• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ارسطو ۽”پوئٽيڪا“

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
”جنهن دور ۾ ارسطو موجود هو ان دور ۾ لکڻ لاءِ پنو به اڃا ايجاد نه ٿيو هو، ان دور ۾ پٿرن ۽ چمڙي کلن تي لکيو ويندو هو. يونان ۾ هر قسم جي علم جي ڄاڻ کي گڏ ڪيو ويو.
ارسطو چيو ته ٽريجڊي عام ماڻهو کان ڪمتر انسان لاءِ نه هوندي آ، ڪاميڊي علم، عقل ۽ حيثيت ۾ گھٽ ماڻهن تي ٿيندي آهي. مزاح سان ڪنهن به ماڻهوءَ جي اصلاح نه ٿي ٿئي. ان ڪري هن ٽريجڊي کي گھڻي اهميت ڏني آهي.
23 سئو سال گذرڻ باوجود اڄ ڪهاڻي جتي به آهي ارسطو جي ٻڌايل بنيادي نقطن تي بيٺل آهي. سانحو عظيم، سنجيده ۽ بهتر انسانن لاءِ هوندو آهي،
ٽريجڊي جو خاص عنصر ڪٿارسز آهي. ڪهاڻي ۾ عام انسان جي ننڍڙي غلطيءَ کي سانحي جو روپ ڏنو ويندو آهي
جيئن اسان جي سنڌي ادب ۾ شاهه لطيف جا ڪردار ننڍڙي غلطيءَ سبب سانحي جو شڪار ٿين ٿا ۽ پوءِ انهن جي ڪهاڻيءَ جي ابتدا ٿئي ٿي پوءِ ڪردار لاعلميت کان علميت ڏانهن سفر ڪري ٿو ۽ مٿس راز ظاهر ٿين ٿا ۽ آخر ۾ انهن ڪردارن جو انت هر صورت ۾ ٿئي ٿو.
سانحي جا 6 ترڪيبي جزا آهن، پلاٽ، ڪردار، ٻولي، فڪر، منظر ۽ موسيقيت. ارسطو جماليات تي ڳالهائيندي چوي ٿو ته ”دنيا ۾ ٻه انتهائون آهن ۽ انهن ٻنهي انتهائن جو وچ نيڪي آهي، ڪابه شيءِ انتها تي نه هئڻ گھرجي. هر شيءِ کي توازن ۾ هئڻ گھرجي“
”حسن اهو آهي جيڪو انسان کي روحاني ۽ ذهني مزو ڏي ۽ ان جو احساس ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻو“.
 
Back
Top