سنڌ جي اوائلي شهرن جا نالا بدلائي سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند جي ڪوشش

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ الطاف اوڳاهي طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2016۔

  1. الطاف اوڳاهي

    الطاف اوڳاهي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 نومبر 2015
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گھوٽڪي سنڌ
    سيتا شهر ڀرسان ريلوي اسٽيشن سيتا روڊ آهي، جيڪا لاڙڪاڻي کان دادو، ڪوٽڙي ريلوي لائين تي آهي انگريز سرڪار سهولت لاءِ جڏهن به ڪنهن شهر ڀرسان ڪا ريلوي اسٽيشن جوڙيندي هئي ته انکي اصل شهر جي نسبت سان ‘‘روڊ‘‘ لفظ وڌائي نالو ڏيندي هئي مثال طور؛ سيتا مان سيتا روڊ، مدئجي مان مدئجي روڊ، باقراڻي ڀرسان باقراڻي روڊ، ڀريا شهر ڀرسان ڀريا روڊ ۽ لاکا شهر مان لاکا روڊ. ورهاڱي کانپوءِ سيتا روڊ اسٽيشن کي مسلمان ڪري رحماني نگر جو نالو ڏنو اٿن، اها حرڪت مڙيوئي سنڌ ۾ ٿي آهي، سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن کي بدلايو پيو وڃي لڳي ٿو ته بندوق ڌارين کي سنڌ جا اوائلي، تهذيبي، تمدني ۽ تاريخي ماڳ راس نه پيا اچن، جناح جي پيدائش جهمپير ۾ هوندي انکي ڪراچي پيا ڪوٺين موهن جو دڙو مان چوري وغيرهه سنڌي دشمني جون ڪڙيون پيون لڳن سنڌي قوم سان کوءنس ورهاڱي کانپوءِ لاڳيتو ٿيندي رهي آهي سيتاروڊ کي بدلائي رحماني نگر ته ڪري ڇڏيائون پر ٽوبا ٽيڪ سنگهه کي قائم رکيو ويٺا آهن
    سرڪش سنڌي جي ڪتاب ‘‘ جوڙون جيءَ جهان جون‘‘ تان ورتل


     
    سائين بخش چانڊيو ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو