ڪاڪو ڪوڙو خان ۽ وريام

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2016۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڪاڪو ڪوڙو خان ۽ وريام پاڙيسري هئا .هڪ ڏينهن ٻڪري کي پاڻي پيارڻ جو تو تڪار ٿي .وريام ڪاڪي کي مٿي تي مُڪ هنئي .ڪاڪي کي ڀنواٽي لڳي ڪاوڙ ۾ کٽ جو پايو وريام کي مٿي تي اهڙو ته هنيائين جو رت وهڻ لڳو.ماڻهو کڻي اسپتال ويس.
    ڪاڪو پريشان ڪنهن ڏاهي ڏس ڏنس ته ڏوه تنهنجو آهي پر جي تون اڳواٽ ايف آئي آر داخل ڪندين ته تنهنجي ڳاله ۾ وزن ايندو.....ويو ٿاڻي ايس ايڇ او سندس سامهون ايف آئي ار جو مينو رکيو ،جيترا پيسا اوتري مضبوط رپورٽ....(10 هزارن کان لک تائين)....آخرڪار 30 هزار ۾ سودو طي ٿيو.پنهنجي اڪيلي مينهن ايمرجنسي ۾ سستي اگه تي وڪرو ڪري ،رپورٽ داخل ڪيائين.ايس ايڇ او حڪم ڪيو ته ميڊيڪل رپورٽ آڻ ........
    سائين حاضر ٿيو سول سرجن وٽ ان پنهنجو مينو(8هزارن کان 80 تائين) سامهون رکيو.
    ڪاڪو 14 هزارن تي راضي ٿيو ...سستي رپورٽ ٺهي پيٽ ۾ اندروني ڌڪ.....
    رپورٽ ۾ جان وجھڻ لاء ڊاڪٽر ليبارٽري مان رپورٽ لڳائن جي فرمائش ڪئي.
    ليبارٽري واري ڪوڙي رپورٽ جو مينو ڏنو(5 کان 55 هزار)..... ڪاڪي جيب ڳوليو 7 هزار جي رپورٽ ٺهي .آندن ۽ پيشاب جي نلي تي سوڄ جا آثار.
    ڪاڪو رپورٽ کڻي ٿاڻي پهتو هاڻي ملزم جي گرفتاري لاء 15سپاهي جمعدار .موبائيل وين،واٽ خرچ ٻيڙي سگريٽ ،ماني ،ملزم کي ڏنڊا ٻيڙي هڻن ۽ تنگو ٽالي يا صرف موتر سائيڪل تي کڻي اچڻ جا مختلف ريٽ هئا.ڪاڪي وري جيب کي هٿ هنيو بچيل 8 هزار نڪتا. موٽر سائيڪل تي وريام کي اسپتال مان ڪڪڙ بنائي لاڪ اپ ڪيائون. گرفتاري وقت ٻه ٽي مڪون به هنيائونس في مڪو اڍائي سو روپيه.
    جڏهن ٻنهي ڌرين جو مٿو جاء آيو ته ايس ايڃ او کين ويهاري ٻن ڏاندن جي آکاڻي ٻڌائي ته ڪينئن ٻنهي جي ويڙه ڪري هو شينهن جو شڪار ٿي ويا.
    ٻنهي ڌرين کي صلح صفائي ۽ امن سان رهڻ جي تلقين ڪئي ڪاڪي هڪدم ها ڪئي ٻئي ڌريون ٺهي ويون ....سرڪار جو قيمتي وقت برباد ڪرڻ جي مد ۾ ٻئي ڌريون 10_10 هزار اضافي ڀري گھر موٽيا.مولا جو شڪر ادا ڪيائون ته وڪيل صاحب ۽ جج صاحب جي مينو کان بچي ويا...........
     
    سليمان وساڻ ۽ شاه محمد سڌايو هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو