اسان بہ هئاسين امن وارا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2016۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    سردار چنڙ
    پاٽ شريف ضلعي دادو اهم ماڳ آهي جنهن کي علمي ادبي ۽ تاريخي سياسي سماجي لحاظ سان تمام گھڻي اهميت آهي
    جنهن ۾ نهايت معتبر شخصيتن علام آءِ آءِ قاضي جسٽس معين قاضي جسٽس عبدالوحيد صديقي
    جسٽس زيد اي چنہ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ايس ايس پي عظمت الله جوڻيجو شهيد غزالا بتول صديقي آفتاب قاضي حميدہ بانو(جنهن سان همايو بادشاه پاٽ شريف ۾ شادي ڪئي) ۽ ٻين انيڪ شخصيتن جنم ورتو اڄ انهيءَ شهر کي نظر لڳي وئي آهي هي هاڻي راڻونن جو شهر آهي يا رنيس اسٽريٽ جا سمورا ڪنڊا هاڻ هن شهر تي راڄ ڪن ٿا اچوتہ هن شهر سان هاڻ پنهنجي تعريف ڪريون جنهن شهر جي اڇن ڪبوترن جهڙو امن باز جي تکين چنهبن ور چڙهي ويو آهي دادوءَ جي درياءَ واري پٺي ۾ آباد ننڍا شهر ماهوار ڀٽا ڪنهن کي ڏين ٿا۽ انهن پويان ڪهڙيون سياسي طاقتون آهن جيڪڌهن اڄ بہ ڦلجي پيارو سيتاوليج تائين ڏسنداسين تہ اسان اغوا براءِ تاوان واري ڪيفيت نظر ايندي جتي چرٻٽ راجہ جو قانون هلندڙ هجي علائقائي تڪرار سبب تاراج ٿي چڪا آهن جتي سمورا ڳوٺ نمرود جي نظرن ساڙي راخ ڪري ڇڏيا هجن اُتي هڪ تاريخي شهر پاٽ شريف جوبہ ذڪر اچي ٿو جيڪو اڄ بہ نفرتن جي نشاني تي آهي جتي سرعام قتل عام ڪيو پيو وڃي مخدوم افتخارالحق صديقي ڪمدار قربان پنهور کي جتي سرعام شهر م قتل ڪيو ويو اُن واقعي کان پوءِ اڪثر هتي لڏپلاڻ جاري آهي.
    جيڪڏهن پيپلزپارٽي وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجھ بہ ڪونهي تہ خدارا ان کي عوام کي جن جي ووٽن تي اوهان موجون پيا ڪيو انهن کي امن تہ ڏيو؟
    گھٽ ۾ گھٽ غريب بي پهچ ماڻهن جي جانين جي تہ حفاظت تہ ڪريو
    ايس ايس پي شبيراحمدسيٺار جي حڪم سان پاٽ شريف کي پوليس پڪٽ تہ ملي آهي پر سوال اهوٿو ٿئي تہ ڇا اهيو امن ۽ پڪٽون ڪيترو ٽائيم رهنديون اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون تہ خدارا اوهان ايس ايس پي شبير سيٺاروانگر هن تاريخي شهر جي لاءِ جلد کان جلد قدم کڻو تہ جئين هن تاريخي شهر علمي ادبي واري شهر پاٽ شريف امن جو شهر بڻايو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو