نئين ٽهيءَ جي نوجوان فنڪاره ثنا سومرو سان ڳالهه ٻولهه ڳالهه ٻولهه : اعظم ڀٽي سنڌي موسيقي جي تاريخ تمام وسيع ۽ نرالي آهي ، ان ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪارن جو رت ۽ ست شامل آهي ، جن سنڌي موسيقي کي هن وقت تائين قائم ۽ دائم رکيو آهي، ان کي زنده ۽ جاويد رکيو آهي ، انهن ڪلاڪارن جي فهرست به تمام گهني ڊگهي آهي ، جن ۾ ثنا سومرو جو شمار به ڪري سگهجي ٿو ، نئين ٽهيءَ جي اڀرندڙ نوجوان فنڪاره ثنا سومرو 9 سيپٽمبر 1996ع تي ٽنڊو محمد خان جي شوڪت ڪالوني ۾ جنم ورتو ، سندس والد جو نالو حاجي سومرو آهي، ثنا سومرو، سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره فوزيه سومرو جي ڀائيٽي آهي، تنهنڪري فن کيس ميراث طور ورثي ۾ مليو، هن شروعاتي تعليم مونٽي سوري اسڪول ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي ، جتان ستين ڪلاس تائين پڙهڻ بعد ۾ فوجي فائونڊيشن اسڪول ٽنڊو محمد خان مان اٺون ڪلاس پاس ڪيائين ، مئٽرڪ 2013ع ۾ گورنمينٽ پبلڪ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان پاس ڪيائين، سندس تعليم جو سلسلو جاري آهي ، موسيقي سان ٻالڪپڻ کان ئي لڳاءُ سبب پنهنجي ڦڦيءَ ، سنڌ جي نامور لوڪ فنڪاره فوزيه سومرو جي گائيڪي کان متاثر ٿي 2008ع ۾ موسيقي جي ميدان ۾ پير پاتائين ، موسيقي جي سکيا استاد خير محمد احمداڻي کان ورتائين، 2010ع کان باقاعده ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري کي پنهنجي آواز جو رُوپ ڏنو اٿس ، سندس هڪ آڊيو ۽ چار وڊيو البم جاري ٿي چڪا آهن ، ڪي ٽي اين ۽ ڪشش ٽي وي تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. سنڌي لوڪ موسيقي ۾ نئين ٽهيءَ جي لحاظ کان پنهنجو سُٺو نالو پيدا ڪيو اٿس . ساڻس ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سِکيا دوران کوڙ ساريون تڪليفون پيش اچن ٿيون ، انهن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. شروعاتي مرحلا ائين ئي ڏُکيا هوندا آهن ، جيئن ننڍڙو ٻار پنڌ ڪندي ڌِڪا کائيندو آهي ، پر نيٺ پنڌ ڪري ئي ويندو آهي ، سو همت نه هاري آهي ، نه هاربي ، جدوجهد جاري رهندي ، سفر سڻائو ٿيڻ تائين پنڌ ڪبو . منهنجي وڏي خوش نصيبي اها آهي جو منهنجي خاندان منهنجي مڪمل حمايت ۽ رهنمائي ڪئي آهي ، انهن منهنجو مڪمل ساٿ ڏنو آهي ، تنهنڪري ٻيون تڪليفون نظرانداز ڪري سفر کي جاري رکڻ جو عزم ۽ حوصلو آهي ، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايڳ ته مونکي منهنجي ٻالڪپڻ ۾ ئي گهر ۾ فنڪارن وارو ماحول مليو، منهنجي ڦڦيءَ فوزيه سومرو کي ٻالڪپڻ کان ئي ڏسندي ۽ ٻُڌندي رهيس ، جنهن کان متاثر ٿي منهنجو به اهڙو شوق پروان چڙهيو ، اهو ئي سبب ۽ شوق هو ، جنهن مونکي فنڪار بڻايو . ان حوالي سان ٻالڪپڻ کان ئي ڦڦيءَ فوزيه به موسيقي لاءِ همٿائيندي رهندي هئي . پنهنجي ڪيريئر جي باري ۾ سندس چوڻ آهي ته فنڪاره نه هجان ها ته ڪجهه به نه هُجان ها ، بس گهريلو عورت ئي هجان ها . تنهنڪري آئون سمجهان ٿي ته فنڪاره ئي بهتر آهيان . موجوده دور ۾ ڳائي ويندڙ موسيقي بابت سندس ويچار آهي ته هن وقت ٻنهي قسمن جي موسيقي ڳائجي پئي ، سُٺي به ته غير معياري به ، سُٺي موسيقي ٻُڌي خوشي ٿيندي آهي ، غير معياري موسيقي ٻُڌي افسوس ٿيندو آهي . شوقيه فنڪارن جي فن جي باري ثنا سومرو چوي ٿي ته اصل مسئلو اهو آهي ته شوقيه فنڪارن موسيقي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ، نه سُر ، نه موسيقي ، نه فن ، نه فڪر ، نه ٻولي ، نه لهجو ، فقط پئسي ۽ شهرت جي چڪر ۾ انهن موسيقي جهڙي خوبصورت شعبي کي صرف ڌنڌو بنائي ڇڏيو آهي . جيڪا ڳالهه افسوسناڪ آهي .هڪ سُٺي فنڪار ٿيڻ بابت سندس راءِ آهي ته سُٺي فنڪار ٿيڻ لاءِ پهرين ته آواز جو سُٺو هجڻ ضروري آهي ، ان کان پوءِ موسيقي جي فن جي ڄاڻ انتهائي ضروري آهي ، بهترين شاعري جي چونڊ سان گڏ رياض ۽ مسلسل رياض جي محنت انتهائي ڪارگر آهي . مسلسل رياض ئي آواز کي ۽ فن کي پُختگي ارپي ٿو . هن ٻُڌايو ته ڪي ٽي اين ۽ ڪشش ٽي وي تي سندس ڪلام هليا آهن ، پروگرام جو موقعو مليو آهي ، باقي موسيقي جي حوالي سان سنڌي ٽي وي چئنلز بهتر ڪردار ادا ڪيو آهي ، سنڌي فنڪارن کي ڪجهه مانُ ۽ مرتبو مليو آهي ، فني حوالي سان ولگرٽي کي به اُڀار مليو آهي ، جنهنڪري اڃا به موسيقي جي حوالي سان سنڌي ٽي وي چئنلز کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي . جيڪا نه رڳو وقت جي اهم ضرورت آهي پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌي موسيقي جي بقا جو مسئلو به آهي . هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي شاعر جن کي ڦڦي فوزيه سومرو ڳايو ، انهن کي ڳائي چڪي آهيان ، بهترين ۽ وڏن شاعرن جي شاعري کي به ڳايو اٿم ، جن ۾ شاهه لطيف ، شيخ اياز ، ابراهيم منشي ، سرويچ سجاولي ، استاد بخاري ، آڪاش انصاري ، ظفر ڏيٿو ، بلاول اوٺو سميت ڪيترائي شاعر شامل آهن . سندس خيال آهي ته سندس ڳايل ڪلام “ اڄ منهنجو ذرو نه قدر اٿئي ” کي تمام سُٺي موٽ ملي ، في الوقت اهو ئي سندس مقبول ڪلام آهي . وڌيڪ مقبوليت جا دَر کُلڻ جي اميد اٿس ، هوءَ چوي ٿي ته مايوس ناهيان . محنت سان هر شيءِ ملي ويندي آهي . هن ٻُڌايو ته سنڌي ، اردو ، پشتو، سرائيڪي ، پنجابي ، مارواڙي ٻولين ۾ فن جو مظاهرو ڪيو اٿم ، بلوچي ٻولي کانسواءِ اڪثر مروج ٻولين ۾ ڪلام ڳايا اٿم . عمر ۽ تجربي جي بنياد تي سُٺي ۽ دل وٽان موٽ ملي آهي . ان مان دلي طور مطمئن به آهيان ، اڃا سفر به ڊگهو آهي ، اهو ته وقت ئي ٻُڌائيندو ته قسمت ڪٿي ٿي وٺي وڃي بيهاري . راڳ جي دلچسپي بابت سندس خيال آهي ته حقيقي راڳ آهي اهو جيڪو من کي سُڪون پهچائي ، پوءِ اهو ڪلاسيڪل راڳ هُجي ، لوڪ موسيقي هُجي يا صُوفياڻو رنگ هُجي ، هر سُٺو راڳ سُڪون پهچائيندو آهي ، باقي ڳائڻ جي حوالي سان مونکي ڪلاسيڪل راڳ وڌيڪ وڻندو آهي ، ان جي برعڪس عوام وري لوڪ موسيقي کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو . تنهنڪري فنڪار کي به هر رنگ ۾ رچڻو پوي ٿو . موسيقي کان علاوه ماڊلنگ يا اداڪاري ۾ ڪم ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو نه هئڻ جي برابر ٿيو آهي ته ڪو راڳي اداڪار يا ماڊل ٿي نالو ڪمائي سگهيو هجي ، ها اهو ضرور ٿيو آهي ته اداڪارن ۽ ماڊلز ، راڳي ٿيڻ جي ڪوشش ۾ محُو ضرور رهيا آهن ۽ ڪي راڳي ٿيا به آهن ، ٿيڻ جي ڪوشش ۾ به آهن ، پر مونکي هڪ فنڪار جي سڃاڻپ ئي بهتر لڳي ٿي ، باقي اداڪار يا ماڊل ٿيڻ جو ڪو به شوق ناهي . شهرت بابت سندس چوڻ آهي ته شهرت خوبصورت لڳي ٿي ، وڻي به ٿي ، شهرت جي خواهش به آهي ، پر ها ان ۾ نفي ۽ اثبات جو پهلو چِٽو هجڻ گهرجي ، بس مثبت حوالو هجڻ گهرجي ، اها خواهش به آهي ، تمنا به آهي ، سوچ به آهي ته ماڻهو مونکي هڪ سُٺي فنڪاره طور عزت واري نگاهه سان ڏسن ۽ ياد ڪن . سندس اهي به خيال آهن ته غُرور ۽ تڪبر صرف رب پاڪ جي ذات کي جُڳائي ٿو ، اهو عمل انساني صفت جي ئي خلاف آهي ، غُرور اهڙي بيماري آهي جيڪا ساڃاهه کسي وٺي ٿي ، تنهنڪري ان کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر آهي ، انسان ڪيترو به مٿي اُڏامي پر ان جا پير زمين تي ئي هجڻ گهرجن . پڙهندڙن لاءِ سندس اهو ئي پيغام آهي ته حقيقي فن ۽ فنڪار جو قدر ڪن ، سُٺي ۽ معياري شاعري سان ڀرپور ڪلامن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ، ان طرف متوجه ٿين ، ولگرٽي کان پاسو ڪن ، اهو عمل ئي اسان جي سنڌي موسيقي کي اُڀاري ، نکاري ۽ نروار ڪري سگهي ٿو . اعظم ڀٽي _ پير محلا ٽنڊو محمد خان azam772003@yahoo.com 03332807110