جيوت سنگهه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2016۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    تحرير: رياضت ٻرڙو

    جيوت سنگهه

    جيوت سنگھ قنبر شهر جو نامور ساڌو ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس پيدائش قنبر شهر ۾ 1840ع ۾ ٿي. سندس تعلق خوشحال ڪٽنب سئناڻي سان هو. ساڌ سنگت ڏانهن لاڙو ننڍپڻ کان ئي رکندڙ ۽ راڳ رنگ جو شوقين هو. سنڌيءَ سميت فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. سندس تربيت شڪارپور جي مهراج شنڪر ڀارتيءَ ۽ هالا جي سنت ولايت راءِ کتريءَ وٽ ٿي. هن کي ولايت راءِ کتريءَ وٽ ٽوڻي ڦيڻي لاءِ سندس وڏو ڀاءُ ديوان شامداس سئناڻي وٺي ويو هو، پر فقيري اثر ۾ اچي ويو ۽ ان جي صحبت ۾ ئي شاعري به ڪرڻ لڳو. کيس فارسي ٻوليءَ جي به ڄاڻ هئي. والي ولايت راءِ جي قنبر ۾ اچي رهڻ کان پوءِ، کيس گُرُو ڪيائين. سندس تخلص ”جيوت“ استعمال ڪيل آهي. جيوت سنگھ جي ڪافين تي مشتمل ڪتاب 1906ع ۾ پوڪرداس ڇپايو، جن ۾ ويدانت جا ويچار آهن. جيوت سنگھ جي شاعريءَ ۾ مجازي شاعريءَ سوڌو عارفاڻي شاعريءَ جا عڪس سمايل آهن، جن ۾ مستيءَ جون موجون نظر اچن ٿيون. هن والي ولايت راءِ جي ديهانت کان پوءِ ’قنبر درٻار‘ سنڀائي. جيوت سنگھ جي وفات 1899ع (1317ھ) ۾ ٿي. سندس سماڌي شوالي محلي ۾، درٻار ۾ آهي. هتي سندس ڪجھ شاعري پيش ڪجي ٿي:
    (1)
    چندين ڪيڙا حسن تنهنجي، دانا ديوانا مستانا.
    راتيان ڏينهان تنهنجي سڪ ۾، نيڻن هارين دُر دانا.
    عاشق سڪن ائين تنهنجي ڪاڻ، جيئن شمع تي پروانا.
    سدا تنهنجي سوز ۾ عاشق، رهن منجھ درد ديوانا.
    ”جيوت“ جند جان جانب تون، ڪريان مان يار قربانا.

    (2)
    تنهنجي خاطر هيءَ ٻانهي، گھمي ٿي مست ديواني.
    هميشه يار هج مون سان، ٿئي مون سير سلطاني.
    ظاهر باطن سڀئي ڄاڻي، پسان صورت سبحاني.
    ڏسان پنهنجو پاڻ کي جاني، سيرت صورت ربّاني.
    ”جيوت“ نالو ناهي تنهنجو، آهين بي نام لاثاني.

    (3)
    سُتِي اُٿِي سُتِي پِيءُ،
    پيئڻ سان خوش ٿيندينءَ.
    ستگر پيالو پُر ڪري ڏنڙو،
    جنهن سان جڙيو جيءُ.
    جنهن هُئي سُتي مُڪت جي ڏنڙي،
    ڌن سو پيارا پيءُ.
    جن پيتو تن پُرجھيو پِر کي،
    تن کي ڪونهي سيءُ.
    ”جيوت“ دم دم پيءُ دوا تون،
    پِي پِي پَرسن ٿيءُ.
    (4)
    سدا دوست دلڙي، اوهان کي ٿي ساري،
    بنا يار تنهنجي، گھڙي دم نه گھاري.

    هميشه منهنجو دم سندءِ نانءُ اچاري،
    سواءِ تنهنجي نالي، ٻيو دل نه ڌاري.

    پڙهي ”قُمۡ بِاذۡنِي“ وِڌيَوَ دل اُجاري،
    تپت سڀ خوديءَ جي ڇڏيو يار ٺاري.

    ڪيَوَ مست ”جيوت“ کي پيالو پياري،
    وِڌَوَ يار رڱي، نظر سان سهاري.

    (5)
    مام مرشد سان ويِڙو حجاب، جت ڪٿ جانب ظاهر.

    نالا ذاتيون ائين خلق ۾، جل مٿي جئن آهن حُباب،

    بنا دلبر ٻيو ڪجھ ناهي.
    عشق جانب جي دل منهنجي کي، ڪَيَڙو آهي ڪباب،

    سدا دلبر دل ۾ آهي.
    هج هميشه يار سان رلمل، ناهي پوءِ ڪو ڏوھ ثواب،

    ظاهر باطن اهو ئي آهي.
    مام مرشد جي سيني ”جيوت“ ۾، هر دم وڄي ٿو چنگ رباب،

    راتيان ڏينهان ٻي وائي ناهي.
    (6)
    هوري کيلان مان تو سان،
    دلڙي ٻڌي آهي دلدار تو سان،
    منڙو اڙيو آهي منٺار تو سان،

    سِڪ تنهنجيءَ جو سندُور گھرايان،
    تلڪ ڏئي مان سانگ بڻايان،
    سانگ به سونهيم سار تو سان.

    جيوت رلمل تو سان رهان مان،
    جاڏي ڏسان ٻيو ڪو نه لهان مان،
    ائين رکان وهنوار تو سان.

    (7)
    توڙ پرين مون پڄائيندو، اٿم اميد اها يار سڄڻ ۾.
    دنيا جو سمنڊ نام جي ٻيڙي، پاڻ ملاح ٿي لنگھائيندو.
    ناهيم پيسو، ناهيم چرچو، ڇڪ کان پاڻ ڇڏائيندو.
    ڪچو دلو ۽ جوش درياهه ۾، ڪُنن کان ڪنت بچائيندو.
    ”جيوت“ جنهن کي اوٽ اللھ جي، تنهن کي ڪير ستائيندو.
     
    عبدالغني لوهار ۽ ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو