• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نئين ٽهيءَ جي نوجوان فنڪاره ثنا سومرو سان ڳالهه ٻولهه

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
se4ky8.jpg



نئين ٽهيءَ جي نوجوان فنڪاره ثنا سومرو سان ڳالهه ٻولهه

ڳالهه ٻولهه : اعظم ڀٽي

سنڌي موسيقي جي تاريخ تمام وسيع ۽ نرالي آهي ، ان ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪارن جو رت ۽ ست شامل آهي ، جن سنڌي موسيقي کي هن وقت تائين قائم ۽ دائم رکيو آهي، ان کي زنده ۽ جاويد رکيو آهي ، انهن ڪلاڪارن جي فهرست به تمام گهني ڊگهي آهي ، جن ۾ ثنا سومرو جو شمار به ڪري سگهجي ٿو ، نئين ٽهيءَ جي اڀرندڙ نوجوان فنڪاره ثنا سومرو 9 سيپٽمبر 1996ع تي ٽنڊو محمد خان جي شوڪت ڪالوني ۾ جنم ورتو ، سندس والد جو نالو حاجي سومرو آهي، ثنا سومرو، سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره فوزيه سومرو جي ڀائيٽي آهي، تنهنڪري فن کيس ميراث طور ورثي ۾ مليو، هن شروعاتي تعليم مونٽي سوري اسڪول ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي ، جتان ستين ڪلاس تائين پڙهڻ بعد ۾ فوجي فائونڊيشن اسڪول ٽنڊو محمد خان مان اٺون ڪلاس پاس ڪيائين ، مئٽرڪ 2013ع ۾ گورنمينٽ پبلڪ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان پاس ڪيائين، سندس تعليم جو سلسلو جاري آهي ، موسيقي سان ٻالڪپڻ کان ئي لڳاءُ سبب پنهنجي ڦڦيءَ ، سنڌ جي نامور لوڪ فنڪاره فوزيه سومرو جي گائيڪي کان متاثر ٿي 2008ع ۾ موسيقي جي ميدان ۾ پير پاتائين ، موسيقي جي سکيا استاد خير محمد احمداڻي کان ورتائين، 2010ع کان باقاعده ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري کي پنهنجي آواز جو رُوپ ڏنو اٿس ، سندس هڪ آڊيو ۽ چار وڊيو البم جاري ٿي چڪا آهن ، ڪي ٽي اين ۽ ڪشش ٽي وي تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. سنڌي لوڪ موسيقي ۾ نئين ٽهيءَ جي لحاظ کان پنهنجو سُٺو نالو پيدا ڪيو اٿس . ساڻس ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سِکيا دوران کوڙ ساريون تڪليفون پيش اچن ٿيون ، انهن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. شروعاتي مرحلا ائين ئي ڏُکيا هوندا آهن ، جيئن ننڍڙو ٻار پنڌ ڪندي ڌِڪا کائيندو آهي ، پر نيٺ پنڌ ڪري ئي ويندو آهي ، سو همت نه هاري آهي ، نه هاربي ، جدوجهد جاري رهندي ، سفر سڻائو ٿيڻ تائين پنڌ ڪبو . منهنجي وڏي خوش نصيبي اها آهي جو منهنجي خاندان منهنجي مڪمل حمايت ۽ رهنمائي ڪئي آهي ، انهن منهنجو مڪمل ساٿ ڏنو آهي ، تنهنڪري ٻيون تڪليفون نظرانداز ڪري سفر کي جاري رکڻ جو عزم ۽ حوصلو آهي ، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايڳ ته مونکي منهنجي ٻالڪپڻ ۾ ئي گهر ۾ فنڪارن وارو ماحول مليو، منهنجي ڦڦيءَ فوزيه سومرو کي ٻالڪپڻ کان ئي ڏسندي ۽ ٻُڌندي رهيس ، جنهن کان متاثر ٿي منهنجو به اهڙو شوق پروان چڙهيو ، اهو ئي سبب ۽ شوق هو ، جنهن مونکي فنڪار بڻايو . ان حوالي سان ٻالڪپڻ کان ئي ڦڦيءَ فوزيه به موسيقي لاءِ همٿائيندي رهندي هئي . پنهنجي ڪيريئر جي باري ۾ سندس چوڻ آهي ته فنڪاره نه هجان ها ته ڪجهه به نه هُجان ها ، بس گهريلو عورت ئي هجان ها . تنهنڪري آئون سمجهان ٿي ته فنڪاره ئي بهتر آهيان . موجوده دور ۾ ڳائي ويندڙ موسيقي بابت سندس ويچار آهي ته هن وقت ٻنهي قسمن جي موسيقي ڳائجي پئي ، سُٺي به ته غير معياري به ، سُٺي موسيقي ٻُڌي خوشي ٿيندي آهي ، غير معياري موسيقي ٻُڌي افسوس ٿيندو آهي . شوقيه فنڪارن جي فن جي باري ثنا سومرو چوي ٿي ته اصل مسئلو اهو آهي ته شوقيه فنڪارن موسيقي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ، نه سُر ، نه موسيقي ، نه فن ، نه فڪر ، نه ٻولي ، نه لهجو ، فقط پئسي ۽ شهرت جي چڪر ۾ انهن موسيقي جهڙي خوبصورت شعبي کي صرف ڌنڌو بنائي ڇڏيو آهي . جيڪا ڳالهه افسوسناڪ آهي .هڪ سُٺي فنڪار ٿيڻ بابت سندس راءِ آهي ته سُٺي فنڪار ٿيڻ لاءِ پهرين ته آواز جو سُٺو هجڻ ضروري آهي ، ان کان پوءِ موسيقي جي فن جي ڄاڻ انتهائي ضروري آهي ، بهترين شاعري جي چونڊ سان گڏ رياض ۽ مسلسل رياض جي محنت انتهائي ڪارگر آهي . مسلسل رياض ئي آواز کي ۽ فن کي پُختگي ارپي ٿو . هن ٻُڌايو ته ڪي ٽي اين ۽ ڪشش ٽي وي تي سندس ڪلام هليا آهن ، پروگرام جو موقعو مليو آهي ، باقي موسيقي جي حوالي سان سنڌي ٽي وي چئنلز بهتر ڪردار ادا ڪيو آهي ، سنڌي فنڪارن کي ڪجهه مانُ ۽ مرتبو مليو آهي ، فني حوالي سان ولگرٽي کي به اُڀار مليو آهي ، جنهنڪري اڃا به موسيقي جي حوالي سان سنڌي ٽي وي چئنلز کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي . جيڪا نه رڳو وقت جي اهم ضرورت آهي پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌي موسيقي جي بقا جو مسئلو به آهي . هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي شاعر جن کي ڦڦي فوزيه سومرو ڳايو ، انهن کي ڳائي چڪي آهيان ، بهترين ۽ وڏن شاعرن جي شاعري کي به ڳايو اٿم ، جن ۾ شاهه لطيف ، شيخ اياز ، ابراهيم منشي ، سرويچ سجاولي ، استاد بخاري ، آڪاش انصاري ، ظفر ڏيٿو ، بلاول اوٺو سميت ڪيترائي شاعر شامل آهن . سندس خيال آهي ته سندس ڳايل ڪلام “ اڄ منهنجو ذرو نه قدر اٿئي ” کي تمام سُٺي موٽ ملي ، في الوقت اهو ئي سندس مقبول ڪلام آهي . وڌيڪ مقبوليت جا دَر کُلڻ جي اميد اٿس ، هوءَ چوي ٿي ته مايوس ناهيان . محنت سان هر شيءِ ملي ويندي آهي . هن ٻُڌايو ته سنڌي ، اردو ، پشتو، سرائيڪي ، پنجابي ، مارواڙي ٻولين ۾ فن جو مظاهرو ڪيو اٿم ، بلوچي ٻولي کانسواءِ اڪثر مروج ٻولين ۾ ڪلام ڳايا اٿم . عمر ۽ تجربي جي بنياد تي سُٺي ۽ دل وٽان موٽ ملي آهي . ان مان دلي طور مطمئن به آهيان ، اڃا سفر به ڊگهو آهي ، اهو ته وقت ئي ٻُڌائيندو ته قسمت ڪٿي ٿي وٺي وڃي بيهاري . راڳ جي دلچسپي بابت سندس خيال آهي ته حقيقي راڳ آهي اهو جيڪو من کي سُڪون پهچائي ، پوءِ اهو ڪلاسيڪل راڳ هُجي ، لوڪ موسيقي هُجي يا صُوفياڻو رنگ هُجي ، هر سُٺو راڳ سُڪون پهچائيندو آهي ، باقي ڳائڻ جي حوالي سان مونکي ڪلاسيڪل راڳ وڌيڪ وڻندو آهي ، ان جي برعڪس عوام وري لوڪ موسيقي کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو . تنهنڪري فنڪار کي به هر رنگ ۾ رچڻو پوي ٿو . موسيقي کان علاوه ماڊلنگ يا اداڪاري ۾ ڪم ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو نه هئڻ جي برابر ٿيو آهي ته ڪو راڳي اداڪار يا ماڊل ٿي نالو ڪمائي سگهيو هجي ، ها اهو ضرور ٿيو آهي ته اداڪارن ۽ ماڊلز ، راڳي ٿيڻ جي ڪوشش ۾ محُو ضرور رهيا آهن ۽ ڪي راڳي ٿيا به آهن ، ٿيڻ جي ڪوشش ۾ به آهن ، پر مونکي هڪ فنڪار جي سڃاڻپ ئي بهتر لڳي ٿي ، باقي اداڪار يا ماڊل ٿيڻ جو ڪو به شوق ناهي . شهرت بابت سندس چوڻ آهي ته شهرت خوبصورت لڳي ٿي ، وڻي به ٿي ، شهرت جي خواهش به آهي ، پر ها ان ۾ نفي ۽ اثبات جو پهلو چِٽو هجڻ گهرجي ، بس مثبت حوالو هجڻ گهرجي ، اها خواهش به آهي ، تمنا به آهي ، سوچ به آهي ته ماڻهو مونکي هڪ سُٺي فنڪاره طور عزت واري نگاهه سان ڏسن ۽ ياد ڪن . سندس اهي به خيال آهن ته غُرور ۽ تڪبر صرف رب پاڪ جي ذات کي جُڳائي ٿو ، اهو عمل انساني صفت جي ئي خلاف آهي ، غُرور اهڙي بيماري آهي جيڪا ساڃاهه کسي وٺي ٿي ، تنهنڪري ان کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر آهي ، انسان ڪيترو به مٿي اُڏامي پر ان جا پير زمين تي ئي هجڻ گهرجن . پڙهندڙن لاءِ سندس اهو ئي پيغام آهي ته حقيقي فن ۽ فنڪار جو قدر ڪن ، سُٺي ۽ معياري شاعري سان ڀرپور ڪلامن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ، ان طرف متوجه ٿين ، ولگرٽي کان پاسو ڪن ، اهو عمل ئي اسان جي سنڌي موسيقي کي اُڀاري ، نکاري ۽ نروار ڪري سگهي ٿو .



اعظم ڀٽي _ پير محلا ٽنڊو محمد خان
azam772003@yahoo.com
03332807110
 
Back
Top