سنڌ يونيورسٽي ... علم گهر يا ڪوس گهر..؟؟؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصورنثار طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2017۔

  1. منصورنثار

    منصورنثار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جون 2012
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    112
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ يونيورسٽي ... علم گهر يا ڪوس گهر..؟؟؟؟
    منصور نثار ٻرڙو

    سهڻي سنڌ جي تاريخي ۽ عظيم مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو گذريل ڪجهه سالن کان اهل شاگرد پيدا ڪرڻ بدران سياسي جوڌن جي وڏي پناهه گاهه بڻجي وئي آهي،جن سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن ڪيترائي لاش اماڻيا آهن، ان علم گهر ۾ روز فائرنگ، لٺبازي، ڪلاسن جــَا بائيڪاٽ، ۽ هڙتالن جي واقعن مان لڳي ائين ٿو ته شايد هن جمهوري دور ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريتي روايتن کي ورجائيندي رت جي راند شروع ٿي وئي آهي.

    سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ 23000 شاگرد ۽ شاگردياڻيون صرف چند شرپسندن وٽ يرغمال بڻيل آهن، يونيورسٽي جا استاد ۽ انتظاميا ان وقت بيوس ٿي وڃن ٿا، جڏهن چند شاگرد هن مادر علمي ۾ هلندڙ ڪلاسن جي بائيڪاٽ جو نعرو هڻي زبردستي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرائين ٿا، ڪڏهن پٿراءُ ڪن ٿا، ڪڏهن هوائي فائرنگ ڪن ٿا ۽ ڪڏهن انهن جي بدنام گولي ڪنهن جي سيني کي چيري ڇڏي ٿي، ان سان هڪ جيجل ماءُ جي جهول خالي ٿي وڃي ٿيجنهن جا مثال ۽ تفصيل هن ريت آهن ...

    پاڪستان جي پهرين سنڌي يونيورسٽي جو اعزاز رکندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيم اڳواڻن ۽ انتظاميا ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ ڪيترن ئي شاگردن جي قتلن جا واقعا پيش اچي چڪا آهن پر تازو وري هن نئين سال جي ٻئي ڏينهن تي سنڌيونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئر ، اڳوڻي هاسٽل پرووسٽ رٽائرڊ پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد چنڙ کي هٿياربندن علام آءِ آءِ قاضي جي مزار لڳ فائرنگ ڪري گولين جو بک بڻائي ڇڏيو. جڏهن ته ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽيانتظاميا ماحول خراب ڪرڻ جي الزام هيٺ 18 شاگردن کي 5 سالن جي لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪري داخلا ۽ هاسٽل الاٽمينٽ رد ڪري ڇڏي هئي، سنڌيونيورسٽي ۽ ڪيمپسز ۾ اچڻ تي پڻ پابندي لڳائي وئي هئي، سنڌ يونيورسٽيجي ڊسيپلين ڪاميٽي جي سفارش ۽ وي سي جي منظوري جي روشني ۾ پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي جي شاگرد بي ايس ٽئين پارٽ جي سيف الله سولنگي کي استاد سان خراب رويو اختيار ڪرڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ سندس داخلا هاسٽل الاٽمينٽ رد ڪري 5 سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو ۽يونيورسٽي ۾ ڪيمپس ۾ اچڻ تي پڻ پابندي وڌي وئي ، 17 شاگردن سڪندر مهر پبلڪ ايڊمنسٽريشن (پريويس) عنايت علي رند بي ايس پارٽ ٻيون سوشل ورڪ، مظفر علي رند بي ايس پارٽ چوٿون، ايڪنامڪس، طارق علي ڀيو فارميسي آخري سال، الطاف احمد ڀيو بي ايس جيالاجي پارٽ ٽيون، پرويز احمد ڀيو بي ايس پارٽ ٽيون جيالاجي، اقبال مگسي بي ايس پارٽ چوٿون فريش واٽر بائلاجي ۽ فشريز، فيصل راڄپر بي ايس پارٽ چوٿون جيالاجي، حمزه علي چانڊيو بي ايس (آنرس) پاٽ ٻيون سنڌي، محمد ابراهيم مهر بي ايس پارٽ ٽيون اينٿرو پائلاجي، الهداد خان سيال بي ايس پارٽ چوٿون ماس ڪميونيڪيشن، صدام حسين راڄپر بي ايس پارٽ ڪمپيوٽر سائنس، پرويز احمد پهوڙ بي ايس پارٽ چوٿون ايڪنامڪس، فياض علي ڀلائي بي ڪام پارٽ ٻيون، عبدالغفار مغيري بي ايس پارٽ ٽيون ميٿميڪٽس، محمد اويس باچڪاڻي بي ايس پارٽ چوٿون ڪمپيوٽر سائنس ۽ عبدالواسح ڀٽو بي ايس پارٽ پهريون پوليٽيڪل سائنس جي داخلا ۽ هاسٽل منسوخ ڪري پنجن سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪري يونيورسٽي ۽ ان جي ڪيمپسز ۾ اچڻ تي پنجن سالن لاءِ پابندي مڙهي وئي ، جڏهن ته سنڌيونيورسٽي اختيارين ٽن اڳوڻن شاگردن قربان علي مهر، محمد بچل ناريجو ۽ مينهل راڄڙ کي سنڌ يونيورسٽي اندر جهيڙو ڪرڻ، فائرنگ، ڌرڻن ۽ ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي سمورين ڪيمپسز اچڻ تي پنجن سالن لاءِ پابندي هڻي ڇڏي ، سنڌ يونيورسٽي پاران اهڙو نوٽيفڪيشن ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن، ڪاليجن ۽ اعليٰ اختيارين کي به موڪليو ويو هو.مٿي ڄاڻايل شاگردن مان ٽي ڄڻا پروفيسر چنڙ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پڻ ٿي چڪا آهن.

    جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد جو هي پهريون قتل آهي پر ڄامشوري جي ٽنهي وڏين يونيورسٽين ۾ ماضي ۾ به رت جي راند کيڏبي رهي آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر نظام مري، ڊاڪٽر ڪمال راهمون، غلام فريد کوسو، عاشق جوڻيجو، ماجد راجپوت، ارشاد ڪلوڙ، مختيار منگي، عبدالنبي بروهي، اسد عباسي، ڊاڪٽر نذير قريشي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ، علي مردان شاهه، شاگرد اڳواڻ بابر علي سنديلو ، لالا رميز سهاڳ ۽ ٻيا لڳ ڀڳ هڪ درجن کان وڌيڪ شاگرد موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن.۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ 2007ع کان 2011ع تائين لڳ ڀڳ 137 هڙتالن،تقريبن 51 بائيڪاٽ ۽ هڪ اندازي موجب 48 فائرنگ جا واقعا پيش آيا.جن مان صرف گذريل ٽن سالن دوران ئي 2008 ۾ 38 کان وڌيڪ ڌرڻا ۽ بائيڪاٽ، هڪ درجن کان وڌيڪ شاگردن وچ ۾ جهيڙن ۽ فائرنگ جا واقعا ٿيا، جنهن ۾ 29 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿيا، هڪ شاگرد عبدالنبي بروهي جو قتل ٿيو، سال 2009ع ۾ 33 کان وڌيڪ ڌرڻا لڳا، 12 دفعا ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿيو، هڪ درجن کان وڌيڪ فائرنگ جا واقعا ٿيا، هڪ شاگرد فريد کوسو قتل ٿيو، سال 2010ع ۾ 37 ڌرڻا لڳا، 6 دفعا ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿيو، 10 دفعا فائرنگ ۽ جهيڙن جا واقعا پيش آيا، 12 شاگرد زخمي ٿيا، ساڳئي طرح سال 2011 ۾ ننڍن وڏن فائرنگ جي واقعن، ڪلاسن جي بائيڪاٽ سبب شاگردن جي پنهنجي جهيڙن سبب ٻه شاگرد 20 فيبروري تي بابر سنديلو ۽ 30 مارچ تي رميز سهاڳ شهيد ٿي ويا،

    گذريل ڏهاڪو مادر علمي لاءِ ڳرو رهيو، ان دوران ڪيترن ئي مائرن کان جگر جا ٽڪرا جدا ڪيا ويا ۽سنڌجي تعليمي ادارن جو ماحول پهريان کان تمام گهڻو خراب رهيو، خوف ۽ حراس سبب ڪيترائي شريف شاگرد تعليم اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي ماڳن ڏانهن واپس موٽي رهيا آهن پر تعليمي ادارن ۾ جاري رت جي راند کي روڪڻ لاءِ سرڪار طرفان ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا آهن. سنڌ يونيورسٽيڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪليونيورسٽي، چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ حڪومت طرفان پوليس ۽ رينجز جي وڏي نفري ته مقرر ڪئي وئي آهي پر ڄاڻايل فورس شاگردن وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙن کي روڪڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڪابه مداخلت نه ڪئي آهي.جنهن ڪري تعليمي ادار درسگاهن بجاءِ مقتل گاهون بڻجي ويا آهن.۽ ان مان اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جمهوري حڪومت تعليمي ادارن کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪيتري سنجيده آهي.؟؟؟

    ان سلسلي ۾ 18 اپريل تي يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ ٿيل آل پارٽيز امن ڪانفرنس تي به هڪ نظر لازمي وجهڻ گهرجي ته ان مان اسان کي ڪيترو فائدو ٿيو آهي، ڪانفرنس ۾ سنڌ جي سياسي پارٽين سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سياسي پارٽين جا نعرا، پوسٽر، جهنڊا، بينر هٽائڻ جي هدايت ڪندي سنڌيونيورسٽي ڄامشورو جي انتظاميا آڏو ڪجهه مطالبا ۽ تجويزون رکيون هيون،،،

    پر افسوس جو اهڙين پنهنجن ئي ڳالهين تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ته پري پر ان بابت سياسي پارٽين جي اڳواڻن ٽڪي جي ڄاڻ وٺڻ جي به تڪليف ئي ناهي ڪئي.

    اهڙي ڪانفرنس ۾ نامياري اديب،دانشور ابراهيم جويو،عوامي تحريڪ سربراهه رسول بخش پليجو،جسقم چيئرمين بشير قريشي ،جست سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي،،ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه،وي سي ڊاڪٽر نظير مغل، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، مير عالم مري، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، شفيع محمد ڪرناڻي، اياز لطيف پليجو، ناز سهتو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نند لال مالهي، تاج جويو ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي.

    ڪانفرنس ۾ مشاورتي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي هئي جنهن جي ايجنڊا هن ريت هئي

    1....يونيورسٽي ۾ امن قائم رکڻ لاءِ ڪميٽي سياسي پارٽين سان رابطي ۾ رهندي، سياسي، سماجي ۽ ادبي قومپرست پارٽين، دانشورن، تعليمي ماهرن، بزرگن، صحافين ۽ سول سوسائٽي کان ورتل سفارشن تي عمل لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي جائزو وٺندي،

    2..پوري سچائي سان انتظاميا ۽ شاگردن لاءِ گڏيل ضابطه اخلاف جوڙيو ويندو.

    اهڙي ڪميٽي ۾ ابراهيم جويو، ڊاڪٽر سليمان شيخ، مهتاب اڪبر راشدي، تاج جويو، پروين شاهه، جامي چانڊيو، عرفانه ملاح، جمٽ مل، ذوالفقار هاليپوٽو ۽ پروفيسر غلام علي ميمبر طور شامل هئا.

    ڪانفرنس ۾ ٺهراءَ پاس ڪندي اهو به چيو ويو هو ته سمورا سياسي اڳواڻ واسطيدار يونيورسٽين ۾ تعليمي سرگرمين جي بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪن، سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي يونيورسٽي جي تدريسي، امتحانن ۽ ٻين سرگرمين جي بهتري لاءِ سهڪار ڪرڻ گڏجي پر اهڙي ڪانفرنس کي صرف ناڪام ئي نه پر بيانن جا هوائي فائر ئي چئي سگهجي ٿو ڇو ته ان مان ڪو به فائدو ڪونه ٿيو ۽ ڪانفرنس ۾ ڪيل ۽ ٿيل ڳالهين تي عمل لاءِ نه انتظاميا زور ڏنو نه قومپرستن ڪا توجهه ڏني. پر انهن اڳواڻ پنهنجي ذميوارين کي محسوس ڪرڻ بدران الٽو ٻين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهن ٿا.

    جڏهن ته افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پروفيسر بشير چنڙ جا قاتل اڃا تائين گرفتار ئي ناهن ٿيا ته ايتري ۾ ئي يونيورسٽي جي وي سي، سوٽا ۽ سياسي تنظيمن ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ ٽئي ڌريون هڪ اهڙي راند کيڏي رهيون آهن جنهن نه صرف پروفيسر جو خون لڙهي ويندو پر قاتل پڻ سزا کان بچي ويندا.وي سي ، پروفيسر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون وٺڻ بدران پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي چڪر ۾ بوکلائجي ويو آهي جنهن جو مثال هي به آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صحافين سان ڳالهائڻ دوران وي سي قتل ٿيل پروفيسر جو نالو ئي وساري ويٺو ۽ هن پروفيسر بشير چنڙ بدران بشير شيخ چيو ان دوران هڪ وڏي ڳالهه اها به ڏسڻ جهڙي هئي ته وي سي کان ڳالهائڻ ئي نه پيو نڪري مطلب جيڪا ڪجهه لکي ڏنو پيو وڃيس اهو چئي پيو ڇڏي،ٻئي طرف سوٽا به پروفيسر جي قتل تي پنهنجي راند شروع ڪري ڇڏي آهي سوٽا اڳواڻ قاتلن جي گرفتاري جو گهٽ وي سي کي هٽائڻ جو وڌيڪ مطالبو پيا ڪن جڏهن ته سياسي تنظيمون به پروفيسر جي خون سان انصاف بدران پنهنجي جوڌن کي ڇڏائڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهن ۽ ان سڄي راند جو پوليس به فائدو اٺندي پنهنجو روايتي ڪم شروع شروع ڪري ڇڏيو آهي،

    شهيد ٿيل شاگردن، استاد بشير چــَنڙ توڙي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙ ٻين شاگردن ۽ استادن جا وارث سوال ڪن ٿا ته ڪيسيتائين کين پنهنجن پيارن جا لاش ملندا رهندا ۽ ڪڏهن هــُنن جي اکين ۾ پلجندڙ سندر سنڌ ۾ بهترين تعليمي ۽ پر امن ماحول وارو سندن خواب ساڀيان ماڻي سگهندو.

    روزاني عوامي آواز ////جنوري 15/////2012
     
    طالب حسين راھو ۽ بختاور ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    زبردست آرثیکل
     
    طالب حسين راھو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو