ڳوٺ سڌار سنگت پاٽ:

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2016۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    سردارچنڙ پاٽائي
    پاٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن پاٽ:
    پاٽ جيڪو تاريخي شهر آهي، علم، ادب ۾ سڄي دنيا ۾ مڃتا ماڻي چڪو آهي. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان رهواسي ڪوشان رهيا آهن ۽ سماجي ثقافتي علمي ادبي مسئلا اعليٰ حڪام تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. هي تنظيم 9 سيپٽمبر 2003ع تي رجسٽر ٿي آهي
    سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاٽ:
    سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاٽ رجسٽر تنظيم آهي. هن تنظيم کي محڪمه سوشل ويلفيئر مان سال 1983ع ۾ رجسٽر ڪرايو ويو آهي. پاٽ شهر جي سماجي ثقافتي مسئلن کي اعليٰ حڪام تائين پهچائڻ لاءِ تنظيم جا اڳواڻ سرگرم عمل آهن.
    تنظيم سنڌ شهري اتحاد پاٽ شريف:
    تنظيم سنڌ شهري اتحاد جو بنياد 1997ع ۾ پيو. هن تنظيم جا عهديدار ۽ ورڪر شهر جي سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. شهر جا خصوصي مسائل جن ۾ نڪاس آب، بجلي گئس، صحت صفائي ۽ تعليم تي ڌيان ڏئي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن.

    ڳوٺ سڌار سنگت پاٽ:
    شهر جي معززين ۽ نوجوانن گڏجي هڪ تنظيم ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان قائم ڪئي آهي. هن تنظيم جي اڳواڻن شهر جي فلاح بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. شهر ۾ صحت، صفائي، بجلي ۽ روڊ رستن جي تعمير لاءِ ڪوششون ڪيون
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ڪوشش آ ، اگر هر ڳوٺ ۾ اهڙي ڳوٺ سڌار سنگت هجي ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجا ۽ شهر جا مسئلا حل ڪجن يا ڪرائجن ته ڪافي بهتري ٿي وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو