نثارابڙو
نائب منتظم
اوهانجي منهن تي هڪ مشڪ اهڙي روشني آهي ، جنهن سان ٻيا ماڻهون اوهانجي اندر جي خيال رکندڙ، حساس ۽ پيار ڪندڙ انسان کي جاچي وٺندا آهن ...
بيشڪ زندگي ننڍڙي آهي پر مشڪڻ کي صرف هڪ سيڪنڊ کپي ٿو ...
اکين ۾ موجود هر هڪ ڳوڙهي جي پويان هڪ مشڪ هوندي آهي ...
مشڪ سان منهن تي پئدا ٿيندڙ وڪڙ سان زندگيءَ جا ٻيا وڪڙ سڌا ٿي ويندا آهن ...
سٺو پاڙيسري اهو آهي جيڪو اوهانکي مشڪ سان ملندو هجي پر اوهانجي ڪنهن به معاملي ۾ مداخلت نه ڪندو هجي ...
جيڪڏهن ڪنهن دوست کي اوهان بغير مشڪ جي ڏسو ته، اوهان کيس پنهنجي مشڪ سان سندس مشڪ واپس آڻي سگهو ٿا ...
هلڪي مسڪراهٽ چپن تائين هوندي آهي، ٿوري وڌيڪ مسڪراهٽ اکين تائين پهچندي آهي، هلڪي کل پيٽ وٽان نڪرندي آهي پر سٺي کل روح کان نڪرندي آهي ۽ ٽهڪڙن جا ڦوڪڻا هر طرف اڏرندي محسوس ٿيندا آهن ...
ڇاڪاڻ اوهان هر گهڙيءَ مشڪندا رهو ٿا انڪري ئي اوهانجي زندگي سهڻي آهي ...
مشڪ پيار جي ٻولي آهي ...

مانجهي مڙس اهي آهن جي مشڪل ۾ مشڪندا آهن، کلڻ جي سگهه تڪليفن مان گڏ ڪندا آهن ۽ سندن منهن تي بهادريءَ جا آثار نظر اچڻ لڳندا آهن ...
مشڪ اوهانجي چهري تي بغير ڪنهن خرچ جي تازگي آڻيندي آهي ....
دنيا جي سڀني ماڻهن جي مشڪ جي زبان هڪ ئي هوندي آهي ...
ٻار هڪ ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 400 دفعا مشڪندا يا کلندا آهن، جڏهن ته وڏا ماڻهون 15 دفعا، ايئن ڇو؟
رحمدليءَ جي بين الاقوامي ٻولي آهي دلي مشڪ ...
جيڪڏهن مونکي اها خبر پوي ته منهنجي هڪ مشڪ ڪنهن ماڻهونءَ جي سڄي ڏينهن جو بار هلڪو ڪري وجهندي ته آءُ پنهنجي مشڪ ڪڏهن به نه روڪيان ... ڇا اوهان روڪيندا آهيو؟
مشڪ ڏيو ۽ دل سان کلو، ڇاڪاڻ ته انسان جي مشڪ رب العالمين جو بهترين تحفو آهي ... ڪڏهن ڪڏهن آءُ سوچيندو آهيان ته ڇا ٻين حيوانن کي مشڪ جهڙو تحفو مليل آهي ...؟؟؟

مهربان دوستو! مشڪ ڏيو، کلو ۽ روشن رهو ... مشڪندڙ مهانڊا ڪيترا نه وڻندڙ هوندا آهن، اوهانجو چهرو پڻ کلڻ سان مشڪڻ سان سهڻو لڳندو آهي ...
