مخدوم فضل الله پاٽائي:

مير سردار چنڙ

سينيئر رڪن
مخدوم فضل الله پاٽائي:
سردارچنڙپاٽائي
مخدوم فضل الله پاٽائي، سيوهڻ جي صديقي خاندان مان هڪ وڏو عالم ۽ اهلِ دل بزرگ ٿي گذريو آهي. سيوهڻ کان لڏي پاٽ ۾ اچي رهيو ۽ ۽ تدريس جي عمل ۾ مشغول ٿيو. پاٽ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ سبب پاٽائي مشهور ٿيو. ابتدائي تعليم مخدوم محمد عارف سيوهاڻي ۽ عبدالواحد سيوهاڻي کان سيوهڻ ۾ حاصل ڪيائين. طريقت ۽ خلافت جو خرقو مخدوم محمد يوسف کنيارويءَ کان حاصل ڪيائين. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويءَ جو وڏو خليفو هو.
مخدوم فضل الله هڪ وڏو عالم ۽ فارسيءَ جو وڏو شاعر هو. سندس مختلف تحريرن جا مسودا سنڌ جي مختلف قديم ڪتبخانن ۾ موجود آهن. مخدوم فضل الله جي تصنيفن مان ”اصلاح المصلح“ (فارسي) گهڻي شهرت ماڻي. ان جو ترجمو مخدوم محمد نور لاڙائي ڪيو. هن وڏي فقيهه ۽ محدث 1290هه/1873ع ۾ وفات ڪئي
 
مخدوم صاحب رحمت الله عليه جي مختصر سوانح بابت ادا زاهد سومرو جن جو هي موضوع http://sindhsalamat.com/threads/5155/


درگاھ جي سامهون ورتل هڪ يادگار تصوير
M3g4U6.jpg
 
Back
Top