ڪـــــــــــــــــرپشـــــــــــــــــن

'مختلف موضوع' فورم ۾ ڪريم جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2016۔

  1. ڪريم جمالي

    ڪريم جمالي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلوبدعنواني يا عرف عام ۾ ڪرپشن آهي. جيڪڏهن ڪرپشن تي ضابطو آندو وڃي ته آءٌ اها ڳالھه خاطري سان چوان ٿو ته پاڪستان جا 90فيصد حل ٿي ويندا. ڪرپشن هڪ اهڙي برائي آهي جيڪا ٻين سڀني براين جي ماءَ آهي، پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته اسان جون حڪومتون ٻين مسئلن کي ته حل ڪرڻ لاءِ ڪاوشون ڪن ٿيون پر ان بنيادي برائي کي ختم ڪرڻ لاءِ خاطر خواه قدم کڻن لاءِ تيار ئي ناهن جنهن جي ڪُک مان روزانو سوين مسئلا جنم وٺن ٿا. هن وقت پاڪستان جو سڀ ڪا اهم مسئلو دهشت گردي آهي جنهن پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان رسايو آهي. اسان جي فوج پوري قوت سان دهشتگردي سان مقابلو ڪري رهي آهي پر اها مڪمل طور تي ڪاميابي تڏهن ئي حاصل ڪري سگهندي جڏهن ڪرپشن کي ختم نٿو ڪيو وڃي ڇو ته ڪرپشن جي ذريعي دهشتگرد آساني سان هر جاءِ تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اسان جي رياستي ادارن ۾ هيٺان کان مٿين سطح تائين انتهائي درجي جي ڪرپشن ٿئي ٿي، اها ڳالھ هر ڪنهن تي روشن آهي ته اسان جي ملڪ جو اهو ڪهڙو ادارو آهي جنهن ۾ ڪرپشن نٿي ٿئي؟ ڪرپشن جي ڪري ملڪ کي هر طرح سان نقصان ٿئي ٿو جنهن جو مختصر ذڪر سلسليوار ڪجي ٿو.
    1. مالي نقصان: اها ڪرپشن ئي آهي جنهن جي ڪري ملڪ کي روزانو اربن جو نقصان پوي ٿو. اها آمدني جيڪا ملڪي خزاني ۾ وڃڻ گهرجي ان جو وڏو حصو اعلي عملدارن جي کيسي ۾ هليو وڃي ٿو ۽ انهن عملدارن جي پشت پناهي ڪير ٿو ڪري اها خبر پاڪستان جي هر عاقل بالغ، ننڍي وڏي کي آهي. ٽئڪس وٺندڙ عملو ڪرپشن جي ڪري پوري طرح سان ٽئڪس اوڳاڙي ڪري ئي نٿو. زرعي زمينن تي جيڪا ڍل ورتي ٿي وڃي اها به تپيدارن جي ڪرپشن جي ڪري 50 فيصد به سرڪاري خزاني ۾ جمع نٿي ٿئي.
    2. اجتماعي قومي معاشرتي نقصان: ڪرپشن کڻي ڪھڙي به قسم جو ڇو نه هجي ان جا معاشري تي انتهائي خراب اثر پون ٿا جنهن سان معاشرو ارتقا نٿو ڪري سگهي پر ان جي ابتڙ جمود جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اسان جي ملڪ کي به قومي سطح تي ڪرپشن جي ڪري تمام وڏو هاڃو رسيو آهي. ڇا اها ڳالھ ڪنهن الميي کان گهٽ آهي ته اسان جو معاشرو ڪرپشن کي پنهنجي زندگي جو حصو ٺاهي چڪو آهي. اسان ۾ گهڻائي انهن ماڻهن جي آهي جيڪي رشوت ڏيڻ وٺڻ کي برائي ئي نٿا سمجهن. اسان جو معاشرو عمومن پورو پاڪستان ۽ خصوصن سنڌي معاشرو ته جمود جو شڪار ٿي چڪو آهي. اسان
    3. انفرادي نقصان: جڏهن معاشري ۾ ڪو بگاڙ ايندو آهي ته ان جو اثر فردن تي به پوندو آهي. ائين کڻي چئجي ته معاشري ۾ ايندڙ بگاڙ جو سبب به فرد ئي هوندو آهي. سڀ کان اول برائي معاشري جي ڪنهن هڪ فرد يا گروھ ۾ ايندي آهي پوءِ ڪنهن وچڙندڙ بيماري وانگر معاشري ۾ پکڙجندي آهي. بهرحال ڪرپشن جو سبب به ڪو فرد يا گروھ ئي هوندو. ڪنهن فرد جو بدعنواني يا ڪرپشن ڪرڻ جا سبب ڪيترائي ٿي سگهن ٿا انهن مان اهم سبب غربت ۽ معاشرتي ظلم جبر، ڏاڍ ڏهڪاءُ، ناانصافي، عدم مساوات يا اڻبرابري وارو سلوڪ وغيره ٿي سگهن ٿا. جڏهن ڪو هڪ فرد ڪرپشن جي ذريعي مٿي ڄاڻايل مسئلن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ ان جي ڪا پڪڙ نٿي ٿئي ته معاشري جا ٻيا فرد به اهو رستو اختيار ڪن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو