• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هندو ڌرم متعلق سوال جواب

اجمل داس

سينيئر رڪن
( اوم۔ )

سوال 1 : ھندو ڌرم جو اصل نالو ڇا آھي۔
جواب : سناتن ڌرم ۔
سوال 2 : اسان پنهنجي ھر ڪم جي شروعات ڪنھن جي شڀ نالي سان ڪندا آھيون ؟
جواب - شري گڻيش مھراج جي نالي سان ۔ ڇاڪاڻ جو گڻيش مھراج شو شنڪر مھاديو جا پٽ آھن کين وردان (دعا يا آسيس ) مليل آهي ته سندن نالي سان شروع ڪيل ھر ڪم ڪاميابي سان پورو ٿيندو ،
سوال 3 : وشنو ڀڳوان جي پتني جو نالو ۽ ڪم ڇا آهي ؟
جواب : وشنو ڀڳوان جي پتني جو نالو لڪشمي ديوي جنهنجو ڪم ڌن يا دولت ڏيڻ آهي ۔
سوال 4 : شو مھراج جي پتني جو نالو ۽ ڪم ڇا آهي ؟
جواب : پاروتي ديوي جنهن جو ڪم ديا ڪرڻ يا دک درد ناس ڪرڻ آهي سوال 5: سنسار جو ماريندڙ يا ناس ڪندڙ ڪير آھي ؟
جواب : شو شنڪر
 
(( جئه شري رام))

سوال 6 : اسان جو مکيه منتر (گايتري منتر ) ڪھڙو آهي ؟
جواب : اومٖ ڀور ڀوھ سوھ تت سوتر ورڻيم ڀرگو ديو سيۡه ڌي مھي ڌيئو يونھ پرچو ديات۔
سوال 7 : گايتري منتر جو مطلب ڇا آھي ؟
جواب :ھي اڪال سروپ پراڻن کان پيارا پرڀو ساري سر ششي کي توهان جو ئي سھارو آهي ۔ توهان ئي سرو وياپڪ (ھر ھنڌ صاضر) ۽ شرو شڪتيوان آھيو ۔ توهان ئي نيڪي ۽ لڄ بخشيندر آھيو۔ توهان ئي سکن جي پراپتي ڪريو ٿا۔ ھي پرڀو اسان جي ھردن ۾ اچي پرڪاش ڪريو ۔اسين برن ڪمن کان پاسو ڪريو توهان جي شرڻ ۾ اچون۔ توھان جي انيت سک ۽ شانتي کان ڪڏهن به پري نه ٿيون۔
سوال8: اوم ڪنهن جو نالو آھي ۽ سندن مطلب ڇا آهي ؟
جواب : اوم ڀڳوان جو نالو آهي ۔ ھي ٽن اکرن جو مرڪب آهي جنهنجو مطلب ترتيب وار ھن ريت آھي ۔ ( ا ) اپائيندڙ يا پيدا ڪندڙ ۔ ( و) ۔ وڌائيندڙ يا پاليندڙ۔
(م) ماريندڙ يا ناس ڪندڙ ۔
سوال 9 : ڀارت ۾ اسان جا مکيه تيرٿ ڪھڙا آھن ؟
جواب : گنگا جمنا ، ھردوار، ڪاشي ، مٿرا ، بدري ناٿ ، دوار ڪاپوري۔
سوال 10: گنگا ۽ جمنا نالي نديون ڀارت جي ڪھڙي صوبي ۾ آھن ؟
جواب : اتر پرديش ۾ ۔
 
Back
Top