سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري

'سنڌي ادب' فورم ۾ نظير احمد آبڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2016۔

  1. نظير احمد آبڙو

    نظير احمد آبڙو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري
    سڄڻ چئبو آهي ڪنهن دل گھرئي دوست کي،پرين پياري دوست کي۽ ساڻيھ چئبو آهي ڌرتي، ديش، وطن کي. جنهن ڌرتيءَ تي انسان ڄمي نپجي ٿو اها ڌرتي اها مٽي انهيءَ ماڻوءَ جو ساڻيھ آهي. ديش جي محبت هڪ فطري عمل آهي، جتي ماڻهو ڄائو نپيو جٿي سندس ٻالڪپڻ ننڍپڻ گذري ٿو،جتي هو لڏي ڪڏي جوان ٿئي ٿو. انهيءَ ڌرتيءَ سان ماڻهوءَ جي بي انداز محبت ٿئي ٿي جنھن جو ڪاٿو لڳائڻ ممڪن نه آهي.
    سنڌ اسان جو وطن آهي ، جيڪا اسان سنڌين کي جان کان وڌيڪ پياري آهي ، تاريخ جا ورق کولي ڏسو جڏهن به ڪنهن دشمن سنڌ امڙ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جي سورهه جوانن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي دشمنن کي منهن ٽور جواب ڏنو آهي. اسان کي پنهنجن سنڌي هيروز کي فالو ڪرڻ گهرجي جن پنهنجي جانين جي به پرواهه نه ڪئي ۽ سنڌ امڙ کي امرتا بخشي آهي. انهن سنڌي جوانن ۾ دريا خان، شاهه بهارو،هوش محمد شيدي جو مثال وٺجي.شاهه بيگ ارغون جڏهن ٺٽي تي حملو ڪيو ته سندس دريا خان سندس سخت مقابلو ڪيو جيستائين جيئرو هو تيستائين شاهه بيگ ارغون کي ٺٽي جي سر زمين تي پير کوڙڻ نه ڏنائين، نيٺ سنڌ امڙ جي لوئي، لڄ بچائيندي ساهه صدقي ڪيائين. هوش محمد شيديءَ انگريزن خلاف جنگ ڪئي۽ نارو بلند ڪيائين ته مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون، هوشوءَ سنڌ تان سر صدقو ڪري ڇڏيو.
    افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان پنهنجي قومي هيروز جي ڏنل سبق کي وساري ڇڏيو آهي، اڄ سنڌ ڏرتيءَ مٿان ظلم ستم جا پهاڙ ڪيرايا ويا آهن پر اسان جا سنڌي حڪمران تماشائي بڻيل آهن. سنڌ ڌرتيءَ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ڌرتيءَ جي عزت ناموس تي چٻرا چٿرون ڪري رهيا آهن. موجودهه دور ۾ سنڌين جو متحد هجڻ تمام ضروري آهي.
    ياد رهي ته ساڻيهه جي سڪ ۽ محبت ايمان جو جزو آهي، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ساڻيهه سان محبت نه آهي ته ان جو ايمان سلامت نه آهي ۽ اهڙو ماڻهو بي ايمان آهي ۽ بي ايمان دين خان خارج ليکيو ويندو آهي.
    مارئي جو مثال اسان جي سامهون آهي هن عمر بادشاهه جون سڀ لالچون ٿڏي ڇڏيون چيائين ته هيرن جواهرن تي ۽ پٺ پٽيهرن تي پنهنجو ملڪ نه ڇڏينديس . اها به حقيقت آهي ته ڪي ماڻهو دل ج پڪا ۽ خود غرض لوڀ ۽ لالچ ۾ وڪوڙيل ٿين ٿا،انهن جي اکين تي اوندهه جا آنڌارا چڙهيل ٿين ٿا جنهن جي ڪري انهن کي ڌرتيءَ جي عزت ۽ آبرو نظر ئي نه ايندي آهي، اهڙڻ ماڻهن لاءِ چيو ويو آهي ته؛
    سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري
    حيف تنين هوءِ وطن جن وساريو.
     
    عبيد ٿهيم ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو