• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪلاڌر مُتوا (ڪڇ ڀُڄ، هندستان جو سنڌي ليکڪ)

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن

29350719144_4b23b803c6_o.jpg

ڪڇ-ڀُڄ هندستان جي علائقي ”ٻني“ جي ڳوٺ پناهواري جو هي سنڌي دوست آهي جنهن جو نالو آهي ڪلاڌر مُتوا. 1967ع ۾ جنم وٺندڙ ڪلاڌر جي تعليم بي اي گُجراتي آهي ۽ گُذر سفر پنهنجي ذاتي ڪاروبار تي اٿس. مادري زبان سنڌي آهي پر پاڻ ڪڇي، هندي، اردو، گجراتي ۽ انگريزي پڻ ڳالهائي سگهي ٿو. ادب سان لڳاءُ آهي. مختلف رسالن ۾ لکندو رهي ٿو ۽ 13 ڪتاب پڻ ڇپيا اٿس جن مان 7 پنهنجا ۽ 6 ترجمو ڪيل آهن. پنهنجي ادبي ڪم عيوض کوڙا سارا ايوارڊ ماڻيندڙ هي هند ڄائو سنڌي مختلف ادبي ميڙاڪن ۾ پڻ ويندو رهي ٿو جتي پنهنجو ڪيل ڪم پيش ڪرڻ تي کيس خوب مڃتا ملي ٿي. سنڌ کان ڪهي ويل سنڌي اديبن جي مهمانوازيءَ ۾ پڻ پيش پيش رهي ٿو.
 
Back
Top