اچو ته اهو ازم ورجايون ته لاٽ ٻريل رکنداسون ۔۔۔

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ عبدالعزيز منڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2010۔

  1. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    پيارا دوستو،

    ٻه هفتا ئي ته ٿيا آهن جو اسان گڏ ٿياسين، هن عزم سان ته سنڌي ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم جي خواب کي حقيقت بڻائينداسي.

    ان عرصي ۾ ميمبرن جو انگ ٻن مان وڌي ستاويهه ٿيو. انهي ئي ڏينهن ۾ 45 کن پيغامن جي هن اي ميل لسٽ تي ڏي وٺ به ٿي. انهن ٻن هفتن ۾ ڪمپيوٽر سان لاڳاپيل هزار کان وڌيڪ لفظن ۽ محاورن جو سنڌي ۾ ترجمو به ٿيو.

    بس، مان ايترو ئي چوندس ته ان جذبي کي اجاريل رکو. اسان مان هر ڪو ڪمپيوٽر يا ٻولي جو ماهر نه هوندو. ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ فرصت به هر ڪنهن وٽ هڪ جهڙي يا هڪ جيتري ڪانه هوندي. اسان مان ڪي گھڻو ڪجھه ڪري سگھڻ جي اهليت رکندا هوندا ته ڪي گھٽ. اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪو جيترو ڪري ٿو سگھي ڪري، پوءِ چاهي اهو ترجمو ڪرڻ هجي، يا ترجمي ۾ تصحيح ڪرڻ هجي، صلاح ڏيڻ هجي يا ٻيو نه ته همٿ وڌائڻ لاءِ پيار ۽ پاٻوه مان ٻوليل ٻه لفظ ئي کڻي هجن. اهو ئي ته ٿيندو آهي ٽيم ورڪ.

    اچو ته اهو عزم ورجايون ته لاٽ ٻاريل رکنداسون، مقصد حاصل ڪرڻ تائين.

    توهان جو سڪ وچان

    عبدالماجد ڀرڳڙي‏



    Dear friends,

    It has not been very long time that we got together and formed this team to achieve the objective of a Sindhi OS. This all started only a fortnight ago.

    In these two weeks, the membership grew from 2 to 27.

    During these fourteen days about 45 messages have been exchanged, discussing the issues, introducing ourselves and making suggestions and so forth.

    In this period about a thousand translations have also been made.

    I would just say this, please keep the interest alive, keep up the good work. We need you all. Some of us can do more, some of us can do a little, but let each one of us contribute in some way. Translation of a term or phrase, a suggestion, an improvisation and even a word of encouragement and sharing will do.

    Let us resolve to keep the spirit alive, till we have attained the goal.

    Yours truly,

    Abdul-Majid Bhurgri
    www.bhurgri.com
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اچو ته اهو عزم ورجايون ته لاٽ ٻاريل رکنداسون۔۔۔

    سائين عبدالعزيز پيارا اوهان جي مهرباني جو اسان جي محسن سائين عبدالماجد جن جي مضمون جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري اسان سان شيئر ڪيو اهو بالڪل درست آهي ٻه ته ٻارنهن واري مصداق تحت جيڪڏهن سڀ دوست ڪم ۾ هٿ ونڊيندا ته انشآء‌ الله مثبت نتيجا سامهون ايندا فقط سوچ پازيٽِوِ هجڻ‌ گهرجي۔
     
  3. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: اچو ته اهو عزم ورجايون ته لاٽ ٻاريل رکنداسون۔۔۔

    پيارا دوست آئون ترجمعو نه ڪيو آهي سائين پاڻ ئي پنهي ٻولين ۾ لکيو آهي، هن فورم تي ڪجهه اهڙا به دوست ٿي سگهن ٿا جيڪي سنڌي سمجهي ڪون سگهندا هجن سو انهن لا اهو ميسيج انگريزي ۾ پڻ موڪليوسين،،
    اوهان دوسيتن جو ساٿ گهرجي هي اسان سڀني جو پنهنجو ڪم آهي،
     
  4. bakhtawar

    bakhtawar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    mir pur khas sindh
    جواب: اچو ته اهو ازم ورجايون ته لاٽ ٻريل رکنداسون ۔۔۔

    اسان جو دعائون ۽ نيڪ تمنائو توهان سان گڏ آهن
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اچو ته اهو ازم ورجايون ته لاٽ ٻريل رکنداسون ۔۔۔

    نيٽ لاءِ‌ گهٽ وقت هجڻ ڪري ڪوشش ڪري به هن سنڌ ٻولي کي اجاگر ڪرڻ واري اهم ڪم ۾ حصو اٽڪائڻ کان قاصر آهيان پر سائين ماجد ڀرڳڙي ۽ ادا عزيز سميت سمورن سنڌين کي داد ۽ تحسين ٿو ڏيان جيڪي ٿورو يا گهڻو وقت هن ڪم لاءِ صرف ڪري رهيا آهن۔۔۔ اميد ته جلد ئي هي پروجيڪٽ مڪمل ٿيندو ۽ نتيجو اسان سمورن سنڌين ّخوشي سان سرشار ڪندو۔۔۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اچو ته اهو ازم ورجايون ته لاٽ ٻريل رکنداسون ۔۔۔

    سائين انشاءَ الله سنڌ جي سورمن جي مدد سان هي پراجيڪٽ جلد ڪامياب ٿيندو
     
  7. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: اچو ته اهو ازم ورجايون ته لاٽ ٻريل رکنداسون ۔۔۔

    دستو صرف دعائون يا همٿ افزايون نه پر توهان دوستن جو تعاون گهرجي،، پريڪٽلي اچي جوائن ڪري ٽرانسليشن جو ڪم ڪريو۔>:d<
     
  8. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: اچو ته اهو ازم ورجايون ته لاٽ ٻريل رکنداسون ۔۔۔

    ادا تمام سٺو اسان جو دعائون توهان سان گڏ آهن۔
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اچو ته اهو ازم ورجايون ته لاٽ ٻريل رکنداسون ۔۔۔

    ادا آء كمبيوتر جو كو خاص ماهر كونه آهيان ان كري منهنجون دعائون مارن لاء
     
  10. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: اچو ته اهو ازم ورجايون ته لاٽ ٻريل رکنداسون ۔۔۔

    ادا وري به توهان کي ٻڌائجي ته خاص مهارت نه گهرجي۔ صرف ٽرانسليشن ڪرڻ اچي۔ بس ٻيو، جيڪي به دوست ڪون ٿا اچي سگهو اهي هي ميسيج ٻين اهڙن دوستن تائين پهچايو جيڪ هن ڪم ۾ هٿ ونڊائي سگهن، مهرباني
     
  11. هوش محمد

    هوش محمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Software Engineering Student
    ماڳ:
    Hyderabad till may 2011, now at Karachi
    جواب: اچو ته اهو ازم ورجايون ته لاٽ ٻريل رکنداسون ۔۔۔

    ٻه ته ٻارنهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ادا جيڪا ٻولي اسان جو اهڃاڻ آهي، انهيءَ ٻولي لاءِ خدمت اسان جو فرض آهي۔ بس ٿورو يا گهڻو اسان به حاضر آهيون
    توهان ٻڌايو ته ترجمي لاءِ ڪهڙي لنڪ تي حاضر ٿيون۔

    توهان جو خادم
    هوش محمد پنهور
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌي آپريٽنگ سسٽم لاءِ هڪ قدم

    25.06.2010​
    دوستو توهان سڀني کي ڄاڻ آهي ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مان وڌ ۾ وڌ لاڀ پرائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان کي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ استعمال ڪجي.‏ انهيءَ مقصد جي پيش نظر مون پوين ٽيويهن ورهين کان ڪوششون پئي ڪيون آهن ۽ ڌڻي جو شڪر آهي ته اڄ اسان دنيا جي هر اهم آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي استعمال ڪري سگھون ٿا.
    پر ان هوندي به، جيڪڏهن ڪو اهڙو شخص ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ چاهي جيڪو صرف سنڌي لکي ۽ پڙهي ٿو ڄاڻي، انگريزي مان واقف ڪونهي، ته ان لاءِ اڄ به اهو ممڪن ڪونهي ۽ ايئن اسان جي قوم جي اڪثريت لاءِ ڪمپيوٽر جو استعمال ان سببان ممڪن ڪونهي. اهو ڪم دراصل قوم جي تعليمي ۽ ٻوليءَ سان لاڳاپيل ادارن جو آهي، پر جي انهن تي ڇڏيو ويو ته ويهه ورهيه ٻيا گذري ويندا ۽ معاملو شايد پوءِ به اتي جو اتي رهي. تنهنڪري مون سوچيو آهي ته اهو اسان مان اهي جيڪي انگريزي ٻولي جي ڄاڻ رکن ٿا ۽ ڪمپيوٽر جي بنيادي معلومات به اٿن اهي گڏ پنهنجي مدد پاڻ جي آڌار ان ڪم کي هٿ ۾ کڻون.
    جيئن ته ونڊوز ۽ ايپل ميڪنٽوش حالانڪ اهم ترين آپريٽنگ سسٽم آهن پر اهي ڪاروباري ادارن جا پروپرائٽري سسٽم آهن جن کي اهي پاڻ ئي سنڌي لاءِ تبديل ڪرڻ جا مجاز آهن. دنيا جو ٽيون اهم آپريٽنگ سسٽم آهي لنِڪس جو ابنٽو جنهن کي مون تازو استعمال ڪري ڏٺو ۽ هر لحاظ کان سنڌي لاءِ موزون ڏٺم. اهم ڳالهه هي آهي ته اوپن سورس سسٽم هئڻ ڪري، ٻولي سان لاڳاپيل شخص پاڻ ان کي پنهنجي ٻولي لاءِ استعمال جوڳو بڻائي سگھن ٿا. مون انهي مقصد لاءِ هي پليٽفارم ٺاهيو آهي. اچو، هٿ ونڊايو ته جيئن پنهنجي قوم جي لاءِ ڪمپيوٽر جو مڪمل طرح سان سنڌي ۾ استعمال ممڪن بڻايون.
    انهيءَ لاءِ ڪمپيوٽر جو ماهر هجڻ ضروري بالڪل ڪونهي. انگريزي ٻولي جي ڄاڻ هجي، اهو ڪافي آهي. جيڪي لفظ، محاورا يا جملا ڪمپيوٽر جي مخصوص محاورتي يا ٽيڪنيڪل ٻوليءِ سان واسطو رکندا هوندا انهن جي ترجمي لاءِ البته ڪمپيوٽر سان واسطي رکندڙ دوستن جي مدد درڪار هوندي. مان توهان سڀني کي درخواست ڪندس ته هن ڪم ۾ بهرو وٺي انهيءَ کي تڪميل تائين پهچايو. هي توهان جو پنهنجو ڪم آهي، پنهنجو ڪري هن کي هٿ ۾ کڻو. منهنجي حيثيت هن ۾ صرف ابتدا ڪرڻ واري جي آهي. سنڀالڻو توهان دوستن کي آهي، خصوصًا انهن کي جيڪي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکن ٿا. هن ٽيم جي ميمبرشپ اوپن آهي. شامل ٿيو ۽ ميل لسٽ جي ذريعي باهم رابطي ۾ رهو.‏


    نيازمند
    عبدالماجد ڀرڳڙي
     
  13. جمشيد ٻٻر

    جمشيد ٻٻر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    mirpurkhas
    جواب: سنڌي آپريٽنگ سسٽم لاءِ هڪ قدم

    جي ادا بيشڪ پوءَ بسم الله ڪريو ۽ اسان کي انن شين جي ضرورت آ ادا
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي آپريٽنگ سسٽم لاءِ هڪ قدم

    طاهر طاهر سنڌي طاهر سائين عبدالماجد ڀُرڳري جو اهوزبردست پيغام تو ڪٿان هٿ ڪيو دوست گهٽ ۾ گهٽ حوالو ته ڏي۔ جو تنهنجي ٿورن سان انهي فورم جو ٿورو پڻ مڃيو وڃي جتي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي اهڙو عظيم پيغام ونڊيو آهي۔
     
  15. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌي آپريٽنگ سسٽم لاءِ هڪ قدم

    سائين اهو پيغام اڳ ۾ سائين عبدالعزيز فورم تي شيئر ڪيو آهي. ليڪن ان طرف ڪو عملي ڪم نه ٿيو آهي ان ۾ سڀ کان پهريان دوستن کي ڄاڻ آهر ڪم ورهائي ڏجي ته بهتر ٿيندو.
    وڌيڪ ٻي سنگت جي راء جو انتظار ڪجي ڏسجي ته ڪهڙي ٿي موٽ ملي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو