• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنهن شرابن طهورا لاء تسبيع پڙھي

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
ڪنهن شرابن طهورا لاءِ تسبيح ڪئي

“نظم“
عبدالمنان مرهم ڪڍڻ

ڪنهن شرابن طهورا لاء تسبيع پڙھي
ڪنهن انگورن جي لالچ تي سجدا ڪيا
ڪو لائق عبادت سمجهي جُهڪيو
ڪنهن جَهنم جي دڙڪن کان خُطبا چَيا
مون به چاهيو ته مان تنهنجو نالو وٺان
تنهنجي تسبيع پڙھان توکي هر هر جهڪان
پر منهنجي مقدر ۾ اهڙي هئي نوڪري
تنهنجي سجدي ڪرڻ جي نه مُهلت مِلي
مان جي توکي جُهڪيس پئي ته منهنجا ٻچا روز گوڏا وجهي پيٽ ۾ ٿي سُتا
 
Back
Top