• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

راڻي باگڙياڻي جو ريڙون ٿيل چولو ۽ رھجي ويل خبر

غلام رسول چانڊيو

سينيئر رڪن
راڻي باگڙياڻي جو ريڙون ٿيل چولو ۽ رھجي ويل خبر
غلام رسول چانڊيو

ھي قصو ڪو پھريون ناھي جيڪو ميڊيا کان رھجي ويو آھي يا ڄاڻي واڻي رھايو ويو آھي، سنڌ جا ڪيئي قصا رھجي ويا آھن اسان سڀن کان جو اسان جيئون ٿا صرف پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجي اندر ۾ اسان المين، خواھشن ۽ لالچن جو ھڪ اھڙو جھان جوڙي ڇڏيو آھي جنھن ۾ اسان جي وجود کان ٻاھر ڪنھن جي دانھن ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ئي نه ٿي اچي، اسان جا ڪن بس پنھنجي ذات لاءِ ڪنھن خوشخبري، ڪنھن جي غلا غيبت ۽ ڪنھن فائدي واري ھوڪي ٻڌڻ لاءِ وڃي بچيا آھن. اسان جي ضمير جا کيسا ته ڀريل آھن پر عظمتون ۽ وقار اسان جي ضمير واري جھان ۾ مري چڪو آھي تنھنڪري گھڻو ڪجھ رھجي ويو آھي ۽ روزانه الاءِ ڇا ڇا رھجي وڃي ٿو ۽ اسان بنا ڪنھن لئوڻو ھڻڻ جي ھلندا ٿا وڃون ھڪ اھڙي جھان ڏانھن جتي اسان جي فنا کان سواءِ ڪجھ ناھي.
اھڙي المياتي جھان ۾ ڪوٽڙي جي راڻي باگڙياڻي سان ٿيل وارتا ڇو نه رھجي وڃي جنھن جا رات جي گگھ اونداھي ۾ ميرڙا ڪپڙا انھن اچي ڦاڙيا جن جا بڀ ڀريل ھئا، جيڪي شراب جي نشي ۾ الوٽ پنھنجي وحشي جنون سان ڪوٽڙي جي سڪندرآباد واري ھاري ڪيمپ تي دراوڙن جي جھوپڙين تي ائين آيا ھئا جيئن ڪي فاتح ھارايل قبيلي جي ھر شي کي مال غنيمت سمجھندا آھن.
راڻي جا ھن ديس جي اصل ڌياڻي آھي ان پھريان پنھنجي لڄ بچائڻ لاءِ ڪاري ڪار ۾ آيل چئن ڄڻن سان ويڙھ کاڌي، سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيا ۽ ھن سڏيون پنھنجن پاڙي وارن کي جيڪي رات جي گگھ اونداھي ۾ ڊوڙندا آيا ۽ لڄ بچائڻ لاءِ لوچيندڙ راڻيءِ سان گڏجي رھزنن کي سوگھو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا ۽ پوءِ پوليس به آئي پر ان ڇا ڪيو سا ڳالھ سھپ کان ئي چڙھيل ھئي. ڪاري ڪار جي چئن ڄڻن کي ته پاڻ سان وٺي ويا پر صبح ٿيندي ئي راڻي جي جھوپڙي تي ڪاھ ٿي ۽ مردن کي موبائيل جي چوري ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوءِ باگڙي جڏھن ڊي آءِ جي ڏانھن دانھن کڻي ويا ته ان به کين جھان خان يعني ساڳي پوليس ڏانھن موڪليو ۽ راڻي باگڙياڻي پنھنجو ريڙون ٿيل چولو ڪاٺ جي پراڻي پيتي ۾ لڪائي رکيو ته جيئن سڀاڻ واري سنڌ کي اھا دانھن ڏئي سگھي ته تنھنجي سيني تي سڀني اذيتن سان گڏ ھڪ ھيءَ به اذيت ٿي ھئي جا مون توکي ڏيکارڻ لاءِ رکي ڇڏي ھئي.
۽ عجب اھو آھي ته تبديلي جي ڪيترن ئي واپارين کي اھا وارڌات ٻڌائي وئي پر ميڊيا کان وٺي معتبر سڏجندڙ سماج جي ٺيڪيدارن وٽ راڻي جي ريڙون ڪيل چولي جي بس ايتري اھميت ھئي جو ھنن اھو موبائيل ميسيج پڙھي رڳي چپن ۾ ڀڻڪيو ته ”اھا نئين ڳالھ نه آھي“. ھا بلڪل اھا نئين ڳالھ نه آھي جو ڀوتارن کي ڀاڱن ۾ ورھائي ڏنل سنڌ ۾ دراوڙن سان ھر جڳھ ۽ ھر علائقي ۾ ڪاِريُن ڪارن ۾ چڙھي ايندڙ چار ڄڻا ڪنھن نه ڪنھن راڻي ۽ سيتا ۾ ھٿ وجھندا آھن پر موھن جي ماڳ تان غلامي جي غليظ دور ۾ داخل ٿيندڙ دراوڙ بس خاموشي سان ان قسم جو اذيتون سھندا رھندا آھن جو سنڌ رڳي ڌارين نه پر پنھنجن جي زخمن سان به چُور ٿيل آھي ۽ اھي باگڙي ويچارا ٻئي ڏينھن تي ان ئي ڀوتار جي بنگلي تي پٽ تي ويھي ”مجيري بصرن جو فصل تيار آھيس“ چوندا آھن جنھن ڀوتار جي واٺن ھٿان ڪنھن راڻيءَ جا ڪپڙا ليڙون ٿيندا آھن.
ھن المئي جي ڪنھن کي دانھن ڏجي؟ ڪنھن اڳيان ڪوڪارجي؟ ڪنھن کي چئجي ته ھي باگڙي ھن ڌرتي جا اصل وارث آھن، ھنن ئي دنيا کي عظيم تھذيب جي سوکڙي ڏني آھي، ھي ئي اھي باگڙي آھن جن جي جوڙيل سڀيتا تي اسان سنڌ جي عظمتن جو واپار ڪريون ٿا. ھي جي ڪتبخانن ۾ تھذيبن تي لکيل اُٺ ڪتابن جا پيل آھن اھي نه لکجي سگھجن ھا جي ڪوٽڙي جي راڻي موھن جي سمبارا سموري دنيا کي رقص جي خوبصورتي نه آڇي ھا. ڪوٽڙي جي راڻي باگڙياڻي ان موھن جي ناچڻي جو نسل ئي ته آھي جنھن سنڌ کي رقص،راڳ ۽ ساز ڏئي اڄ به دھشت کان بچائي رکيو آھي ۽ اھا نه رڳي حيرانگي جي ڳالھ آھي پر ھڪ پيڙا به آھي ته جن اسان کي دھشت کان بچائي دنيا اڳيان معتبر ھجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺي ڏنو آھي اسان انھن جا ئي چولا ريڙون ڪري رھيا آھيون.
ھي ڪپڙا راڻي باگڙياڻي جا نه ڦاٽا آھن پر ننگا ٿيا آھيون اسان سڀئي ۽ اگھاڙي ٿي آھي سنڌ جي پاڪ دامن تھذيب! ڀل جو کڻي راڻي جي ريڙون ڪيل ڪپڙن کي ڪو وڏو واقعو نه سمجھي ۽ سمجھي ته وڏا واقعا صرف خود ڪُش ڌماڪن ۾ مرندڙ ماڻھن وارا ٿيندا آھن پر جيڪي عصمت جي عظمت کي سمجھن ٿا، جن وٽ دنيا جا سڀئي انسان ھڪ جھڙا آھن ۽ جي ذات پات، رنگ نسل ۽ مذھبن کان وڌيڪ انسانيت جا ڪمزور ئي سھي پر محافظ آھن انھن لاءِ راڻي باگڙياڻي جي وحشين ھٿان ليڙون ڪيل ڪپڙا انسانيت جي توحين جي آخري سرحد آھي ۽ ائين به ناھي ته سڀئي زبانون ڪٽجي ويون آھن ۽ سڀئي ڪن ٻوڙا ٿي چڪا آھن، جي ائين ھجي ھا ته پراڻو ڪامريڊ حيدر ملوکاڻي پنھنجن ڌيئرن سان گڏ حيدرآباد ۾ راڻي باگڙياڻي جي ڦاٽل چولي لاءِ احتجاج نه ڪري ھا.
پر سنڌ جنھن جي وجود جي ھر حصي ۾ زھريلا ڪوڪا ٺوڪيل آھن ان سنڌ ۾ رڳي حيدر ملوکاڻي جو احتجاج ڇا ڪري سگھندو، ڀل جو کڻي ھن ڪمزور انسان سَگھن سان مھاڏو اٽڪائڻ جو اعلان ڪيو آھي ۽ کيس نتيجن جي پرواھ نه آھي پر سنڌ جي ان سوال کي ڪيڏانھن ڪجي جيڪو سوال انھن سڀن لاءِ آھي جيڪي وڏين اسٽيجن تي بيھي پنھنجو پاڻ کي موھن جي تھذيب جو وارث سڏيندا آھن ۽ جيڪي چوندا آھن ته اسان سنڌ ڌرتي جا وارث آھيون! راڻي جا ريڙون ڪيل ڪپڙا ته سوال انھن اسيمبلي ميبرن کان به ڪن ٿا جيڪي ووٽن لاءِ سندن جھوپڙين ۾ ڪاھي پوندا آھن ۽ پوءِ واپسي تي منرل واٽر جي بوتل سان ھٿ ڌوئي ٽشو پيپر سان اُگھي ڇڏيندا آھن جو باگڙي سواءِ پنھنجي وحشي خواھشن جي پليت ھوندا آھن.
ھي الميو صرف ڪوٽڙي جي ھاري ڪيمپ جو ناھي پر ڳوٺن کان پر ڀرو ويھاريل انھن باگڙين جو الميو آھي جيڪي سموري سنڌ ۾ رھن ٿا، جن جون ڪٿائون سنڌ تائين ان ڪري به نه ٿيون پھچن جو باگڙين سان ٿيندڙ وارتائون ڪا خبر ٿورئي ھجن ٿيون؟ باگڙين مان نه ته ڪو ڀوتار آھي نه ئي ڪو اسيمبلي ميمبر سو انھن جي ڪا خبر ڀلا اسان لاءِ خبر ڇو ھوندي؟ باگڙين جا مُقام به الڳ ته ڳوٺن کان پري ويڙھا به الڳ ۽ ان ”الڳ“ جي ضرب جا سنڌ جي سيني ۾ کتل آھي ان مان صدين کان رت ٽمندو رھي ٿو ۽ اسان ان رت سان روزانه پنھنجو چھرو ملي معتبر ٿي گھمندا رھون ٿا.
راڻي باگڙياڻي جو فرياد ڪنھن اڳيان پيش ڪجي؟ سنڌ جا ڪيئي فرياد ڦٿڪي رھيا آھن، سنڌ جا سور ھاڻ ناسور بڻجي پيا آھن ته اتي راڻي جي ليڙون ڪيل ڪپڙن جو فرياد ڪھڙي معنيٰ رکي ٿو!؟ اسان ته ھاڻ معنائون به وڃائي چڪا آھيون ۽ جي رھيا آھيون ھڪ اھڙي معني سان جنھن ۾ ماڻھپي جي شھادت ٿيل آھي، عزتون تار تار ٿي روئي رھيون آھن ۽ سنڌ جي سياسي ميدان تي سڃ واڪا ڪري رھي آھي سو اھڙي صورتحال ۾ راڻي باگڙياڻي جي ڦاٽل ڇولي کي ڪير چَتيون ھڻندو؟ تنھنڪري پاڻ راڻي باگڙياڻي جو ڪيس وقت جي عدالت تي ڇڏيندي انتظار ٿا ڪريون ته ڪڏھن انصاف ٿيندو ۽ راڻيءَ جي ڪيس جو وارو ايندو.
 
Back
Top