نئون سال __New Year

'سنڌي ادب' فورم ۾ سيد خادم سبحان ڏاڏاهي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2017۔

  1. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    نئون سال
    سال 2016ع ڪيترن ئي انسانن لاءِ سندن سپنن جي ساڀيان جو سال ثابت ٿيو هوندو جن سپنن کي سيني ۾ سانڍي انهن ساعتن جا سفر صدين ۾ طئي ڪيا هوندا. کين انهن خوابن جون تعبيرون نصيب ٿيون هونديون جن جون تعبيرون ماڻڻ ئي سندن زندگي جو اصل مقصد رهيو هوندو. سالن جي وڇوڙي جِي طويل خزان جي موسم جي خاتمي کان پوءِ ، بهار جي آمد جي اعلان سان دل جا گلستان مهڪي پيا هوندا. صدين کان ساهه اندر پلجندڙ اميدن ۽ آسن جا قافلا منزلون ماڻي مرڪي پيا هوندا . من ۾ اٿندڙ سوين سونامي طوفانن جي تباهه ڪارين سبب اجڙي ويل دلين جا دلڪش جزيره هڪ ڀيرو وري آباد ٿي جنت جو روپ ڌارڻ لڳا هوندا. ڏڪار ۽ خشڪ سالي جو شڪار ٿيل ٿر جي ريگستان جهڙين زندگين ۾ مينهن جي متلاشي ٿر ٻاٻيهي جهڙن روحن کي هن سال جي ڪا ساعت ڪنهن ڪڪر جيان وسي زندگي عطا ڪري گذري وئي هوندي. انهن خوش بخت انسانن جي ميڙ ۾ اهڙا انيڪ انسان به هوندا جن لاءِ هن سال جي هر گهڙي ڪو گهاٰءُ بنجي گهائل ڪري گذري هوندي. وقت جي واچوڙن جنمن جي جدوجهد کان پوءِ جڙي راس ٿيل محبتن جي محلن کي بيحد بي رحمي ۽ سفاڪي سان صفحه هستي تان مٽائي ڇڏيو هوندو. ڏيهن رات ،صبح شام ۽ وقت جي هر احساس کان بي نياز پنهنجن سان ملي پنهنجي الڳ ۽ آزاد دنيا جوڙي جيئندڙ ڪيترن ئي انسانن جي آباد دنيا کي هن سال جو ڪو پَل آسماني آفت بنجي موئن جي دڙي مثل حيرت ۽ اسرارن سان ڀريل ڪا ڳجھارت بنائي ڪنهن سفاڪ حملا آور وانگي اڳتي وڌي ويو هوندو. سال2016 ڪيترن ئي انسانن لاءِ بدترين سال ثابت ٿيو هوندو جنهن ۾ انهن گھڻو ڪجهه هارايو هوندو. هارايل مال ۾ ڪي هيرا موتي يا ڪا جاگير نه سهي پر پنهنجن جي پاڪيزه پيار ۽ انمول اعتماد جهڙي بي مثال ملڪيت کان محروم ٿي ويٺا هوندا جيڪا سندن زندگي جي ڪل ڪمائي يا جمع پونجي هوندي، پنهنجن جو پيار ۽ اعتماد قدرت جي اها نعمت آهي جيڪا حياتي جي هر گھڙيءَ ۾ ڪنهن سائبان جي صورت ۾ ساڻ رهي ٿو. ان اميد سان ته مالڪ ڪريم اوهان پيارن لاء گذريل سال سلامتي سان گذاريو هوندو پر اوهان سڀني سميت انهن ماڻهن لاءجن لاءگذريل سال باعث اذيت رهيو منهنجون اکيون سال 2016 جي آخري سج جي آخري ڪرڻن کي الوداع چوندي سراپا التجا بنجي ربِ جليل جي حضور ۾ ليلائڻ لڳيون ته، اَي جاندار ۽ بي جان جا خالق اَي خشڪ و تر جا مالڪ، سائين توکان سوال آهي ته، ايندڙ سال جون سموريون ساعتون سک، سڻائي،سوڀ۽ سراهي سان سرشار ڪري بخش ته جيئن ويل وقت جي گهائن سان گهائل وجود تنهنجي عنايت سان آجو ٿي زندگيءَ کي زندگيءَ جي ويس ۾ ڏسي ڪنهن مکڙي جيان مُرڪي پوي. (خادم ڏاڏاهي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو