رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
وساريان نه وسرن
___________
هن کان پڇو وڄ ڪنهن ها وڌا
سور صدمه ٿيا ڪين ٿيا جي ٿڌا
آءُ ٻولي پڇان تون رولي جتان
ڪاڄ ٿيو هو ڪڄاڙو چوندو وتان
روئي راڄ جنهن لئه اها آهي ڪنهن لئه
نه ڇوري نه ٿوري جيئڻ آهي جنهن لئه
اٿي ڪانگ پيا هن وجهي ڪات ڪانير
اڃا ڀي وڌيو آ بره هن ۾ بانور
مڏا ماس کائن ڪٺو ڪات جنهن کي
اهي ڀي آرامي اڃا ڪين تنهن کي
رڳو رڃ ۽ اڃ مارو ويچارا
ڍڳا مال جن جا بکن ۾ ته سارا
ولر سڀ گلر هي گگدام ڳوڀون
رب ڏيندو تن کي سدائين ته سوڀون
هلي پيا اوتارا وري مال وارا
ترايون پيارن وٺي گس لهوارا
سڪ مونکي مارن شل هو به سارن
وساريان نه وسرن مونکي ياد پيارن
هلي ٿي اڃا ڀي ڏکڻ هير وانگر
ڪري ساه سک ۾ اتر واءُ جهانگر
اڃا ڀي وسي ماڪ منهنجي ٿي من ۾
صبح تائين تازه ڦڙا تات تن ۾
وساريان نه وسرن وڏو پيار پڄرن
هي لنون اهڙي لالڻ اتساه اڀرن
وساريان نه وسرن وسارينا نه وسرن
.
.
. لبستم دائودپوٽه
___________
هن کان پڇو وڄ ڪنهن ها وڌا
سور صدمه ٿيا ڪين ٿيا جي ٿڌا
آءُ ٻولي پڇان تون رولي جتان
ڪاڄ ٿيو هو ڪڄاڙو چوندو وتان
روئي راڄ جنهن لئه اها آهي ڪنهن لئه
نه ڇوري نه ٿوري جيئڻ آهي جنهن لئه
اٿي ڪانگ پيا هن وجهي ڪات ڪانير
اڃا ڀي وڌيو آ بره هن ۾ بانور
مڏا ماس کائن ڪٺو ڪات جنهن کي
اهي ڀي آرامي اڃا ڪين تنهن کي
رڳو رڃ ۽ اڃ مارو ويچارا
ڍڳا مال جن جا بکن ۾ ته سارا
ولر سڀ گلر هي گگدام ڳوڀون
رب ڏيندو تن کي سدائين ته سوڀون
هلي پيا اوتارا وري مال وارا
ترايون پيارن وٺي گس لهوارا
سڪ مونکي مارن شل هو به سارن
وساريان نه وسرن مونکي ياد پيارن
هلي ٿي اڃا ڀي ڏکڻ هير وانگر
ڪري ساه سک ۾ اتر واءُ جهانگر
اڃا ڀي وسي ماڪ منهنجي ٿي من ۾
صبح تائين تازه ڦڙا تات تن ۾
وساريان نه وسرن وڏو پيار پڄرن
هي لنون اهڙي لالڻ اتساه اڀرن
وساريان نه وسرن وسارينا نه وسرن
.
.
. لبستم دائودپوٽه