙي ترڪي غلام جو پٽ، ماڻس جتڻي، تنهن کي ماڻهن، اصلوڪي شاهي خاندان جو ماڻهو ڇڏي، کڻي بادشاهه ڪيو! ”جوڻو خان“ نالو مٽائي، محمد تغلق رکيائونس. منطق، فلسفي، هندسه، طب ۽ ٻين ڪيترن علمن ۾ قابل هو. خدا پرست، شريعت جو پابند، شراب کان پرهيز ڪندڙ، جنگين ۾ بهادر، ۽ سخي اهڙو جو خزانو خالي ڪري ڇڏيائين. نوٽ يا ڪاغذ جا سڪا ڪڍيائين، ٽامي جا سڪا به ڪڍيائين. مطلب ته انهيءَ وقت جي عجائبن مان هو، مشهور سياح ابن بطوطه سندس زماني ۾ هو، تنهن جو بيان ڪو پڙهي ڏسي.اهو شخص هو، جو چريو بادشاهه شمار ۾ آيو. سنڌ کي اهو فخر حاصل آهي ته اهو بادشاهه نيٺ ٺٽي ۾ اچي مئو،جيئن اڪبر جهڙو بادشاهه سنڌ جي عمرڪوٽ شهر ۾ ڄائو. هاڻ نشي جي چريائيءَ جو هڪڙو مثال ڏيندس، سو به سنڌ مان. ثابت علي شاهه مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. ڀنگ جي عادت هيس، نهايت گهڻو شعر چيو اٿس، سو سڀ ڀنگ جي نشي ۾. هو ڀنگ کي پنهنجي ”عينڪ“ سڏيندو هو. جڏهن ڪلهوڙا يا مير ڪنهن خاص شعر في البديهه چوڻ لاءِ حڪم ڏيندا هوس، تڏهن پنهنجي نوڪر کي ڪچهري مان ڊوڙائيندو هو ته وڃي منهنجي ”عينڪ“ کڻي آءُ___يعني گهاٽيءَ ڀنگ جي جمني. انهيءَ طرح ثابت آهي ته وجد، بيماريءَ ۽ نشي وغيره واري بيهوشيءَ جي حالت ۾ ئي اها قابليت انهي وقت لاءِ موجود ٿي رهي، ۽ نه پوءِ. انگريزي چوڻي آهي تهAs health comes in at the door, genius flies out of the window. A man of genius is necessarily a fine animal.۽ هي به اوهان ٻڌو هوندو ته نه فقط مستيءَ جي حالت ۾ دنيا ئي ۽ عملي ۽ عقلي قابليت ديوانن ڏيکاري آهي، پر غيب جي به خبر ڏني اٿن، دل جي ڳالهه ٻڌائي اٿن، ماضيءَ ۽ مستقبل جا واقعا ٻڌايا اٿن، ۽ اڻپڇيلن سوالن جا جواب ڏنا اٿن.مطلب ته ظاهري حواس جي گم هئڻ ڪري، باطني حواس تيز ٿين ٿا. اها ڪا عجب جي ڳالهه ناهي. هاڻوڪي سائنٽيفڪ ريسرچ سوسائٽيءَ وارا ۽ ٿيلسفيءَ وارا به انهيءَ جي شاهدي ڏين ٿا.

    هاڻي جڏهن رواجي دنيائي ديوانگيءَ جو اهو حال آهي، تڏهن جيڪي صوفي اولياء ديوانا ٿي گذريا آهن ۽ جن جون ڪشف ڪرامتون مشهور آهن، سي فقط دنيا ئي ڪمن جي نسبت ۾ ديوانا ۽ نادان آهن، پر روحاني ڪمن ۽ خدائي ڳالهين ۾ هو خاص طرح قابل ۽ هشيارآهن. جن کي خلق ديوانا ٿي سمجهي، سي حقيقت ڪري دانا ۽ ڪامل انسان آهن، ۽ انهن جي نظر ۾ وري ٻي دنيا ئي خلق ديواني ۽ نادان آهي. اهي ديوانا پاڻ عقل کي هڪڙو مرض ڄاڻندا آهن. خيام ٿو چوي:

    خوب فهميده ست ديوانه، عقل بسيار درد سر دارد.

