Sindhi Media
سينيئر رڪن
پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪُهاڙي هڻندڙ، وڏيرن، پيرن، شاهن ، جاگيردارن ۽ راشي ڪامورن جي پُڇ ۾ لٽڪيل، ٽرڙا اجايا ٽهڪ، واندا ۽ ڪم چور، ۽ پنهنجن سان پاڻ ساڙندڙ ۽ تعصب رکندڙ سدائين سورن ۾ سڙيل سنڌي قوم کي التجا ته هوش ۾ اچو، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ بورڊ آفيسن ، شناختي ڪارڊ آفيسن ۽ ڊوميسائيل آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ رشوت وٺي غير سنڌين جا ڪم ڪندڙئو هوش ۾ اچو، سنڌ ۽ سنڌين سان ويسا گھاتيون بند ڪريو.
وقت اڃا به نه ويو آهي، اسان اڄ به سنڌ سڳوريءَ کي ست هزار سالن واري سولائيزڊ نيشن طرف موڙي سگھون ٿا. ان لاءِ اسان کي پنهنجي گھران ئي حق سچ جو جهاد شروع ڪرڻو پوندو. هي سنڌي قوم پرستن ۽ سنڌي سياسي ليڊرن، سنڌ ۽ سنڌين جو استحال ڪندڙ پيرن، شاهن ، وڏيرن، جاگيردارن، راشي ڪامورن، جي امتحان جو پڻ وقت آهي جيڪي پنهنجي جان مُصيبت ۾ ڏسي سنڌي ڪارڊ ته استعمال ڪن ٿا پر معصوم، لاچا ۽ بيوس سنڌ ين کي صحيح رستو ڏيکارڻ بجاءِ پنهنجي غلاميءَ طرف راغب ڪن ٿا. هيئنر سنڌ سموري سورن ۾ به ان ڪري آهي جو ڪو به مٿيون سنڌي سنڌ ۽ سنڌين سان سچو ناهي سچو ناهي. ماڊريزنائزيشن جي نالي غير سنڌي عورتن سان شادي ڪري ، پنهنجي وُجودن کي وڪيو ڇڏين ، اولاد ، زالن ۽ ناناڻن جي اثر رُسوخ هيٺ رهي غير سنڌيين جي مدد ۽ اُنهن لاِ ڪم ڪن ٿا ۽ وڃي درن تي رسائي ڪن ٿا. ڪراچيءَ جي مڙني ادارن ۾ ڏسو سنڌي ٻين کان ته ڊڄن ٿا ۽ پنهنجي جو ڪنڌ ڪپڻ ۾ دير نٿا لڳائين، پنهنجن کي جيڪي ميرٽ تي آهن ،برداشت نٿا ڪن ۽ اُنهن سان ويسا گھاتيون ڪن ٿا. فيوڊل ازم غالب ٿي ويو آهي، غربت مجبورن وڪجي وئي آهي ۽ انهيءَ ايليٽ ڪلاس ۽ فيوڊلس جي ڇاڙتي طور ڪم ڪري ٿي. رهيل آهي ته اپر مڊل ڪلاس جو وائيٽ ڪالر مين. ڊڄي به ٿو پر جُرائت به نٿو ڪري. اچو ته هڻ قوم جي برين واشنگ ڪريون ۽ اُنهن جي غلط طور طريقن جي نشاندهي ڪري اجتمائي طور اُنهن کي رشوتي ٿيڻ کان، بدتهذيبي ڪمن کان مُقتي ڏياريون ۽ نشاندهي ڪرڻ سان گڏوگڏ ساڻن سوشل بائڪاٽ ڪري نفسياتي حربن سان سندن علاج ڪريون، نه ته اُهو وقت اچي چُڪو آهي جو سنڌ جي خوشحاليءَ جو راهون بلڪل رد ٿي چُڪيون آهن، لڳي ٿو ته اڃا هوش نه آيو ته سنڌ ۾ ئي اڪليت ۾ ۽ انهيءَ جاگيرداري، پير پرستي ۽ شاه پرستيءَ نظام ڪري ڪتابن ۾ ئي قوم ليکبا سون ۽ نعرن سان هاڻ پيٽ ڀرڻو ناهي، شادتون، قربانيون، جھڳڙا فساد به ڪم نه آيا آهن، اوبتو وڌيڪ سورن ۾، امير سنڌي غريبن ۽ اُنهن جي وسائلن کي وڪڻي امير تر ۽ غريب غلامي ڪري ڪري غريب تر ۽ خود ڪشين تي مجبور. اچو ته هنن وڏيرن جي پُڇ ۾ لٽڪڻ بجاءِ هڪ ٻئي کي دڳ ڏئي اڳتي هلون.