( اوم۔ ) سوال 1 : ھندو ڌرم جو اصل نالو ڇا آھي۔ جواب : سناتن ڌرم ۔ سوال 2 : اسان پنهنجي ھر ڪم جي شروعات ڪنھن جي شڀ نالي سان ڪندا آھيون ؟ جواب - شري گڻيش مھراج جي نالي سان ۔ ڇاڪاڻ جو گڻيش مھراج شو شنڪر مھاديو جا پٽ آھن کين وردان (دعا يا آسيس ) مليل آهي ته سندن نالي سان شروع ڪيل ھر ڪم ڪاميابي سان پورو ٿيندو ، سوال 3 : وشنو ڀڳوان جي پتني جو نالو ۽ ڪم ڇا آهي ؟ جواب : وشنو ڀڳوان جي پتني جو نالو لڪشمي ديوي جنهنجو ڪم ڌن يا دولت ڏيڻ آهي ۔ سوال 4 : شو مھراج جي پتني جو نالو ۽ ڪم ڇا آهي ؟ جواب : پاروتي ديوي جنهن جو ڪم ديا ڪرڻ يا دک درد ناس ڪرڻ آهي سوال 5: سنسار جو ماريندڙ يا ناس ڪندڙ ڪير آھي ؟ جواب : شو شنڪر
(( جئه شري رام)) سوال 6 : اسان جو مکيه منتر (گايتري منتر ) ڪھڙو آهي ؟ جواب : اومٖ ڀور ڀوھ سوھ تت سوتر ورڻيم ڀرگو ديو سيۡه ڌي مھي ڌيئو يونھ پرچو ديات۔ سوال 7 : گايتري منتر جو مطلب ڇا آھي ؟ جواب :ھي اڪال سروپ پراڻن کان پيارا پرڀو ساري سر ششي کي توهان جو ئي سھارو آهي ۔ توهان ئي سرو وياپڪ (ھر ھنڌ صاضر) ۽ شرو شڪتيوان آھيو ۔ توهان ئي نيڪي ۽ لڄ بخشيندر آھيو۔ توهان ئي سکن جي پراپتي ڪريو ٿا۔ ھي پرڀو اسان جي ھردن ۾ اچي پرڪاش ڪريو ۔اسين برن ڪمن کان پاسو ڪريو توهان جي شرڻ ۾ اچون۔ توھان جي انيت سک ۽ شانتي کان ڪڏهن به پري نه ٿيون۔ سوال8: اوم ڪنهن جو نالو آھي ۽ سندن مطلب ڇا آهي ؟ جواب : اوم ڀڳوان جو نالو آهي ۔ ھي ٽن اکرن جو مرڪب آهي جنهنجو مطلب ترتيب وار ھن ريت آھي ۔ ( ا ) اپائيندڙ يا پيدا ڪندڙ ۔ ( و) ۔ وڌائيندڙ يا پاليندڙ۔ (م) ماريندڙ يا ناس ڪندڙ ۔ سوال 9 : ڀارت ۾ اسان جا مکيه تيرٿ ڪھڙا آھن ؟ جواب : گنگا جمنا ، ھردوار، ڪاشي ، مٿرا ، بدري ناٿ ، دوار ڪاپوري۔ سوال 10: گنگا ۽ جمنا نالي نديون ڀارت جي ڪھڙي صوبي ۾ آھن ؟ جواب : اتر پرديش ۾ ۔