لِساني انجنيئرڱ ۾ سنڌي رسمالخط جي افاديت
احسان احمد عرساڻي
ڳڻپيوڪر Computer اسان جي زندگيءَ جو اڻٽٽ حصو بڻبو پيو وڃي. برقياتي ڳڻپيوڪر Electronic Computers پهريون ڀيرو 1940ع واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ سامهون آيا، جيڪي جسامت ۾ تمام وڏا، تمام گھڻي برقي توانائيءَ جا گھُرجائو، سست، ۽ استعمال ۾ ڏکيا هئا. اهي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي کڻي وڃڻ جي لحاظ کان هيڪاندا وڏا هئا. تنهن ڪري اهي تمام ٿورن مقصدن ۽ ماهر هٿن تائين محدود هئا. برقيات جي ميدان ۾ لڳاتار نواڻ ۽ تڪڙي پيشرفت سبب اڄ ڳڻپيوڪر انيڪ صورتن ۾ موجود آهي، ۽ گھر، اسڪول، دفتر، اسپتال، ڪارخاني، ۽ گاڏيءَ کان وٺي اسان جي کيسي تائين هر هنڌ موجود آهي. اڄ ان کي ڪو خاص ماهر نہ پر هر عام ماڻهو استعمال ڪري ٿو. اڄ اهو ڪنهن مخصوص ڪم لاءِ نہ پر لڳ ڀڳ هر ڪم لاءِ توڙي بنان ڪنهن ڪم جي بہ استعمال ٿي ٿو. اڄوڪو ڳڻپيوڪر ميز تي رکڻ جهڙو بہ آهي، جوٽَ تي رکڻ جهڙو بہ آهي تہ تِريءَ تي رکڻ جهڙو بہ. باهمڄار Internet جي مدد سان اهو اسان کي سموري گھربل معلومات تِريءَ تي ميسر ڪري ڏي ٿو، گاڏيءَ ۾ اسان کي اهو رستو ڏَسي ٿو، دفتر ۾ اهو نہ رڳو دستاويز ٽائيپ ڪرڻ ۽ ڇاپڻ ۾ مدد ڏي ٿو، بلڪہ انهن کي سانڍي بہ ٿو. ڪارخاني ۾ اهو خودڪاريت Automaticity جو ذريعو بڻيل آهي، اسڪولن ۾ ڄاڻ جي فراهمي توڙي سکيا جو آسان وسيلو بڻيل آهي. ڳڻپيوڪر جا مٿي ڄاڻايل اڪثر مصرف ٻوليءَ جا محتاج آهن. جيئن انسان جو انسان سان ابلاغ يا رابطو ٻوليءَ جو محتاج آهي، تيئن انسان ۽ ڳڻپيوڪر وچ ۾ آسان ۽ فطري لهوچڙ بہ ٻوليءَ جي محتاج آهي. انسان جي خواهش هميشہ کان اها رهندي اچي تہ ڳڻپيوڪر رڳو ڪِي بورڊ ذريعي اسان کان تحريري هدايتون نہ وٺي بلڪہ زباني هدايتون وٺي ۽ انهن کي سمجھي انهن تي عمل ڪري، ۽ ساڳيءَ ريت اسان کي گھربل معلومات رڳو تحريري صورت ۾ نہ بلڪہ آوازي صورت ۾ بہ ڏي. ڇاڪاڻ تہ زباني گفتگو ئي انسان لاءِ ربطيات Communication جو فطري ترين رستو آهي. ان مقصد ۾ اسان کي ڪافي ڪاميابي بہ ملي آهي. پر دنيا جون چند جديد يعني ترقي يافتہ ٻولين کي ئي اهو اعزاز حاصل آهي تہ انهن ۾ بشر – ڳڻپيوڪر باهمرُوHuman-Computer Interface جُڙِي چُڪا آهن. اهڙين ٻولين ۾ انگريزي، فرانسيسي، اطالوي، اسپيني، ڊچي، روسي، چيني، جاپاني، ڪوريائي، ۽ ويندي عربي بہ شامل آهي. اهڙا باهمرُو تڏهن جُڙِي سگھيا جڏهن لِسانِي انجنيئرڱ Language Engineering جي شعبي ۾ اڳڀرائي ٿي. لِساني انجنيئرڱ دراصل ڳڻپيوڪر سائنس اندر هڪ تحقيقي ميدان آهي، جنهن جو مقصد اهڙيون الخوارزميون Algorithms سِرجڻ آهي، جن جي آڌار تي منطقگري Software جوڙي سگھجي، جنهن سان: 1. ڳڻپيوڪر ڪا تحرير پڙهي ٻڌائي سگھي 2. سڌو سنئون زباني طور چيل ڳالهہ کي سمجھي سگھي ۽ لکت ۾ تبديل ڪري سگھي 3. عڪس کي لکت ۾ تبديل ڪري سگھي 4. هڪ ٻوليءَ جي تحرير کي ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگھي گاڏيءَ ۾ لڳل ڳڻپيوڪر جڏهن اسان کي رستو ڏَسي ٿو، اسان کي ساڄي يا کاٻي مڙڻ يا سڌو هلندو رهڻ جون جيڪي هدايتون تحريري يا آوازي صورت ۾ ڏي ٿو، سي ڇا سنڌيءَ ۾ ڏي ٿو؟ نہ! اهڙي جديد منطقگري Software سنڌيءَ لاءِ ميسر نہ آهي. موبائيل فون، جيڪو اسان هٿ ۾ کڻي يا کيسي ۾ وجھي گھمون ٿا، سو بہ هڪ ڳڻپيوڪر آهي، جنهن ۾ انيڪ قسمن جي منطقگري Software موجود هوندي آهي. ان منطقگريءَ جو گھڻو تڻو ڀاڱو اهڙو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ سان هلي نہ ٿو سگھي. ان لحاظ کان سنڌي ٻولي تمام گھڻو پوئتي آهي. پر مارڪيٽ، يعني بازار جو اصول آهي – ڊمانڊ ۽ سپلاءِ ۾ توازن؛ مطلب تہ طلب ۽ رسد ۾ توازن. سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌي ماڻهن جي پنهنجي ٻوليءَ سان دغا جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال جيئن پوءِ تيئن گھٽبو پيو وڃي. تنهن ڪري ڪا بہ واپاري ڪوٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي منطقگري سِرجڻ لاءِ ناڻو ڪا نہ سيڙائيندي. مٿي ڄاڻايل چئن ئي ڪمن جو تعلق ڳڻپيوڪر سائنس جي ننڍ ميدان لِساني انجنيئرڱ سان آهي، جنهن کي ڳڻپيوڪري لسانيات Computational Linguistics پڻ سڏيو ويندو آهي. اها دراصل هٿرادو ذهانت Artificial intelligence جي ئي شاخ آهي. جيتوڻيڪ مٿي ڄاڻايل چئن ئي ڪمن لاءِ جوڙيل منطقگريءَ جو بنياد اهي الخوارزميون آهن، جيڪي ڪنهن بہ ٻوليءَ تي آڌاريل نہ آهن، پر پوءِ بہ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهڙي منطقگري سِرجڻ لاءِ ڳڻپيوڪر سائنس ۽ انهن الخوارزمين جي ڄاڻ لازمي آهي، جڏهن تہ ڳڻپيوڪر سائنس جو بنياد رياضيات آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي جديد منطقگري سِرجي وٺڻ جو ڪو بہ چور رستو يا شارٽ – ڪٽ نہ آهي. ان لاءِ اهو ئي رستو اختيار ڪرڻو پوندو، جيڪو ٻين ٻولين لاءِ ڪيو ويو آهي. مطلب تہ ڳڻپيوڪر سائنس جي مقررشده قاعدن ۽ طريقن تي عمل ڪندي سنڌي ٻوليءَ لاءِ مساوي تحقيق ڪرڻ کان پوءِ ئي گھربل منطقگري جُڙِي سگھندي. بدقسمتيءَ سان معياري تعليم جي اڻهوند، نتيجتاً قابل ماڻهن جي کوٽ سبب سنڌي ماڻهن ۾ محنت کان ڀڄڻ، چور رستو ڳولي لهڻ، نعري بازي ڪري، يا نانيءَ ويڙهو ٺاهي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي سستي شهرت حاصل ڪرڻ جو رجحان وڌي ويو آهي. ان ڪري ڪو بہ بنان ڪنهن سائنسي ڄاڻ جي پاڻيءَ سان ڪار هلائي عظيم ترين سائنسدان ٿي وڃڻ، يا وري "سنڌي ڳڻپيوڪريءَ Computing جو باني" ٿي وڃڻ جون دعوائون ڪري ٿو وٺي ۽ ڊگھي عرصي تائين سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ ۾ ڪامياب ٿو رهي. سنڌين کي سائنس جي تعليم ڏيندڙ سڀ کان وڏي يونيوريسٽي جامعہ سنڌ آهي، جتي ڳڻپيوڪر سائنس ۾ بيچلر آف سائنس جي پروگرام ۾ داخلا انهن کي بہ ڏني وڃي ٿي، جن جي انٽرميڊيئيٽ پِرِي ميڊيڪل ۾ پاس ڪيل هوندي آهي. اهڙن شاگردن کي اڪثر رياضيءَ جي ڄاڻ بنهہ ٿوري هوندي آهي. تنهن کان پوءِ جامعہ سنڌ اندر تعليم جي سڀاوَ جي بہ هاڻي سڀ ڪنهن کي خبر آهي. نتيجي طور اسان سٺا ڳڻپيوڪر سائنسدان پيدا ڪرڻ جا اهل ئي نہ رهيا آهيون. اسان وٽ اهي ادارا ئي موجود نہ آهن. ان صورتحال ۾ چند ماستر، جيڪي سنڌي فانٽ جوڙي يا ڪي ويب سرزمينون Websites جوڙي، يا وري سنڌي ٽيڪسٽ ٽائيپ ڪري سگھڻ لاءِ ڪِي بورڊ جوڙي پاڻ کي ڳڻپيوڪر جو عظيم سائنسدان ۽ سنڌي ڳڻپيوڪريءَ جو باني سڏائي رهيا آهن. پر جيستائين سستي شهرت ڪمائڻ جو تعلق آهي، اوستائين تہ خير آهي جو اهو تہ اسان جي سماجي حالتن ۾ سندن "حق" بڻيل آهي. پر هاڻي صورتحال سنگيني ان ڪري اختيار ڪري وئي آهي جو اسان جا اهي عظيم ڳڻپيوڪر سائنسدان سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪجھہ وڌيڪ ڪري سگھڻ ۾ ناڪاميءَ جو سبب خود سنڌي ٻوليءَ جي معياري رسمالخط کي ڄاڻائي رهيا آهن. اردوءَ ۾ هڪ چوڻي آهي، "آتا نهين هي جنهين ناچنا، ڪهتي هين آنگن ٽيڙها هي". بلڪل ساڳيءَ ريت سنڌي گفتگو کي پروڙي ان کي لکت جي صورت ڏيڻ وارو سرشتو Speech-to-Text System نہ جوڙي سگھڻ تي اسان جا عظيم ترين ڳڻپيوڪر سائنسدان ۽ سنڌي ڳڻپيوڪريءَ جي خودساختہ بانيءَ جا پيروڪار هاڻي ان نتيجي تي پهتا آهن تہ خرابي سنڌي ٻوليءَ جي رسمالخط ۾ آهي. اهڙي دانهن هُو سنڌي ٻولي اختياريءَ جي اڳوڻي نشستمان محترمہ فهميده حسين ميمڻ وٽ کڻي ويا. محترمہ "لسانيات جي ماهر" تہ اڳ ۾ ئي هئي، جنهن لِساني انجنيئرڱ جو "ڳوڙهو" مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ڪي ڏينهن اڳ ڪنهن سنڌي اخبار ۾ سنڌي رسمالخط کي بدلائڻ لاءِ "ماهرن" جي ڪاميٽي جوڙڻ جي رٿَ پيش ڪئي آهي. ان جو وڏو سبب تہ پاڻ اهو ئي ٻڌايو اٿائون تہ لِساني انجنيئرڱ جي ميدان اندر اڳڀرائيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هاڻوڪو رسمالخط رنڊڪ بڻيل آهي، پر ان کان سواءِ پاڻ سنڌي رسمالخط ۾ انتهائي بنيادي خاميون بہ ڳولي لڌيون اٿن، جيڪي اسان جهڙن مجهول ماڻهن کي "عقل جي انڌ" سبب ڪڏهن نظر نہ اچي سگھيون هيون. پر ان مضمون ۾ سڀ کان اهم ڳالهہ اها آهي تہ محترمہ انهن ماڻهن لاءِ مذهبي ڪٽرپڻي توڙي انتهاپسند قومپرست سوچ جي الزامن وارا نيزا ۽ ڀالا اڳ ۾ ئي تيار ڪري ورتا آهن، جيڪي لسانياتي اصولن جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جي معياري رسمالخط ۾ ڪنهن بہ تبديليءَ جي مخالفت ڪندا. "اسلام خطري ۾ پوڻ" وارا الزام لڳائيندي محترمہ انهن ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن وٽ امڪاني طور منطقي دليلن ۽ استدلال کان متاثر ٿيڻ جهڙو نُور موجود آهي. محترمہ سنڌي رسمالخط متعلق جيڪي گمراهڪُن ڳالهيون لکيون آهن، ۽ ان ۾ ڳڻپيوڪر ٽيڪنيڀياس جي گھُرجُن موجب تبديليون ڪرڻ جي حق ۾ جيڪو ڪجھہ لکيو آهي، تنهن تي آئون نڪتہ بہ نڪتہ بحث ڪندس تہ جيئن سنڌي نوجوانن کي گمراهہ ۽ پنهنجي ئي ٻوليءَ کان بدظن ٿيڻ کان بچائي سگھجي. سڀ کان پهريون اعتراض جيڪو محترمہ اٿاريو آهي، سو آهي تہ انگريزي ۽ ڪِن ٻين ٻولين ۾ اکر ٿورا ۽ آواز گھڻا آهن، جڏهن تہ سنڌيءَ ۾ ان جي ابتڙ آواز ٿورا ۽ اکر گھڻا آهن. جيتوڻيڪ ايئن هرگز بہ ڪونهي، پر محترمہ جو اشارو انهن اکرن ڏانهن آهي، جن جو اسان وٽ اُچار هڪڙو ئي آهي. مثال طور / ز/ جي آواز لاءِ اسان وٽ "ز" کان سواءِ "ذ"، "ظ"، ۽ "ض" بہ موجود آهي، ان کان سواءِ "ث"، "س" ۽ "ص" جو آواز، "ت" ۽ "ط" جو آواز، "ڪ" ۽ "ق" جو آواز، ۽ "ح" توڙي "هہ" جو آواز بہ هڪڙو ئي آهي. محترمہ جي بقول تہ کيس سنڌ جي عظيم ڳڻپيوڪر سائنسدانن اهو ٻڌايو آهي تہ آواز کي لکت ۾ تبديل ڪندي ڳڻپيوڪر منجھي پوندو تہ ڪٿي ڪهڙو اکر رکجي، تنهن ڪري انهن "اضافي" اکرن کي رسمالخط مان ئي ڪڍي ڦٽو ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ ان سوال جو سادو جواب اهو آهي تہ انهن عظيم ترين سائنسدانن کي ڪا ڄاڻ ئي نہ آهي تہ گفتگو کان لکت سرشتو Speech to Text System ڪم ڪيئن ڪندو آهي، پر ٽيڪنيڪي اونهائيءَ ۾ وڃڻ کان سواءِ ان سوال جو سادو جواب ايئن ڏئي سگھجي ٿو تہ چيني، ڪوريائي، ۽ جاپاني ٻولين ۾ گفتگو کان لکت سرشتا ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن تہ انهن ٻولين کي الف ب ئي ڪانهي. انهن ٻولين جي تحريري صورت انيڪ نشانين جو مجموعو آهي، جنهن کي سکڻ خود انسانن لاءِ ڪنهن الف ب کي سکڻ کان گھڻو ڏکيو آهي. پر جيئن تہ اسان ماڻهو انهن ٻولين جي تحريري صورتن کان اڻواقف آهيون، تنهن ڪري آئون هيٺ انگريزي ٻوليءَ جا ئي مثال ڏيان ٿو تہ جيئن پڙهندڙن کي ۽ محترمہ فهميده ميمڻ کي اندازو ٿئي تہ جيتري پيچيدگي انگريزي ٻوليءَ جي تحريري سرشتي ۾ آهي، سا سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود پيچيدگيءَ کان گھڻو وڌيڪ آهي.
جدول 1: انگريزي آوازن جون مختلف تحريري صورتون
ايئن هرگز بہ نہ سمجھيو وڃي تہ اها جدول انگريزيءَ ۾ تحريري صورتن ۽ اچارن درميان پيچيده رشتي جو مڪمل خاڪو پيش ڪري ٿي. دراصل اها جدول ان پيچدگيءَ جي رڳو هڪ ننڍڙي جھلڪ پيش ڪري ٿي. مٿين جدول ۾ انگريزي اچارن جي صرف انهن پيچيدگين جي فهرست ڏنل آهي، جيڪي مون جهڙو عام ماڻهو ڏسي ۽ سمجھي سگھي ٿو. ان جي مقابلي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ جن پيچيدگين جي نشاندهي محترمہ فهميده صاحبہ ڪئي آهي، سي تمام ننڍڙيون آهن. تعجب جي ڳالهہ آهي تہ محترمہ فهميده حسين ميمڻ صاحبہ، جيڪا سنڌي ٻولي اختياريءَ جي نشستمان رهي چڪي آهي، سا انگريزيءَ جي اچارن جي پيچيدگين کان اڻواقف نظر اچي ٿي ۽ لسانيات جي علم جي الف ب کان اڻواقف هوندي بہ بنان ڪنهن ڄاڻو ماڻهوءَ کان صلاح وٺڻ جي ۽ بنان ڪو مطالعو ڪرڻ جي، عظيم ترين سنڌي ڳڻپيوڪر سائنسدانن جي چوڻ تي سنڌي ٻوليءَ جي رسمالخط ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جون سفارشون پيش ڪري ويٺي!
پر جي ٿوري دير لاءِ فرض ڪري وٺون تہ ڪنهن ٻوليءَ ۾ آواز گھڻا آهن ۽ تحريري صورتون نسبتاً ٿوريون آهن، ۽ گفتگو کان لکت سرشتو Speech to Text System جوڙڻ نسبتاً آسان بہ آهي، تہ بہ اها ڳالهہ ڪا فائدي واري نہ آهي. ڇاڪاڻ تہ اوتري ئي يا ان کان بہ وڌيڪ اهم شَي لکت کان گفتگو سرشتو Text-to-Speech System آهي، جنهن ۾ ڳڻپيوڪر کي لکت ۾ موجود دستاويز پڙهي ٻڌائڻو هوندو آهي. مطلب تہ ڳڻپيوڪر کي مختلف لفظ اچارڻا هوندا آهن. جنهن ٻوليءَ ۾ آواز گھڻا ۽ تحريري صورتون ٿوريون هونديون، تنهن ۾ اچارن جا قاعدا پيچيده هوندا ۽ لکت کان گفتگو سرشتو جوڙڻ ڏکيو ٿي پوندو. مطلب تہ اها فرضي ٻولي، جنهن ۾ آواز گھڻا ۽ تحريري صورتون نسبتاً گھٽ هجن، تنهن ۾ اچار کان لکت جا قاعدا جيترو آسان هوندا، لکت کان اچار جا قاعدا اوترو ئي مشڪل هوندا. جيتوڻيڪ مٿين جدول ڏيکاري چڪي آهي تہ انگريزيءَ ۾ اچار کان لکت جا قاعدا ڏکيا آهن، تہ بہ انگريزيءَ ۾ لکت کان اچار جا قاعدا اڃا بہ ڏکيا آهن. هيٺين جدول ان جا ڪي ٿورا مثال ڏي ٿي. انهن سمورين پيچيدگين جي باوجود انگريزي زبان جي لاءِ سڀ کان اڳ ۾ لکت کان گفتگو توڙي گفتگو کان لکت سرشتا جڙي چڪا. اهي چند مثال ٻڌائڻ لاءِ بہ لسانيات جي ڪنهن ڳوڙهي اڀياس جي ضرورت هرگز بہ نہ آهي.
جدول 2: انگريزي لکت ۾ هڪ ئي تحريري صورت جا ڪيترا ئي آواز
جيتوڻيڪ محترمہ لکي ٿي تہ پاڻ اهي صلاحون ڊني ڊپ ڏئي رهي آهي، پر اصل حقيقت اها آهي تہ محترمہ سنڌي ٻوليءَ جي رسمالخط جي خلاف تمام گھڻو اڳ ۾ بہ لکي چڪي آهي، 1996ع ڌاري، ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ رُومِي رسمالخط اختيار ڪرڻ جي راءِ ڏئي چڪي آهي. اهو مضمون ماهوار "سنڌي ٻولي" ۾ ڇپجيو هو، جيڪو پڻ سنڌي ٻولي اختياري Authority شايع ڪندي آهي. تڏڻي محترمہ سنڌي ٻولي اختياريءَ جي نشستمان نہ هئي. تڏهوڪي ايڊيٽر سندس مضمون شايع ضرور ڪيو هو، پر ان تي نوٽ لڳايو هئائين تہ ادارو ليکڪہ سان متفق نہ آهي، ۽ سمجھي ٿو تہ ليکڪہ کي لسانيات جي مطالعي جي ضرورت آهي. تن ڏينهن ۾ بہ محترمہ کي نہ ڪنهن سنڌ دشمنيءَ جو طعنو ڏنو هو، نہ ئي ڪنهن مٿس اسلام دشمنيءَ جي فتويٰ ڏني هئي. پر تازو ڇاپيل مضمون ۾ محترمہ پنهنجي موقف کي ڊرامائي انداز ڏيڻ لاءِ ۽ علمي گهرائيءَ کان خالي پنهنجي مضمون جي اهميت وڌائڻ لاءِ لکيو آهي تہ سنڌي رسمالخط ۾ تبديلين جو لکڻ تي کيس سنڌ دشمن ۽ اسلام دشمن ڪوٺيو ويندو. ڪنهن علمي بحث ۾ پوڻ کان سواءِ پنهنجو پاڻ کي درست ۽ مظلوم ثابت ڪرڻ لاءِ محترمہ "اسلام خطري ۾"، "فتوائن جي فيڪٽري"، "ٻوليءَ جا ٺيڪيدار"، "غداري يا بلاسفيمي"، "مرڻ مارڻ لاءِ تيار"، "مُلان"، ۽ "هيرو ورشپ" جهڙا گفتا استعمال ڪيا آهن. تنهن کان پوءِ محترمہ سنڌي زبان جي موجوده رسمالخط ۾ ڪن ٻين خامين جي نشاندهي ڪئي آهي، جن کي سندس ساٿي ڳڻپيوڪر سائنسدان سٺو ڳڻپيوڪر ڪِي بورڊ جوڙڻ ۾ رنڊڪ ڄاڻن ٿا. مطلب تہ سندن خيال موجب ايترا سارا، يعني 52 اکر هوڻ سبب ٽائيپڱ ڏکي ٿي پئي آهي. ظاهر آهي تہ کيس "۽" توڙي "۾" جي اضافي نشانين تي بہ ان ڪري ئي اعتراض آهي جو نشانين جو ڪل تعداد وڌي وڃي ٿو ۽ ٽائيپڱ ڏکي ٿي پوي ٿي. محترمہ جي اطلاع لاءِ عرض رکجي ٿو تہ اها سندس عظيم ڳڻپيوڪر سائنسدانن جي غلطفهمي آهي، جيڪي سنڌي ڳڻپيوڪريءَ جي خودساختہ بانيءَ جي ٺاهيل غلط ڪي بورڊ سان چهٽيا ويٺا آهن. ڳڻپيوڪر لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن سٺا ڪي بورڊ ٺاهيا آهن، جيڪي استعمال هيٺ آهن. سادي ڳالهہ اها آهي تہ سنڌيءَ ۾ 52 اکر آهن تہ انگريزيءَ ۾ بہ 52 اکر ئي آهن؛ 26 ننڍا تہ 26 وڏا، جن لاءِ ڪيپس لاڪ يا شفٽ وارو بٽڻ استعمال ٿيندو آهي. ٿلهي ليکي ڳالهہ ساڳي ئي آهي. ڪيپس لاڪ واري بٽڻ جو استعمال ڪندي تمام سٺو ۽ آسان سنڌي ڪي بورڊ ٺاهي سگھجي ٿو. مون ٺاهيو بہ آهي، ۽ استعمال بہ ڪري رهيو آهيان، جنهن ۾ "جھہ" ۽ "گھہ" بہ آهي تہ "۾" توڙي "۽" بہ آهي، ۽ نهايت آسان آهي. منهنجي ويب سرزمين تان ڪو بہ دوست توڙي دشمن ان کي اتاري ۽ استعمال ڪري سگھي ٿو. محترمہ جو خيال آهي تہ وسرڳ Aspirated آوازن جون صورتون جهڙوڪ ڀ، ٿ، ٺ، ڌ، ڍ، ڦ، ڇ، ک ايئن نہ هجڻ گھرجن هئا. سندس خيال آهي تہ انهن ۾ ظاهري ريت "هہ" رکيل هجي هئا، جيئن اردو ٻوليءَ ۾ آهي، يا جهڙيءَ ريت سنڌيءَ ۾ ٻہ اکر "جھہ" ۽ "گھہ" آهن. مطلب تہ محترمہ چوڻ ٿي چاهي تہ "ڀ" کي "بهہ"، "ڦ" کي "پهہ"، "ک" کي "ڪهہ"، "ٿ" کي "تهہ"، "ڇ" کي "چهہ" ڪري لکڻ گھربو هو. محترمہ وسرڳ لفظن جي نمائندگيءَ لاءِ جيڪا صلاح ڏني آهي، سا يقيناً غيردرست آهي. ان کي بہ سمجھڻ لاءِ لسانيات جي گهري مطالعي جي ضرورت ڪانهي. ها، عقل سليم جي ضرورت ضرور آهي. ٻن قسمن جي "هہ" استعمال ڪرڻ وارو جيڪو متبادل طريقو محترمہ ٻڌايو آهي، سو اردوءَ ۾ رائج آهي. جي ساڳيو طريقو سنڌيءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي هئا تہ تمام گھڻا مسئلا پيدا ٿي پون هئا يا لکت ڏکي ٿي پوي هئا. مثال طور، "ڇهڻ"، "ڇهہ"، "ڇهاسي"، "ٺهڻ"، "ٺهڪڻ"، "ٺهراءُ"، "ٿهو"، "ٿهيم"، "ڦهڪو"، "ڦهلڻ"، "کهرو"، ۽ "کهنبا" جهڙن لفظن ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٻن قسمن جي "هہ" استعمال ڪرڻي پوي هئا، جنهن سان تحريري صورتون ڏکيون ٿي پون هئا ۽ اهڙا ئي مونجھارا پيدا ٿين هئا جيڪي ڪن اردو لفظن ۾ ٿي پيا آهن. انهن تي تفصيلي بحث ٿي سگھي ٿو. تنهن کان پوءِ محترمہ "الف" ۽ "ع" جو بہ ذڪر ڪيو آهي. سندن خيال موجب انهن جو بہ آواز هڪڙو ئي هوڻ سبب "ع" اضافي اکر آهي، جنهن کي ڪڍڻ گھرجي. جيتوڻيڪ سنڌيءَ ۾ ٻئي اکر يعني "الف" ۽ "ع" سُر آوازن جي نمائدگيءَ لاءِ استعمال ٿيندا آهن، پر اهي هميشہ هڪ ٻئي جا متبادل نہ ٿا ٿي سگھن. "علم" کي تہ شايد توهان "الم" لکي وٺو، پر "تعليم" کي ڪو ماڻهو "تاليم"، ڪو "تيليم"، ۽ ڪو "تئليم" لکندو. خبر نہ آهي تہ "معلوم" کي ڪيئن لکيو ويندو ۽ "معلم" کي ڇا لکيو ويندو، "مئلم"، "مولم"، "موئلم"، يا محترمہ جي چوڻ موجب "مالم"؟ ان سان ٻوليءَ جي تحريري صورت ۾ اهي اڻکٽ مونجھارا پيدا ٿيندا، جن کي سمجھائيندي سمجھائيندي سنڌي ٻولي مري ويندي. اهي مثال مون صرف انهن اڻکٽ مونجھارن جي هڪ جھلڪ پيش ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن. ٻيا ٽي ننڍڙا مثال هي آهن: معيار – ميار، عرب ماڻهو – ارب ماڻهو، علي ويو – الي ويو (معنيٰ نٽائي ويو). سنڌي رسمالخط جون خاميون ڳوليندي محترمہ وڌيڪ فرمائي ٿي تہ انهن مان ڪن ۾ نقطا هيٺ آهن تہ ڪن ۾ وري مٿي، ڪن ۾ 2 نقطا آهن تہ ڪن ۾ 4. ان کان سواءِ محترمہ لکي ٿي تہ نقطن جو بيترتيب استعمال "لساني لحاظ" کان ئي غيردرست آهي. محترمہ شايد "لسانياتي لحاظ" چوڻ پئي چاهيو پر "لساني" ۽ "لسانياتي" ۾ فرق ڪري نہ سگھي. دنيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون عربي رسمالخط ۾ لکجنديون رهيون آهن ۽ لکجي رهيون آهن. انهن ٻولين جي رسمالخط ۾ غير عربي آوازن جي نمائندگيءَ لاءِ 2، 3، ۽ 4 نقطا ۽ مختلف ٻيا نشان بہ استعمال ٿيندا رهيا آهن، هيٺ يا مٿي، بلڪہ ڪن صورتن ۾ تہ هڪ ئي وقت هيٺ بہ تہ مٿي بہ؛ مثال طور، ښ، (پشتو) ۽ ݧ (اروي). جيتوڻيڪ عربي سنڌي رسمالخط جون ڪيتريون ئي مختلف صورتون ٿي سگھيون پئي، پر ڪهڙي آواز جي نمائندگيءَ لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪرڻ کپندو هو ۽ اسان ڪهڙو اختيار ڪيو، اها ڳالهہ بلڪل اجائي آهي. انهن جو ڳڻپيوڪر ٽيڪنيڀياس Computer Technology سان ڪو بہ تعلق نہ آهي. اهي مورک آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ سنڌي ٻوليءَ جو رسمالخط سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي راهہ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي. اهڙا ماڻهو ڳڻپيوڪر سائنس جي الف بي کان بہ واقف نہ آهن. دنيا جي سمورين قومن پنهنجي ٻوليءَ جي استعمال کي وڌائڻ ۽ آسان بنائڻ لاءِ ڳڻپيوڪر ٽيڪنيڀياس جو استعمال ڪيو آهي. اسان جا انوکا عظيم سنڌي "سائنسدان" دنيا جا اڪيلا سائنسدان آهن، جيڪي ڳڻپيوڪر ٽيڪنيڀياس کي بهانو بڻائي سنڌي ٻوليءَ کي ئي بگاڙڻ پٺيان پيا آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي طاقت بڻيل ان جي معياري رسمالخط کي متنازعہ بنائڻ ۾ مصروف عمل آهن. منهنجو خيال آهي تہ محترمہ سنڌي اکرن ۾ نقطن جي استعمال جي خلاف راءِ پنهنجي عظيم ڳڻپيوڪر سائنسدانن جي چوڻ تي ڏني آهي جيڪي انهن نقطن کي عڪس کان لکت سرشتيImage-to-Text System جي راهہ ۾ رنڊڪ سمجھن ٿا، جنهن کي Optical Character Recognition System پڻ سڏيو ويندو آهي. جيڪڏهن پڙهندڙن کي اهڙو ڪو گمان آهي، تہ کين اهو ياد رکڻ گھرجي تہ چيني ٻوليءَ ۾ مختلف پر ملندڙ جلندڙ ايتريون تہ نشانيون آهن جو توهان انهن کي ڏسي منجھن فرق تڏهن ڪري سگھندا جڏهن توهان کي تربيت مليل هجي. مثال طور، 障 جي معنيٰ "روڪ" يا "رنڊڪ" آهي، جڏهن تہ 嫜 جي معنيٰ "مڙس جو پيءُ" آهي. مطلب تہ اهي اکر نہ پر سڄا سارا لفظ آهن. ڇاڪاڻ تہ اها الف ب نہ پر پِڪٽوگرافي آهي. ان جي باوجود بہ چينيءَ ۾ عڪس کان لکت سرشتا ڪامياب آهن. چيني انجنيئرس پنهنجي ٻوليءَ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڳڻپيوڪر سائنس کي استعمال ڪيو پر اسان جا سنڌي وري پنهنجو پاڻ کي عظيم ڳڻپيوڪر سائنسدان ثابت ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ ۾ خاميون ڳولي انهن جو استعمال ڪري رهيا آهن. دراصل محترمہ فيصلو نہ پئي ڪري سگھي تہ پاڻ چاهي ڇا ٿي. ڪٿي موجوده سنڌي-عربي رسمالخط مان "اضافي" اکر ڪڍڻ جي ڳالهہ ٿي ڪري تہ ڪٿي وري حليم بروهيءَ جي حمايت جي ڳالهہ ٿي ڪري، جنهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ رُومِي خط تجويز ڪيو هو. ان رُومِي خط تي کِلي سگھڻ کان سواءِ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ تہ حليم بروهي بہ محترمہ وانگي "ماهر لسانيات" هو، جنهن دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين لاءِ رُومِي خط تجويز ڪري ورتو هو. انهن ٻولين ۾ پشتو بہ شامل هئي، جنهن جي وايوڪيات Phonetics لاءِ هن پنهنجي پاڙي جي پٺاڻ چوڪيدار کان رهنمائي حاصل ڪئي هئي. منهنجي ڳالهہ تي يقين نہ اچي تہ مرحوم جو ڪتاب توهان پاڻ ئي پڙهي وٺو، جنهن منجھہ هن پنهنجو جوڙيل رُومي خط متعارف ڪرايو هو. ترڪ قوم کي آزاد ملڪ ڏيارڻ ۽ سيڪيولر انقلاب آڻڻ کان پوءِ جديد ترڪيءَ جي باني ڪمال عطا ترڪ ترڪي ٻوليءَ لاءِ رُومي خط اختيار ڪيو. جيتوڻيڪ ان وقت سندس ان فيصلي لاءِ سياسي حالتون موافق ترين هيون، پر ان سان ترڪي ٻوليءَ کي جيڪو نقصان رسيو سو هڪ الڳ موضوع آهي. ترڪ قوم ڪيترن ئي ڏهاڪن جي ڪوشش باوجود يورپ سان سلهاڙجي نہ سگھي ۽ اڄ ترڪ قوم هڪ ڀيرو وري سيڪيولر سوچ کان پري ۽ اسلامي قوميت واري سوچ کي ويجھو وڃي چڪي آهي. ڪمال عطا ترڪ واري انقلاب کي 90 سال ئي مس ٿيا آهن جو ترڪيءَ جي قومي تعليمي ڪائونسل ترڪيءَ جو پراڻو عربي خط اسڪولن اندر لازمي پڙهائڻ جو قانون منظور ڪري ورتو آهي. مستقبل ۾ ڇا ٿو ٿئي، سو تہ اڃا ڏسڻو آهي. پر ڪمال عطا ترڪ واري ترڪيءَ جي حالتن جو موازنو اڄوڪي سنڌ سان هرگز بہ نہ ٿو ڪري سگھجي. نہ سنڌ اوتري خودمختيار ۽ آزاد آهي، نہ ئي سنڌ ۾ شهري آبادين اندر حالتن تي سنڌي ماڻهو غالب آهن، نہ ئي شهري اسڪولن اندر ماڻهو سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ تيار آهن. سنڌي ٻوليءَ جو موجوده رسمالخط پوين 160 سالن کان رسمي طور معياري لپيءَ جي حيثيت ۾ استعمال هيٺ آهي، جنهن منجھہ هزارن جي تعداد ۾ رسالا ۽ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان کان سواءِ اڄ ڏينهن تائين ڇپيل اخبارن جو تعداد لکن ۾ آهي. جيڪڏهن شبير ڪنڀار جهڙا "عظيم ڳڻپيوڪر سائنسدان" موجوده رسمالخط لاءِ عڪس کان لکت سرشتو جوڙي نہ سگھيا تہ پراڻو سمورو مواد برقياتي صورت ۾ بہ سانڍجي نہ سگھندو ۽ رسمالخط مٽائي ڇڏيوسين تہ پوءِ ان سموري علم کي ڪو پڙهي بہ ڪو نہ سگھندو. اهو رسمالخط پوين 160 سالن کان ڪاميابيءَ سان لکجي پڙهجي پيو ۽ سرڪاري لکپڙهہ ۾ آيل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي متفقہ طور رائج ٿيل رسمالخط کي تڪراري بنائڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ موتمار ثابت ٿيندو ۽ ڪنهن پير فقير جي دعا يا الله جي آسري تي لڳي ٻوليءَ جي رسمالخط سان هٿچراند ڪرڻ جو جوکو کڻڻ انتهائي نامناسب آهي. بقول محترمہ جي، رسمالخط ۾ تبديلي آڻيو، سنڌي ٻولي "انشاالله" زنده رهندي. ٻين لفظن ۾، جي مريض مري ويو تہ بہ خير آهي، وزن جي تہ خبر پوندي نہ! محترمہ فهميده سنڌي ٻولي ۽ ان جي رسمالخط جي تاريخ بہ غلط لکي آهي. سندس موجب انگريزن اهو رسمالخط عارضي طور جوڙايو ۽ ان ۾ تبديلين جي گنجائش رکي. ميڊم، انگريز اهڙا ڪم ڪري ئي ڪو نہ! انگريزن جي 90 سالہ دور حڪومت ۾ سنڌي ٻولي ان ئي رسمالخط سان ترقيءَ جون اهي منزلون طَي ڪيون جيڪي نہ ان کان اڳ وارين صدين ۾ ڪيائين نہ وري انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي اها اهميت نصيب ٿي. انگريز سرڪار سنڌي رسمالخط کي هميشہ جي لاءِ اها حتمي صورت ڏئي ان کي معيار مقرر ڪري ڇڏيو ۽ ان جي بنياد تي ئي سنڌي دفتري زبان بڻي، تعليمي ذريعو بڻي، ۽ سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺهي آيا. آخر ۾ محترمہ انگريزن جي دور ۾ ڪيل ڪوتاهين کي درست ڪرڻ جي ڳالهہ ڪئي آهي. انگريزن کان هڪڙي ئي ڪوتاهي ٿي، سا اها تہ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اسان جي حوالي ڪري ويا. آئون ذاتي طور ان راءِ جو آهيان تہ سندن اها ڪوتاهي واقعي ۾ بہ ناقابل تلافي آهي، ۽ ان کي شايد هاڻي درست ڪري بہ نہ ٿو سگھجي.
روزانہ ”عبرت“، آڪٽوبر 21، 2016ع