مسئلو ڇا آهي...! ؟

'راءِ شماري' فورم ۾ راشد ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2016۔

  1. راشد ميمڻ

    راشد ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2012
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    سيوهڻ شريف
    مسئلو ڇا آهي...! ؟
    آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سال مَس ٿيا هوندا ته هڪ اردو چينل جي نام نهاد صحافي اسان جي سنڌي ٽوپي (ثقافت) تي تحسبي حملو ڪيو ۽ سنڌي قوم کي هڪ ڪمتر ۽ جاهل قوم جو درجو ڏيڻ جي ڪوشش پي ڪئي هئي، ان صحافي جي غلط ۽ غليظ سوچ، جذبات کي مدِنظر رکي هڪ سنڌي چينل جي سرواڻ سنڌي ٽوپي،ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو.
    پر...! هي ڇا ٿيو....!
    بس صرف هڪ دفعو سنڌين پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪري (ايڪتا) جو اظهار ڪيو هو..!
    افسوس... هي ٿئي ڇا پيو....؟
    ڊسمبر جو مهينو ويجهو ٿيڻ سان هرڪو سنڌين جو سرواڻ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي..! هر هڪ چينل جو مالڪ الڳ الڳ ڏينهن ۽ هفتي جو اعلان ڪري رهيو آهي وري ان سان گڏ مختلف سياسي،سماجي،تعليمي ، اقليئتي ادارن جي همايت وٺي انهن کان اعلان ڪرائي رهيو آهي ته فلاڻو اسڪول ڪي ٽي اين جي سڏ تي، فلاڻي تنظيم سنڌ ٽي وي جي سڏ تي، فلاڻي ڪميونٽي مهراڻ جي سڏ تي ، فلاڻو ادارو ڌرتي جي سڏ تي فلاڻي برادري آواز جي سڏ تي سنڌي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
    آخر مسئو ڇا آهي....؟
    هي ثقافت ملهائڻ جو طريقو ڪهڙو آهي؟
    ڇا اِن کي اسان ايڪتا جو نالو ڏئي سگهون ٿا؟
    ڇا الڳ الڳ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سان ٻڌي جو مظاهرو آهي؟
    ڇا سنڌي چينلن جا مالڪ پنهجي ريٽنگ جي ڪري ماڻهن کي حصن ۽ گروپن کي ۾ ورهائي رهيا آهن؟
    ڇا انهن سنڌي قوم کي ايترو واندو سمجهيو آهي جو هو پنهنجي مفاد جي خاطر ماڻهن کي ٽي وي تي ڏيکارڻ جي لالچ هفتو هفتو نچائيندا رهندا؟
    اسان جي ان عمل سان دشمن جي خوشنودي آهي ۽ اهي وري به اهو ئي سوچي رهيا هوندا ته سنڌي واقعي جاهل قوم ئي آهي جو اهي پنهنجي ثقافت تي سياست ڪري رهيا آهن.
    ثقافت ته رنگ، نسل،ذات کي هڪ ئي لباس ۾ اوڙهي ٿي.
    پو آخر مسئلو ڇا آهي...؟
     
    ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو