• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امر ڪوٽ ۾ اڳوڻي سفير نور محمد جادماڻي صاحب سان ڪچھري

حفيظ ڪنڀر

سينيئر رڪن
Kctl3H.jpg

امر ڪوٽ ۾نور محمد جادماڻي صاحب سان ڪلھ ڪچھري ٿي - ڏھن - ٻارھن ملڪن ۾ سفير رھندڙ ـ آمريڪا ۾قونصلربہ رھيو ـ جمشيد مارڪر سان ڪم ڪندڙ جادماڻي صاحب ھاڻ رٽائرڊ ٿي آيو اھي ـ ھن ڊپلوميٽ صاحب وٽ ڪافي خبرون آھن ـ مزي جي ڳالھ تہ ھي صاحب ڪنھن بہ يونيورسٽي ۾ريگيولر پڙھيو ئي ناھي ـ بس وڏي ڀاء ڊاڪٽر گل صاحب ـ ڊاڪٽر سائين اسحاق جي ھمٿ افزائي ـ سھڪار سان ھمراہ نڪري پيو ـ مقابلي جا امتحان ڏئي سفارتڪار ٿي ويو.ـ چيومانس تہ سفارت ڪار طور ـ توھان کي ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ گھرجي ـ من ھتان جي نئين نسل کي انٽرنيشنل افيئرس متعلق ڪا ڪوڏي ڄاڻ ۽ علم.جي ملي پوي ـ يونيورسٽين جا حال اھي آھن جو پوليٽيڪل سائنس ـ تاريخ ـ انٽرنيشنل رليشنز جا شعبا شاگردن کي ڪتابن مان چار ـ پنج چيپٽر ليڪي ڏئي چون تہ " بس اھي پڙھي اچجو امتحان انھن مان وٺبو" باقي ٿيو خير ـ ٻاھرين ايڪسپرٽس سان ڪو انٽرايڪشن ھجي تہ شاگرد جو ڀلو ٿي پئي ـ پر ھتي تہ اھڙي ڳالھ ڪرڻ جڳ کلائڻ برابر آھي ـ ميڊيا جو اھو حال تہ امريڪي اليڪشن تي بہ "ٻٌڍِي جي ڳوٺ" جو رپورٽر ويٺو ڳالھائي ـ آمريڪا جي تازي اليڪشن کان پوء واري صورت حال تي پڇيم تہ چيائين "جيڪا ھتي پرسيپشن آھي ان سان ڪو فرق نٿو پوي ـ ڊونالڊ ٽرمپ جا مسلمان عربن سان ـ سعودي وارن سان واپاري لاڳاپا آھن.“
ھي ٽرمپ گھٽ ۾گھٽ واضح ۽ چٽو حريف تہ ٿي ايندو ان ڪري آساني ٿيندي. مبھم غير واضح ھيلري ـ اوبامہ تہ وڌيڪ خطرناڪ ان ڪري آھن جو انھن جي ڳالھين مان اوھان ڪو اڪيوريٽ اندازو نٿا ڪري سگھو ـ اصل مسئلو رياستن جا انٽريسٽ ـ مفاد ھجن ٿا ـ "
مون ھن کان مسلم ڪميونٽي جو پڇيو تہ ھن چيو " سچ اھو آھي تہ مسلم خود کي ئي آئيسوليٽ ڪري رکيو آھي ـ ھو ان سماج ـسوسائٽي سان ھلڻ بجاء ڪلچرل گيپ رکڻ کي ترجيح ڏين ٿا ـ ھتان ۽مشرقي سماجن ۾وڏو فرق آھي ـ مثال طور اسان جو ٻار بہ پيء کي خوش رکڻ لئ ان جي ڪار صاف ڪري سگھي ٿو ـ پر ھتان جو ٻار ساڳيو ڪم ڪرڻ لئ پيء کان ھڪ ڊالر وٺندو ـ مسئلو اھو آھي تہ مسلم دنڀا جو ماڻھو نہ ان سماج ۾مڪس ٿيڻ لئ نہ ھنن جي وليوز کي قبولڻ لئ تيار آھي ـ پر وري اتي ئي رھڻ کي ترجيح بہ ڏي ٿو ـان کي اتان جي نيشنلٽي بہ کپي ـ ويزاؤن ـ گرين ڪارڊ سڀ وڻن ٿا ـ ھن ٻڌايو تہ ايران ۾" مرگ بر امريڪا جا نعرا ھڻندڙ جلوس ڪڍندڙن جي ڪن ۾رڳو چوجي تہ اوھان کي آمريڪا جي نيشنلٽي ٿا ڏيون ڪيڏانھن وڃن نعرا ڪيڏانھن وڃن امريڪا مخالف جلوس؟. ـ ھن چيو تہ ايران کي ھاڻ امريڪا مڊل ايسٽ ۾رول ادا ڪرڻ لئ اسپيس ڏيڻ چاھي ٿو ـ عربن جي ڀيٽ ۾ايرانين جو پڙھيل لکيل سماج آھي ـ نوي سيڪڙو لٽريسي ريشو اٿن ـ ايرانين جي ڪابينہ ۾جيترا ميمبر اڪسفورڊ ـ ڪيمبرج ـ ۽ٻين يونيورسٽين جا پي ـ ايڇ ـڊيز آھن ايترا اوبامہ جي ڪابينہ ۾بہ نہ رھيا ھئا ـ ھن چيو تہ ھت ي امريڪا ـ يوروپ مان ايندڙ ھر ماڻھو کي اھا ئي سوسائٽي شراب پيئندڙ سمجھي ٿي جتي ھاڻ وھسڪي مھمانوازي جو ضروري آئٽم ٿيندو ٿو وڃي ـ امريڪا ـ يورپ ـ مان آيل مھمان جيڪڏھن فقط چانھن جي طلب ڪندو تہ ميزبان جو حيرت ۾وات ڦاٽي ويندوتہ ھي رڳو چانھ ڪيئن ٿو پيئي؟ . ـ اسان اتي اھڙي نموني رھون ٿا جو ھتي تصور نٿا ڪري سگھون ـ اسان مذھبي سوالن تي جنھن نموني ان سماج ۾علمي بحث ڪيون ٿا ـ تشريح ـ تفسير ـ سوال ـجواب ڪيون ٿا جيڪڏھن ھن سماج ۾ڪيون تہ ٺپا لڳي و ڃن ان ڪري منھنجو خيال اھي تہ درست اسلامي سوچ ان ئي علمي سماج مان اڀرڻي آھي جتي علم ھوندو ـ ھن ھڪ ٻي ڳالھ اھا بہ شيئر ڪئي تہ ھاڻ تہ اتي اسان وارا ھمراہ بہ فرقي پرستي جي چڪرن ۾آھن ـ پنھنجون مسجدون ٺاھي ـ پنھنجي فرقي جا پيش امام ـ ملان مولوي مقرر ڪرڻ ۾لڳي ويا آھن ـ ھن پاڪستاني ڪميونٽي ۾سنڌين لئ چيو تہ انھن ۾ڪجھ اڃا ڪا ڳالھ نظر ايندي جو ھو ڪجھ ڊڄي ٿو ـ ڀلي پنھنجي عزت بچائڻ جي چڪر ۾ئي شريف ٿيو پيو ھلي پر باقي ٻيا پنھنجا وڏا ڀائر تہ ويزا یا نيشنلٽي لئہ دنيا جو ڪو بہ ڪم ڪري سگھن ٿا ـ ھن سان وڌيڪ ڪچھرين جي سڪ کڻي امر ڪوٽ مان موڪلايوسون ـ
 
Back
Top