    شيخ احمد جام، جو پاڻ مست درويش ۽ شاعر هو ۽ زنده پيل يا مست هاٿيءَ جو لقب هوس، سو چوي ٿو:

    مولانا جامي به ٿو چوي:

    بگذر از طور خرد ڪاندر طريقِ عشق هست، عاقلي ديوانگي، ديوانگي فرزانگي.

    امير خسرو دهلويءَ جو به اهڙو هڪڙو بيت آهي؛

    چند گوئي ڪہ مست بيخبري، هر ڪہ او مست نيست بيخبر است.

    مولانا جلال الدين رومي ٿو فرمائي؛

    هر ڪس ڪہ ترا شناخت جان را چہ ڪند،
    فرزند و عيال و خانعان را چہ ڪند؛
    ديوانہ ڪني، هر دو جهانش بخشي،
    ديوانهء تو هر دو جهان را چہ ڪند؛

    ... ... ...

    دست در ديوانگي بايد زدن،
    آزمودم عقل دور انديش را،
    بعد زين ديوانه سازم خويش را.
    شاهه ڀٽائي به سسئي لاءِ ٿو چوي ته

    هوءَ جا گهوري گهوٽ جي، تنهن کي چَري چون-اُگهاڙيون آتڻ ۾... اهڙن ستن جا قول ۽ فعل جهان جي عقل ۽ دستور جي برخلاف هوندا آهن، تنهنڪري اهي ديوانا سڏجن ٿا. پر حقيقي معنيٰ جي نظر تي سندن اهي قول ۽ فعل پُر معنيٰ هوندا آهن. انهن کي صوفي اصطلاح ۾ ”شطحيات “ چوندا آهن، جي ظاهري ڪري شريعت جي برخلاف آهن، ۽ جن ڪري گهڻن تي ڪفر جي فتوا ڏيئي انهن کي قتل ڪري ڇڏيائون. تصوف جي اصطلاح ۾ اهڙيءَ ديوانگيءَ يا مستيءَ کي جذب يا استغراق يا محويت يا سُڪر يا فنا سڏيندا آهن، ۽ جيڪي صوفي مجذوب ٿي گذريا آهن، سي خاص طرح ڪشف ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا آهن.

    ڪتاب ”عوارف المعارف“ ۾ آهي ته صوفي پهرين ٻن قسمن جا آهن؛ هڪڙا فقط سالڪ، ۽ ٻيا فقط مجذوب. فقط سالڪ عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول آهن ۽ طريقت يا سلوڪ جي رستي جا پانڌي آهن. اهي ٻين استادن جا مريد به ٿين ٿا، ۽ پوءِ نيٺ پاڻ مرشد ٿي سگهن ٿا. فقط مجذوب آهي، جي عبادت ۽ رياضت کان لنگهي ويا آهن. شرع جي تڪليف انهن کي معاف آهي.غيبي ۽ روحاني تجليءَ جي ڪري، هنن کي نه پنهنجو سماءٌ آهي نه ٻيءَ خلق جو. اهي سدائين اِلاهي عشق ۾ غرق يا محو يا فنا آهن. اهي نه ڪنهن جا مريد آهن، نه مرشديءَ جي لائق آهن. وري مجذوب ٻن قسمن جا آهن؛ هڪڙا سالڪ مجذوب، ٻيا مجذوب سالڪ. سالڪ مجذوب اهي، جي عباتون ۽ رياضتون ڪري ڪري ذوق ۽ شوق ۽ عشق جي انهيءَ درجي کي وڃي پهتا آهن، جتي رهي ٻين جي عيبن ثوابن جي ۽ انهن جي علاجن جي انهن کي خبر پئجي ٿي سگهي ۽ ٻئي خلق کي ڪمائتا ۽ فيض وارا ٿي سگهن ٿا. انهن کي ڪڏهن ڪڏهن جذبو اچي ٿو ۽ سڪريا نشي جهڙيءَ حالت ۾ بيهوش رهن ٿا. جذبي لٿي کان پوءِ باهوش آهن، ۽ تڏهن شريعت تي پورا آهن. انهن لاءِ اهي ٻئي حالتون آهن-سڪر ۽ صحو، يا عروج ۽ نزول يا قبض ۽ بسط. باقي جيڪي مجذوب سالڪ آهن، سي پاڻ کي اصل فنا ڪري وڃي بقا جي منزل تي پهتا آهن. انهن جي دل تان صِفاتي ۽ ظلماتي پردا کڄي ويا آهن، ۽ غيب يا باطن جون حقيقتون انهن کي معلوم ٿين ٿيون، جنهن کي ’ڪشف‘ ٿا چون. اهي آهن سچا انسان ڪامل ۽ مرشد واصل. خواجه حافظ شيرازي مجذوب سالڪ شمار ڪيل هو، ۽ شيخ سعدي سالڪ مجذوب هو. مگر ڪن ٻين مجذوب سالڪن جا ڪي مثال ڏيندس.

    زياده مشهور مثال شيخ بهلول جو آهي، جو هو ديوانو هو پر دانا سڏبو هو. خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ بغداد ۾ هو شرع ۽ تصوف جي علمن جو عالم ۽ فاضل، عامل ڪامل هو. جذب ۽ ڪشف وارو به هو. اڪثر جهنگ ۽ بَرپٽ ۾ گذاريندو هو. مٽيءَ جون ڍيريون پيو ٺاهيندو هو، جيئن ٻار راند ڪندا آهن. هڪڙي ڏينهن هارون رشيد شڪار ڪندي، اڪيلو ڪنهن کَڏ يا کاهيءَ تي اچي بيٺو. ڏينهن تتل هو. ٻيو رستو ڪونه هو. کاهي اونهي ۽ ڏکي هئي. ضرور ٽپي، تڏهن جاءِ تي پهچي. تنگ ٿي، دل ۾ هيءَ باسَ باسيائين ته جي گهوڙو ٽپي ويو ۽ آءُ سلامت بچيس، ته هي گهوڙو خدا جي واٽ ۾ صدقو ڪري ڏيندس. خدا کي ياد ڪري، گهوڙي کي ٽپايائين ۽ وڃي پار پيو. شهر ڏانهن ايندي، رستي ۾ خيال ڪيائين ته هلي ڪو ٻيو گهوڙو ڪڙهه مان صدقو ڪندس، ڇوته هي تمام قيمتي ۽ ڪمياب آهي. رستي ۾ بهلول وٽان لنگهيو، جو پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو. هارون جي ويجهي اچڻ تي هو پنهنجي منهن چوڻ لڳو ته ’توبهه، خلق سان ته ٺڳي، پر خدا سان به ٺڳي! کڏون کاهيون به خدا جون، گهوڙا به خدا جا، ۽ نذر نياز به خدا جا. مرد اهو جو، انجام ڪري ۽ پاري!‘ هارون کي ڳالهه دل سان لڳي، ۽ اچڻ سان اهوئي گهوڙو صدقو ڪيائين.

    ٻئي دفعي هارون پنهنجيءَ زال، بيبي زبيده، سان شيخ بهلول جي زيارت لاءِ جهنگ ۾ آيو. پڇيائونس ته ’فقير، ڇا ٿو ڪرين؟ مٽيءَ جون ڍڳيون ڇو ٿو ڪرين؟‘ هن چيو ته ’بهشت جون ماڙيون ٿو ٺاهيان!‘ بيبي زبيده چيس ته ’هڪڙي ماڙي ته مون کي به ڏي.‘ چيائينس ته ’هنن مان جيڪا وٺين. بيبيءَ هڪڙي ڏيکاري. هن چيو ته ’انهي جو هڪ هزار درم مُلهه آهي!‘ بيبيءَ چيو ته ’چڱو، موڪليان ٿي.‘ بيبيءَ هارون کي چيو ته ’اوهين به ڪا وٺو.‘ هن چيو ته ’اها هڪڙي ماڙي پاڻ ٻنهي لاءِ ڪافي آهي.‘ بيبيءَ هزار درم ڏياري موڪليس. رات جو هارون خواب ۾ ڏٺوته قيامت جي ميدان ۾ آهي. اُس ۾ رُلي رُلي ٿڪو آهي. پري کان هڪڙو باغ ۽ محلات ڏسي، اوڏانهن ويو. اندر گهڙڻ جي ڪيائين، پر دربانن نه ڇڏيس. پڇيائين ته ’هيءُ باغ ۽ محل ڪنهن جو آهي؟ هنن چيس ته ’بيبي زبيده خاتون جو آهي.‘ هارون چيو ته ’آءُ انهيءَ جو مڙس آهيان، اندر ويندس.‘ هنن چيو ته ’اسان کي اهڙو حڪم ڪونهي!‘ آخر هٽائي ڪڍيائونس. هو اهڙو پريشان ۽ تنگ ٿيو جو جاڳي پيو. اڳوڻي ڏينهن واري حقيقت ياد پيس. ٻئي ڏينهن بهلول وٽ ويو، ۽ ساڳئي ڪم ۾ لڳل ڏسي چوڻ لڳس ته ’اڄ ته مون کي به ڪا ماڙي ڏيو؟ شيخ چيو ته ’ڪالهه وٺين ها ته ڏيانءِ ها، اڄ ڪونه ڏيندس، جڏهن بيبيءَ جي ماڙي مان ڌڪا ڏيئي ڪڍيو اٿنئي، تڏهن ڦڪو ٿي اڄ هيڏانهن آيو آهين!‘

    انهي شيخ بهلول جي قولن مان هڪڙو هي آهي ته ”جڏهن اڃا زمين ۽ آسمان پيدا نه ٿيا هئا، تڏهن آءُ پيدا ٿيو هوس، بلڪ خدا کان به ٻه ورهيه اڳي آءٌ موجود هوس.“

    ٻيا به اهڙا گهڻا ديوانا يا مجذوب صوفي آهن، پر خاص پنهنجي قديم سنڌ جا ٻه ٽي مثال ڏيندس. حيدرآباد ۾ گنجي ٽڪر تي به، ٺٽي جي مڪليءَ وانگي، گهڻا اولياءَ رکيل آهن. شاهه صاحب به ٿو چوي ته ”گنجو ڏونگر گام، پيهي جن پروڙيو، ڪري تَن تمام، لوچي لاهوتي ٿيا.“ انهيءَ گنجي ٽڪر تي شيخ ڀرئي جو قبو آهي. اهو اصل هندو برهمڻ هو. جهنگ ۾ گذاريندو هو. هندو مسلمان سندس معتقد هئا. جيڪو وٽس ايندو هو، تنهن کي ڳالهائڻ کان سواءِ دل جي ڳالهه جو جواب ڏيندو هو. ڪتاب ”حديقتہ الاولياءَ“ وارو لکي ٿو ته ”آءُ کيس ڏسڻ لاءِ ويس. هڪڙو سنڌي بيت ذري ذري پئي پڙهيائين. مون کي دل ۾ آيو ته خبر ناهي ته اهو بيت خود سندس آهي يا ڪنهن ٻئي جو. اوچتو پاڻ چوڻ لڳو ته ’ابا، اهو بيت اسحاق لوهار جو آهي‘. ٻيون ڳالهيون به جيڪي به دل ۾ رکي آيو هوس، تن سڀني جا جواب ڏيئي ويو. منهنجي ويٺي، ٻيو هڪڙو ماڻهو ڏينهن تتي جو وٽس آيو. ان کي ڏاڍي بک هئي ۽ ٿڪل هو. انهيءَ کي چيائين ته ’ابا، هن ٿوهر جي پاڙ ۾ ڪُني رکي اٿئي، سا هن دونهينءَ تي کڻي چاڙهه، ۽ انهن پَهڻين جو ٻُڪ ڀري منجهس وجهه، ۽ ڍڪڻ ڏيئي ڇڏينس.‘هن ائين ڪيو.جهٽ ۾ چانورن جو ڀت رجهي لٿو، ۽ هڪڙي ٻڪري به ٽَڪر تان لهي آئي، جنهن مان کير ڏُهائي اسان کي کائڻ لاءِ ڏنائين.“

    شيخ طاهر، جنهن کي اُڏيرو لال چوندا آهن، سو به اهڙو مجذوب درويش هو. هو به اصل نصرپور جو واڻيو هو-منگل پٽ رتن جو، ڪوهري. فقيرن جي صحبت ۾ درويش ٿيو. هندو ۽ مسلمان معتقد هئس. مست مجذوب ٿي گذريو آهي. ڪتاب ”تحفتہ الڪرام“ وارو لکي ٿو ته هڪڙي ڏينهن ڀنگ ويٺي ٺاهيائين ته هڪڙو مست اُٺ جهنگ مان اچي مٿان بيٺس. خدا جي يادگيريءَ ۾ اهڙو محو هو جو ڪنڌ کڻي، ان کي ڏسي، ڀانيائين ته خدا پاڻ اچي نڪتو آهي! چوڻ لڳس ته ’خدا سائين، ڀلي آئين، جيءُ آئين، ويهه ڳالهڙيون ڪريون ۽ پيالا پاڻي پيون!‘ ايتري ۾ اُٺ وري موٽي وڳ ڏانهن ڀڳو. شيخ طاهر پٺيان پيس. منٿون ڪندو ويس ته ذرو ترسي، رُسي نه وڃي. نيٺ موٽي اچي پنهنجي ڪونڊي تي ويٺو.

    شيخ ڀِرڪيو، آچاري، ڪاتيارن وارو، ۽ وطايو فقير ٺٽي وارو، ۽مير محسن شاهه سائينداد جي ٽنڊي وارو، مجذوب اوليائن مان هئا.

    پچاڙيءَ ۾ سعيد ڪاشانيءَ ٺٽي واري جو مثال ڏيندس، جو مجذوب شاعر هو. ’سرمد‘تخلص هوس. اصل فرنگي يا ارمني ڪرسچن هو، جو پوءِ مسلمان ٿيو. شاهجهان بادشاهه جي وقت ۾ آيو، ۽ شهزادو دارا شڪوه سندس گهڻو معتقد هو. اگهاڙو گهٽين ۾ گهمندو وتيو، ۽ شريعت جي برخلاف ڪلام چوندو هو. آخر مٿس ڪفر جي فتوا جاري ڪيائون، ۽ 1071 ۾ قتل ڪري ڇڏيائونس. ڪن ڏينهن کان پوءِ، جنهن قاضيءَ اها فتوا ڏني هئي، تنهن کي وري سندس قصاص ۾ قتل ڪري ڇڏيائون. ’سرمد‘ جي ٻن رباعين ڪري هن کي قتل ڪيائون، سي هي آهن.

    ’سرمد‘، اگرش وفا ست خود مي آيد،ور آمدنش رواست خود مي آيد؛
    بيهوده چرا در پيء اُو ميگردي،بنشين، اگر اوخدا خود مي آيد.

    (يعني ماڻهو خدا جي پٺيان ڇو ٿا رلن: ماٺ ڪري ويٺا هجن، جي سچ پچ هو خدا هوندو ته پاڻهي وٽن ايندو.)

    اَنڪو ڪہ سرّ حقيقتش ياور شد،خود پهن تر از سپيهر پهناور شد:
    مُلاّ گويد ڪہ بر شد بفلڪ، ’سرمد‘ گويد، فلڪ باحمد در شد.

    (يعني معراج ۾ نبي پاڻ عرش تي نه ويو هو، پر عرش هيٺ لهي وٽس آيو هو.)

    چون ٿا ته قتل ٿيڻ وقت جڏهن ترار جي هيٺيان ڪنڌ رکيائين، تڏهن منهن مٿي ڪري، جلاد جي منهن ۾ نهاري، کِلي، هي بيت پڙهيائين:

    شوري شد و از خوابِ عدم چشم ڪشوديم،
    ديديم ڪہ باقي ست شب فتنہ، غنوديم.

    (دنيا جي گوڙ تي، عدم جي ننڊ مان اک کوليم: ڏٺم ته فتني جي رات اڃا کُٽي ڪانهي، سو وري سمهي پيس!)
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو