ملير ۾ بند ٿيل اسڪولن جو ذميوار ڪير

'مختلف موضوع' فورم ۾ ايس ايم درس طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2016۔

  1. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    تعليم لفظ جي لغوي معنيٰ ڏٺي وڃي ته معلوم ٿيندو ته اھو لفظ عربي ٻوليءَ جو آھي ۽ انجو ڌاتو Root (علم) آھي. جنھن جي معنيٰ آھي سيکارڻ اطلاع ڏيڻ يا ٻڌائڻ. تعليم جي معنيٰ رھنمائي يا رستو ڏيکارڻ آھي. تعليم جو انگريزي ترجمون Education آھي. لفظ ايڊيوڪيشن وري لاطيني ٻوليءَ جي لفظ ايڊيوڪيٽم Educatum مان نڪتو آھي جنھن جي معنيٰ آھي تربيت جو عمل.
    تعليم ھڪ عمل به آھي ۽ نتيجو به ڇا ڪاڻ ته تعليمي عمل کان گذرڻ کانپوءِ شاگرد (تعليم يافته) فرد ڪوٺائجي ٿو. اسان جڏھن ڪنھن فرد کان پڇون ٿا ته توھان جي تعليم ڪيتري آھي؟ ته ان وقت تعليم ھڪ نتيجي طور ظاھر ٿئي ٿي. ظاھر آھي ته ڪنھن نتيجي تائين پھچڻ يا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن عمل مان گذرڻو پوي ٿو ۽ اھو عمل در اصل تعليمي عمل آھي.
    تعليمي عمل کي وڏي پيماني تي به استعمال ڪيو وڃي ٿو. ۽ ننڍي پيماني تي به وڏي پيماني تي تعليمي عمل جي شروعات جنم کان ٿئي ٿي ۽ مرڻ گھڙي تائين جاري رھي ٿي. جنھن ۾ رسمي Formal ۽ غير رسمي Informal تعليم ٻئي شامل آھن. مطلب ته اھو عمل سموري زندگي جاري رھي ٿو. ننڍي پيماني تي تعليم جو مقصد اھا تعليم آھي جيڪا باقاعده طور تي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي وڃي ٿي. جنھن جي نتيجي ۾ سندون Certificates ۽ ڊگريون Degrees ملن ٿيون. ان کي رسمي تعليم Formal Education ڪوٺيو وڃي ٿو.

    سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ايس اي ايف سنڌ جي ٽن ضلعن ۾ (100) ڪميونٽي اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تعليم کاتي ۽ انٽر نيشنل ڊيولپمينٽ (IDA) سان ھڪ معاھدو ڪيو. اھو پنجن سالن جو پروجيڪٽ هو. جيڪو جولاءِ 1998 کان جون 2003 تائين جاري رھندو. اھي اسڪول سنڌ ۾ لاڙڪاڻو، وارھ ، ميھڙ ، سيوھڻ شريف ، منڇر ڍنڍ ۽ ضلعي ملير ۾ ، ملير ٻھراڙي. هنن اسڪولن جي شروعات ھڪ يا ٻن ڪمرن سان ڪئي وئي. جنھن لاءِ جاءِ جو بندوبست ڳوٺاڻن پاڻ ڪيو. ھنن اسڪولن ۾ ساڳئي ڳوٺ جي ھڪ يا ٻه استاد رکيون ويون جنھن وٽ 25 – 35 ٻارن جو تعداد آھي.
    ھنن اسڪولن جو مقصد هو ته نظر انداز ڪيل علائقن ۾ اتان جي ماڻھن کي سندن نياڻين لاءِ اھڙا تعليمي ادارا ڏنا وڃن ، جن جو انتظام انھن جي ئي ھٿ ھيٺ ھجي. ان مقصد ماڻڻ لاءِ ڳوٺاڻي تعليمي ڪميٽي (وي اي سي) ڪٿي والدين تعليمي ڪميٽي (پي اي سي) ٺاهي انهن جي ساٿ ۽ صلاح سان اسڪول جو انتظام هلايو ويندو هو. پروجيڪٽ جي پنجن سالن جي ڪاميابي کي ڏسندي پروفيسر انيتا غلام علي جنھن کي پنھنجائپ مان آپا انيتا سڏيو ويندو ھو، سنڌ جي مشھور علمي ادبي گھراڻي سان تعلق رکيو ٿي. شمس العلماءِ ــ قيصر ھنڌ مرزا قليچ بيگ سندس پڙ نانو ھو. آپا انتيا اٽڪل 22 سال سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اي ايف) جي سربراھ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رھي ھو سنڌ حڪومت ۾ ٻه ڀيرا تعليم، ثقافت ، سائنس ٽيڪنالاجي، نوجوان ۽ راندين جي وزير رھي چڪي ھئي. پھريون دفعو 1996 کان 97 تائين ٻيو دفعو 1999 کان 2002 ع تائين ھو ريڊيو پاڪستان جي ڏيھي پرڏيھي نشريات ۾ خبرن واري شعبي سان انگلش نيوز ڪاسٽر (انگريزي خبرون پڙھندڙ) جي حثيت سان اٽڪل ويھه سال لاڳاپيل رھي.
    تعليم، عورتن، ٻارن، نوجوانن ۽ سماجي مسئلن بابت سوين مضمون لکيا. جن مان گھڻائي ملڪي ۽ غير ملڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپيا. ڪيترن ئي سرڪار ۽ خانگي ادارن سندس صلاحيتن مان فائدو وٺڻ لاءِ کيس اعزازي عھدن تي پڻ پاڻ وٽ اھم جاءِ ڏني.
    پاڪستان سرڪار سندس خدمتن جي مڃتا طور 1999ع ۾ تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ 2004ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو. سندس شمار سنڌ توڙي پاڪستان جي وڏن تعليمي ماھرن ۾ ٿيو ٿي.
    تنهن هن پروجيڪٽ کي ريگيولر ڪرايو. اڳيان هلي هن پروجيڪٽ کي آئي اي ايل پي I.E.L.P پروگرام ۾ ضم ڪري في ٻار جي چائلڊ سبسڊي ڏني ويندي هئي ملير ۾ پروگرام جي ناڪامي جون ٻه وجهاهون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، هڪ ايس اي ايف پاران وقت سر فنڊ نه ڏيڻ ۽ شروعاتي چيڪ ۽ بيلنس نه رکڻ جيئن شروع ۾ ايس اي ايف ٺاهيل ڪميٽن کان وقتن وقتن گڏجاڻيون ملاقاتون جاري رکڻ سان گڏ ڏوڪڙ پئسي جو معاملو پنهنجي هٿ رکيو ته هي اسڪول وڏي ڪاميابي سان ترقي ڪري پنهنجي منزل طرف وڌي رهيا هئا.
    اڳيان هلي 2006 – 07 ۾ ايس اي ايف ٺاهيل ننڍين ننڍين تنظيمن کي رجسٽر ڪرائي اسڪول جو پورو ڪار وهنوار جوڙيل تنظيمن جي حوالي ڪري پنهنجون ذميواريون گهٽائي گهٽائي زيرو ڪري ڇڏيون جنهن سان تعليم تي تمام گهڻا اثر پيا جيڪي اڄ سڀني جي سامهون آهن ملير ۾ 20 کان 25 ٿي ويا جن ۾ خوشبو، ٽنڊو کوسو، دودو ڪمبير، وليداد، ابراهيم آباد، روشن تارا، شاه لطيف، بي بي فاطمه، حاجي ناٿو، جيلاني، علي نواز، انمول، مخدوم محمّد هاشم، روشني، لال محمّد گبول، دينار جوکيو، جيوڻ، داد محمّد، جمع سالار۽ ٻيا به ڪيترائي اسڪول شامل آهن. ملير ۾ انهن اسڪولن مان چار اسڪول 1. علي نواز 2. انمول 3. روشني 4. مخدوم محمّد هاشم انهن اسڪولن کي قائداعظم پبلڪ اسڪول جي چيئرمين نالي واري شخصيت مظهرالحق صديقي صاحب جيڪوسند يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي ۽ شفيق الرحمان پراچه صاحب سابق ڪمشنر ڪراچي جي حوالي ڪيا ويا جن چار اسڪولن کي ري اوپن ڪري اتي بنيادي سهولتون ڏئي ٻارڙن جي تعليم بچائي. هتي منهنجي مضمون جو مقصد آهي ته باقي رهيل اسڪول به ڪنهن تعليم جي هڏ ڏوکي شخضيت جي حوالي ڪري ٻارڙن جي تعليم بچائي وڃي. جيڪي اسڪول جون 2015 ۾ بند ٿي ويا انهن ۾ پڙهندڙ ٻار ۽ انهن جا والدين اڄ به انهيءَ آسري ۾ آهن ته اسان جي ٻارڙن کي سرٽيفڪيٽ ڪير ڏيندو ته جيئن اسان پنهنجي ٻارن جي ڪٿي داخلا وٺي سگهون ڇو جو بند ڪيل سڀئي اسڪول ايليمينٽري هئا. انهن ٻارڙن جي ضايع ٿيل سالن جو ذميوار ڪنهن کي ڪوٺجي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن يا لوڪل مقامي تنظيمون!!! ؟؟
    ان کانسواءِ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نوان اسڪول کولڻ لاءِ جيڪوايڊ اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي هلائيندي آهي ان ۾ واضع ڪندي آهي ته هي اسڪول اتي کوليا ويندا جنهن جي ڏيڊ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڪو به سرڪاري ، پرائيوٽ يا ڪنهن سماجي اداري جو اسڪول نه هوندو. تازو درساڻي ڇني جي مين بازار ۾ ايس اي ايف پاران کوليل حلال پبلڪ نئون اسڪول جنهن جي بورڊ تي رضا محمّد ڳوٺ لکيو ويو آهي. ان جي چوڌاري (ڀرپاسي) جي اسڪولن جو مفاصلو گوگل تي (جي پي ايس GPS) ذريعي ڏسجي ته ڪيترو مفاصلو آهي. ان ئي ڳوٺ ۾ ايس اي ايف جو پنهنجو اسڪول رضا محمّد فيلوشپ اسڪول جي نالي سان 1998 کان هلندڙ آهي.
    حلال پبلڪ اسڪول جي ويجهو هلندڙ اسڪولن جو (جي پي ايس GPS):
    ڳڻپ اسڪول جو نالو اداري جو نالو (جي پي ايس GPS)
    1. رضا محمّد فيلوشپ ايس اي ايف
    2. ماروي فيلو شپ ايس اي ايف
    3. شهيد ڄام فيلوشپ ايس اي ايف
    4. هاشم مهر علي ايس اي ايف
    5. علي نواز ايس اي ايف
    6. ٽي سي ايف سٽيزن فائونڊيشن
    7. يوسف شاه پبلڪ اسڪول پرائيوٽ
    8. رضا محمّد بوائز اسڪول گورنمينٽ
    9. حاجاڻي رابيع گرلز اسڪول گورنمينٽ
    10. احمّد دائود اسڪول گورنمينٽ
    هنن اسڪولن جي وچ ۾ ايس اي ايف حلال نالي اين جي او کي اسڪول ڏئي پنهنجي ڏيڊ ڪلو ميٽر مفاصلي واري پاليسي جي خلاف ورزي چئجي يا پنهنجي ئي هلندڙ اسڪولن کي بند ڪرڻ جو پلان چئجي.
    آخر ۾ مان وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، تعليم جي صوبائي وزير، سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اي ايف) جي سربراھ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ناهيد شاه دراني، ملير جي سياسي ، سماجي اڳواڻن، چونڊيل ايم پي ايز ۽ ملير مان چونڊيل ايم اين اي ۽ لوڪل گورنمينٽ جي باڊي جي ميمبرن کي اها گذارش ڪندس ذاتي ڪوشش وٺي ته بند ڪيل اسڪولن جو نئون پلان ٺاهي انهن اسڪولن کي اهڙي اداري يا تتظيم جي حوالي ڪيو وڃي جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ هجن. پهرين واري اسڪول آپريٽرز تنظيمن جي سخت کان سخت پڇاڻو ڪري معصوم ٻارن جي ضايع ٿيل پئسي جو احتساب ڪري ملوس ماڻهن کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي. جن ملير ۾ معصوم ٻارن جي مستقبل سان راند ڪري پنهنجو پاڻ کي نوازيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو