بيمارين کان بچڻ جي لاءِ غذا ڪيئن استعمال ڪجي؟

'صحت سرير جي' فورم ۾ sohail_kori طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2016۔

  1. sohail_kori

    sohail_kori
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    نائب قاصد ايجوڪيشن
    ماڳ:
    ٽنڊوحيدر
    بسم الله الرحمن الرحيم
    بيمارين کان بچڻ جي لاءِ غذا ڪيئن استعمال ڪجي؟
    خالقءِ ڪائنات روزن جي فرضيت جو حڪم ڏئي
    مسلمانن جي روحاني تربيت سان گڏوگڏ جسماني تربيت يعني غذا جي استعمال جي مشق جو به انتظام فرمايو آ.
    هر سال ۾ هڪ مهيني جي مشق هڪ پاسي بک ۽ اُڃ جوحقيقي تصور ڏياري ٿي ۽ ٻي پاسي غذا جي هاضمي ۽ جسم جي صفائي جي لاءِ بيحد ضروري آهي.
    عموما مريض جي جسم ۾ جيڪا غذا موجود هُوندي آهي اُن ۾ خمير پيدا ٿي چُڪو هُوندوآهي،اڪثر اِهو خمير رت جي فساد تائين پهچي ويندو آهي بلڪه ڪڏهن ڪڏهن زهر جي صورت اختيار ڪري وٺندو آ
    مثال:جڏهن خمير واري اٽي سان جڏهن به ٻيو اٽو ملائي ڳوهيو وڃي ته يقينن ٻيو اٽو به خمير ٿي ويندو جيسيتائين خمير کي ختم نه ڪيو وڃي
    بلڪل اِها صُورت پيٽ ۾ غير هضم شده غذا جي موجودگي ۾ ٻي غذا کائڻ کانپوءِ پيدا ٿيندي آ
    اهڙي طرح پيٽ ۾ موجود ان خمير ۾ نه صرف هر قسم جي غذا خراب ٿي ويندي آ بلڪه دوائون به ضائع ٿيو وڃن.
    مريض پريشان ٿي ويندو آ ۽ سمجهندو آ ته علاج ۽ دوائن سان بجاءِ فائدي جي اُلٽو نُقصان پيو ٿيئي ۽ معالج به حيران ٿي ويندو آ ته اهڙو اڪسير و ترياق ۽ بي خطا ۽ يقيني مجرب نسخو استعمال ڪرڻ سان اهڙا خطرناڪ حالات ڪيئن پيدا ٿيا...؟
    يقينن نسخو مُفيد ناهي بلڪه اُن ۾ خرابيون آهن پر اصل ڳالهه کان ناواقف هُوندو آ ته مريض جي پيٽ ۾ جيڪو خمير هو اُن ۾ تيزي پيدا ٿي چُڪي آهي
    جنهن سان هي خطرا پيدا ٿيا آهن.
    ان ئي خمير مان پيٽ ۾ تيزابيت تيَار ٿيندي آهي جنهنکي (ايسڊيٽي) چون ٿا_ اِها جڏهن رت ۾ شامل ٿيندي آهي ته مختلف جاين خصوصا گردا ۽ غشائي مخاطي(يعني اندريون حفاظتي کلون) تي اثر انداز ٿي ڪري ڪيترائي خوفناڪ مرض پيدا ڪندي آهي.
    ان لاءِ علاج ،غذا،۽ دوا استعمال ڪرڻ کان پهرين خمير کي ختم ڪرڻ نِهايّت ضروري آهي.
    اصلي غذا اُها آهي جنهنجي جسم کي ضرورت هُجي ۽ اِهائي غذا زودهضم مُقّوي ۽ رت پيدا ڪرڻ واري ٿيندي
    جسم کي غذاجي ضرورت اُ وقت آهي جڏهن غذا جي خوب خواهش پيدا ٿيئي جنهنکي بُکَ چون ٿا.
    ۽ خصوصا بُکَ جي اُها صورت جيڪا روزو کولڻ کان ٿوري دير پهرين محسوس ٿيندي آ يعني جسم گرم ٿي ويندو آ
    خاص ڪري چهرو ڪن جي پاپڙي تائين گرم ٿي ويندو آ
    ۽ کاڌو کائڻ سان مسّرت،فرحت ۽ لذت جو احساس ٿيندو آ.
    اُن جي اُبتڙ جڏهن بُکَ ۾ جسم ٿڌو ٿي وڃي يا دل ٻُڏڻ شروع ٿيئي ته اِها بُکَ ناهي مرض آهي
    اُنجو علاج ٿيئڻ گهُرجي
    اُنجو فوري علاج ماکي يا ماکي جو شربت پيئڻ،هلڪي چانهن پيئڻ يا حسبِ خواهش فروٽ کائڻ.
    عذا خاص ڪري نشاستيدار غذا جي ويجهو به نه وڃجي
    ايئن ڪرڻ ڄڻ خوفناڪ مرضن کي دعوت ڏيئڻ آهي.
    هر سال رمضان المبارڪ م اسانکي هڪ ميني لاءِ بُکَ جي احساس جي تربيت ڏني ٿي وڃي پر عيد جي ٻي ڏينهن ئي اسان بلڪُل وساري ڇڏيندا آهيون بُکَ جو خيال ناهيون رکندا.
    اُن جو نتيجو هي ٿيندو آهي جو روزن جي فائدي کان محروم ٿي ويندا آهيون
    اهڙي طرح وقت بيوقت هر جڳھ تي کائي پي مرضن کي دعوت ڏيندا آهيون
    افسوس اسين پاڻ ئي قانونِ فطرت جي مخالفت ڪندا آهيون ۽ اُن بغاوت جي سزا جڏهن بيماري جي صورت ۾ ملندي آهي ته واويلا شروع ڪندا آهيون
    صحت جو نقصان پيسي جو به نقصان _الله تعالى اسانکي سَنّت جي مطابق کائڻ جي توفيق عطافرماءِ ۽ بيمارين کان محفوظ رکي آمين.
    اصولِ علاج
    تجويز ڪيل غذائن کان علاوه باقي تمام غذائن کا پرهيز ڪجي.
    تجويزڪيل غذا مڪمل صحت جو يقين رکندي استعمال ڪجي.
    ٻن غذائن جو درميني وقت گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ڪلاڪ هُجڻ گهُرجي.
    بغير شديد بُکَ جي ڪا به غذا نه کائجي ڀلي پنج ڏينهن گذري وڃن.
    معالج جي ٻُڌايل پرهيز تي ڪاربند رهجي
    دوا کان امڪاني حد تائين بچڻ گهُرجي.
    پرهيز ۽ غذا کان بهتر ڪوبه علاج ناهي.
    معالج جي قابليت ۽ علاج ڪرڻ جي صلاحيت تي مُڪمل اعتماد هُجي ته علاج شروع ڪجي.....


    الدّاعي الي الخير:سهيل احمد ڪوري
    ساڪن :ٽنڊوحيدر تعلقو حيدرآباد سنڌ.
     
    lalamemon هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو