• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت عبدالرحيم گروهڙي شريف جون پيشنگويون.

قريشي شبير احمد

سينيئر رڪن
حضرت عبدالرحيم گروهڙي شريف جون پيشنگويون.
سچ لڳن پيون. سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون.
1. لڳندي لاڙان، سونچو(شور، غوغا) ٿيندو سري ۾.
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي جوکو قنڌارن.
2. لنڊن ۾ لنگور کي گولا گهاء ڪندا
لڳندس ڪان ڪراچي ۾، ويندس دهلي هٿا.
3. سنڌ ڦربي، ڦڪي ٿيندي، ٿيندي ڀت وڀت
ايندي انهن جي هٿ، جن کي ترس نه پوندو تر جو.
4.اتر مان مٿي اگھاڙا ايندا، هتي اچي ديوليون وانگر مسجدون جوڙيندا. ڪثرت سان نماز روزہ ڪندا. مگر انهن جي ڪابه نماز قبول نه پوندي، ڇاڪاڻ ته هنن جون دليون حسد بغض سان ڀريل هونديون.
5.پنڌ کٽندا سنڱ ٽٽندا ،مند نہ وسندا مينهن.
ادب ويندو، حيا ويندو، لڄ نه رهندي ليه.
راجا راڪاس ٿيندا، گولا پيئندا گيھ
تون آهين ته شينهن پر توکي سلام ڪرڻو
پوندو سهي کي.
 
سائين مٿيون بيت مون گرهوڙي شريف وارن جو سمجهيو هو پر .....هينئر مون ڪٿي ڏٺو ته اهو ماموئي فقيرن جو آهي .جيڪو سومرن دور حڪومت ۾ سندن زواليت ڏانهن اشاري ۾ چيل آهي
 
Back
Top