ڪنهن شرابن طهورا لاء تسبيع پڙھي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2016۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڪنهن شرابن طهورا لاءِ تسبيح ڪئي

    “نظم“
    عبدالمنان مرهم ڪڍڻ

    ڪنهن شرابن طهورا لاء تسبيع پڙھي
    ڪنهن انگورن جي لالچ تي سجدا ڪيا
    ڪو لائق عبادت سمجهي جُهڪيو
    ڪنهن جَهنم جي دڙڪن کان خُطبا چَيا
    مون به چاهيو ته مان تنهنجو نالو وٺان
    تنهنجي تسبيع پڙھان توکي هر هر جهڪان
    پر منهنجي مقدر ۾ اهڙي هئي نوڪري
    تنهنجي سجدي ڪرڻ جي نه مُهلت مِلي
    مان جي توکي جُهڪيس پئي ته منهنجا ٻچا روز گوڏا وجهي پيٽ ۾ ٿي سُتا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو