
سنڌ لٽريچر فيسٽيول: ٻاٽَ ۾ لاٽَ
انور ابڙو
ايندڙ جمعي، 4 نومبر کان آچر، 6 نومبر 2016ع تائين ٽن ڏينهن وارو سنڌ جي تاريخ جو پهريون ”سنڌ ادبي ميلو“ جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”سنڌ لٽريچر فيسٽيول“ چون ٿا، ڪراچي شهر جي هڪ هوٽل ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. هيءُ رڳو “ميلو“ ناهي، پر هيءُ سنڌي ماڻهن جي علمي، ادبي ۽ سماجي شعور جو هڪ وسيع ڪينواس وارو عڪس آهي، جيڪو؛ لڳ ڀڳ سڄيءَ سنڌ جا نئين توڙي پراڻي ٽهيءَ جا ليکڪ، شاعر ۽ علم سان چاهه رکندڙ ماڻهو پَسي سگهندا.
هِن قسم جي ميلي منعقد ڪرڻ جي، گذريل ڪجهه سالن کان، سنڌ جا علم ۽ ادب سان واسطو رکندڙ دوست، شدت سان ضرورت محسوس ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ جو جڏهن ڪراچي شهر ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ”ڪراچي لٽريچر فيسٽيول“ منعقد ڪرڻ شروع ڪيو ته، اُن ۾ سنڌي اديبن جي محدود ترين شرڪت، سنڌ جي خاص طور نوجوانن اديبن کي اِهو احساس ڏياريو ته، ”هُو به ڪو اهڙو ميلو مچائي پنهنجن ليکڪن کي مانُ ڏيڻ سان گڏ سنڌي ادب جو دنيا سان هڪ نئون تعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن.“
اهڙو ئي اظهار هِن ميلي جي آرگنائيزنگ ٽيم جي هڪ اهم ميمبر علي آڪاش هڪ ملاقات دوران ڪيو هو. جنهن وقت هُو پنهنجي هن اهم اجمتاعي ادبي سرگرميءَ بابت ڳالهائي رهيو هو ته، مون ڏٺو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان ميلي جي تيارين جي باوجود سندس اکين ۾ ٿَڪ نه، پر چمڪ هئي. ”مان هڪ ڏينهن ڪي ايل ايف ۾ ويو هئس، جتي مان ٻاهر، اڪيلو وڃي ويهي، پاڻ سان اِهو وچن ڪري آيو هوس ته، اسان اهڙو فيسٽيول منعقد ڪنداسين.“
ڀل ته هيءُ ڪي ايل ايف جهڙو فيسٽيول نه به منعقد ٿئي، ڇاڪاڻ جو ڪي ايل ايف پٺيان هڪ ادارو (آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس) آهي، جيڪو عالمي سطح جوادارو آهي، ۽ جنهن جي لاءِ فنڊز ڪو مسئلو ئي نه آهن، ۽ نه ئي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديبن يا ٻين شعبن جي اهم شخصيتن کي سڏائڻ ان جي لاءِ ڪو مسئلو آهي، پر هيءُ سنڌ جي هٿين خالي نوجوانن جي، پاڻ سان ڪيل هڪ وعدي جي نڀاهه واري ڪوشش آهي.
ان ئي ملاقات ۾ ميلي جي آرگنائيزنگ ٽيم جي هڪ ٻئي تمام گهڻي متحرڪ دوست بخشڻ مهراڻويءَ جا ٻڌايل تفصيل پڻ اها همٿ ڏيندڙ هئا ته، ”اسان جتي جتي ويا آهيون، اُتان اسان کي تمام گهڻو اتساهه ۽ مدد ملي آهي. اسان ڪراچي شهر ۾ سهڪار جي لاءِ اُهي فرد ۽ ادارا ڳوليا آهن، جيڪي سنڌي علمي ۽ ادبي سرگرمين جي مدد ته ڪرڻ چاهين ٿا، پر انهن تائين اسان جا ماڻهو پهتا ئي ناهن.“
سو، سنڌ لٽريچر فيسٽيول، گذريل سال، حيدرآباد ۾ منعقد ٿيل ”حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول“ جي توسيع آهي، جنهن ۾ خاص طور نوجوان اديبن، شاعرن ۽ محققن جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪندو. هيءُ ميلو نئين دور سان سنڌ کي علمي ۽ ادبي حوالي سان، گڏ کڻي هلڻ جي هڪ انتهائي اهم ڪوشش آهي، جنهن جا ديرپا اثر ظاهر ٿيندا. هِن قسم جي سرگرمين سان، پنهنجي قوم جي خاص طور نئين نسل کي، پنهنجو هڪ رخ ملي ٿو، رهنمائي ملي ٿي ۽ اتساهه ملي ٿو، جيڪو کين اڃا وڌيڪ سٺو علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ ڏانهن وٺي ويندو.
اسان کي اميد آهي ته، هيءُ فيسٽيول روايتي ميلن کان مختلف هوندو ۽ هِن جي ٽنهي ڏينهن دوران اهم پروگرام منعقد ٿيندا، بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ ٻڌندڙن کي نوان خيال ٻڌڻ جي لاءِ ملندا. – لازمي طور اِهي خشڪ تقريبون نه هونديون. هِنن ٽنهي ڏينهن دوران، ميلي ۾ شريڪ اسانجا ڀائر ۽ ڀينرون ڀرپور طريقي سان لطف اندوز پڻ ٿيندا.
اهو ممڪن آهي، ته هِن ميلي جي منتظمين کان لاشعوري طور ڪي غلطيون به ٿي وڃن، ڪِن اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ علمي ۽ ادبي ادارن ۽ تنظيمن تائين هُو نه به پهچي سگهن، تڏهن به هِن ميلي کي ”پنهنجو“ يعني own ڪرڻ کپي. هيءُ ته ادبي ڪاڄ آهي، پر اسان جي ڪاڄن ۾ ته اسان جا پنهنجا ويجها دوست به بنا سڏ جي هليا ايندا آهن، سو خاص طور ڪراچي شهر ۾ رهندڙ سنڌي خاندانن کي هِن ميلي ۾ پنهنجن گهر ڀاتين (ٻارن) سميت شرڪت ڪرڻ گهرجي، ته جيئن سنڌ جي نئين نسل جي نيڻن اڳيان نين معنائن وارا اکر اچن، سندن ذهنن تي علمي ۽ ادبي گفتگو نقش ٿئي ۽ هُو پنهنجن ليکڪن جي نالن کي پنهنجي يادداشت جو حصو بڻائي، جڏهن وڏا ٿين ته، پنهنجي اولاد کي ٻڌائي سگهن ته،”جڏهن پهريون سنڌ ليٽريچر فيسٽيول منعقد ٿيو هو، تڏهن مان به بابا ۽ امان سان گڏجي اهو ڏسڻ ويو هوس.“