طلب آ تنهنجي، سدا تات پيارا
مولانا دين محمد ”اديب“ فيروزشاهي
طلب آ تنهنجي، سدا تات پيارا
ٿو روئندي گذاريان، سڄي رات پيارا.
تصور ۾ تصوير آهي سدائين،
اٿم نلم تنهنجو سدا وات پيارا.
اهو وقت ڪهڙو هئو مثل جنت،
دريءَ مان چيئي جو مون کي هات پيارا!
تنهنجي وصل لئي روز شب ٿو پڙهان مان،
دما دم دعائون ۽ صلوات پيارا.
”اديب“ ۽ ضعيف آهيان جڏهن طالب،
نه ڪر پوءِ تون ڌار، هيهات پيارا.