جياپي جو سرٽيفڪيٽ : محمود مغل

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذوالفقار دولتاٹی طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2017۔

  1. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    132
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر دي سنڌ آنلائن
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
    ڊگھي قد جي همراھه جو قد ڄڻ سندس گرفت ۾ نه هو. نمي پيو هو، جُهڪڻ جي ڪهاڻيءَ ڄڻ کيس گھڻو ڪجھه سمجھائي ڇڏيو هو. جيترو دراز قد هيو، اوترو لڳو نه پئي . پنهنجي لهجي کي سنڀاليندي هن چيو، “مون کي اوهان کان سرٽيفڪيٽ ٿو گھرجي ته مان اڃان جيئرو آهيان.” سامهون بيٺل هو ۽ پنهنجي جياپي جي مون کان تصديق ڪرائي رهيو هو. هن ڳالھه جاري رکي، “بئنڪ ۾ پينشن ناهي وئي، چون ٿا اداري ۾ جياپي جو سرٽيفڪيٽ جمع ٿيل ناهي، اداري کي خبر ناهي ته پينشنر جيئرو آهي يا جھان ڇڏي ويو آهي. اتي سرٽيفڪيٽ جمع ٿئي. اهي امائونٽ رليز ڪن ته پوءِ بئنڪ ادائگي ڪندي.” خوش پوش انسان آهي، پاڻ سنڀالڻ ڄاڻي ٿو پر بهرحال، حياتي ۾ انهن سڀني شين جي ضرورت ته پوي ٿي نه جيڪي پئسن سان اچن ٿيون. اڳ ٻڌو هئم، ڪٿي ڪٿي جيئڻ لاءِ پئسو ضروري آهي. هاڻي خبر پئي هئي ته پسئي لاءِ جيئڻ به ضروري آهي... نه فقط جيئڻ پر ان جي لاءِ ڪنهن ٻئي کان شاهديءَ وسيلي “سرٽيفڪيٽ” پهچائڻ به ضروري آهي.

    [​IMG]

    اوهين سڀ هن فقير تي بيحد مهربان آهيو معزز خواتين و حضرات... اوهان جي ڪرم نوازيءَ جي ڪٿَ مان نه ٿو ڪري سگھان، نه ئي ٿورا لاهي ٿو سگھان پر اڄ، هن خواب نگر ۾ هڪ احسان جي طلب سان، هي سٽون عرض ڪجن ٿيون. اهي سڀ جيڪي وڏن ادارن جا صاحب آهن، جيڪي بئنڪن ۾ اهم جاين تي آهن. پينشن وٺندڙن جي کاتي سان لاڳاپيل آهن. هن فقير جي عرض تي جي ڌيان ڏين ته من اڳيان جو سفر ڪو سولو ٿي پوي. من ڪنهن ڪمزور نٻل وجود کي ملندڙ مدد جي طاقت، مون لاءِ به ڪا سُتي ڦڪي ڪري وڃي. نوڪريءَ تان لهڻ کان پوءِ ماڻهو “اڌ ماڻهو” ٿي ويندو آهي. وڏن عهدن تان لهندڙ صاحبن جو کڻي جھان “پرباش” هجي پر هيٺيون طبقو، نوڪريءَ تان لهي ٿو ته ڄڻ ڪو طبقو ئي نه ٿو رهي. جيڪا ڳڻپ واري رقم ملي ٿي، سا جاري ڪندڙ اداري ۽ ڳڻي ڏيندڙ اداري يعني بئنڪ جي وچ ۾ صدين جو سفر طئي ڪري ٿي.بئنڪ ۾ وري هڪڙو توهين آميز سلوڪ، ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ منتظر هجي ٿو. ويهڻ جي جاءِ نه ٿي هجي، مٿان اهي پينشنر لازمن پوڙها ئي هوندا آهن، جوانيءَ ۾ رٽائر ٿيل ته ناهن هوندا، جو سخي سهي سگھن. قطارن جي ڊيگھه، آرام جي اڻهوند، عملي جو فرعوني رويو... اهو سڀ اسان جي معاشري جو ڄڻ حصو آهن. اهو به برداشت ڪيو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته مجبوري آهي پر پنهنجي جياپي جي بندوبست ۾ ڪاغذن جي پڪڙ پڇاڙ ڪيئن ڪجي؟ جڏهن پينشن نٿي اچي ۽ بئنڪ کان پڇ ته اُهي ورائيندا ته رٽائر ڪيل اداري تي آهن، اداري کان پڇو. ادارو وري اهڙو سڀاڳو جو انهن ڪراڙن، بزرگن، عزت لائق جھونن کي اهو ٻڌائڻ لاءِ به تيار ناهي هوندو ته “قبلا... آهيو يا هلي چُريا آهيو، اهو ڪنفرم ڪري وڃو. اسان کي اوهان جي جيئڻ جي پڪ ناهي...ازراهه ڪرم، پڪ لاءِ “ڪاغذڙو” پهچايو، ڪو معتبر ٻُڌائي ته اوهين جيئرا آهيو. ان جي ضمانت تي، توهان جي پينشن هن ڏيڍيءَ مان نڪري.
    اهي بزرگ جيڪي پنهنجي گھران نڪرڻ ۾ لاچار هوندا آهن، انهن کي ڪهڙي خبر ته اهو سرٽيفڪيٽ پڳو يا نه... هو هڻي ڌڻي بينڪ اچن ته اتان، اهو ئي جواب ملي ٿو “اوهان جا پئسا اڃان آيا ناهن...” ۽ “ٽري وڃو” جهڙي قهري نگاھه پلئه پوي ٿي. يا بئنڪ جي صاحبن وٽ ڪا فون وغيره ڪانهي جو لاڳاپيل اداري کان کڻي پڇا ڪن ته ڇا معاملو آهي! ڇا لاڳاپيل اداري وٽ اهڙو ڪوبه جهان ناهي، جو پنهنجي پاران انهن ڪمزور، ٿڪل، عمر ڏنل، مهربانن کي ڄاڻ ڏئي ته جيئدان لاءِ گهرجندڙ پئسن لاءِ اهو جياپي جو سرٽيفڪيٽ پهچايو؟ اندر جون اکيون ڀرجي آيون آهن. ڪڏهن توهان جي پگھار بند ٿي آهي! ڪڏهن توهان کان ڪنهن اوچتو ڪجهه کسيو آهي، جيڪو اوهان جو جياپو هجي؟ ڦرندڙ ڪرسيءَ تي ويهي ٿڌي ڪمري ۾ ڪڏهن توهان اهو سوچيو آهي ته اها خسيس رقم، جيڪا اوهان احسانن سان جاري ڪيو ٿا، سا، ڪنهن جي اکين جي ڪيتري جوت آهي؟
    مڃان ٿو، گهپلا ٿين ٿا. مڃان ٿو ڪوڙا اڪائونٽ هلن ٿا. مڃان ٿو ماڻهو پئسا کائين ٿا، پر انهن گھپلن کي روڪڻ به ته اوهان جو ئي ڪم آهي. ڇا اوهان ان کي نٿا سڃاڻو، جيڪو پنهنجي حياتيءَ جون انيڪ بهارون، خزائون، سيارا ۽ گرميون اوهان ساڻ گذاري ويو آهي؟ خدا جا بندا، اوهان وٽ ڪو رابطو ناهي؟ ڪا ائڊريس ناهي... اوهان وٽ سڀ ائڊريسون آهن، رڳو هڪڙي ائڊريس ناهي... ان رب ڪريم جي “ڪاوڙ جي ڊپ جي ائڊريس” ڪونه ٿوَ. تڏهن ته اهو سڀ ائين ڪيو ٿا. عزت نفس کي جيتري حد تائين ڪيرائي سگهو ٿا ڪيرايو ٿا. اوهان کي ڪو قياس اچي ٿو! ڇا سڄي عمر اوهان ائين هوندو ۽ ڏڪندڙ هٿ، اهي آس وند اکيون، اها جھڪيل چيلهه، اوهان جو مقدر نه بڻجندي؟ ڪجھه ڪيو، ڪا مهر ڪيو. ڪا عنايت ڪرڻ سکو، ڪو اهڙو نظام واضح ڪيو. جو ان پڪ پڄاڻيءَ مان جان آجي ٿئي. جيئندڙ جيئي ته هر ڪنهن کان پڪ نه ڪرائيندو وتي ته “ادا مان جيئرو آهيان/جيئري آهيان... اها پڪ ته ڪري ڏي” ۽ جي فقير سفر پورو ڪري ته ان جي به خبر پئجي وڃي ته جيئن ڪو ڪوڙو اڪائونٽ آپريٽ نه ڪري. خواب نگر کي پڙهي توهان سڀ کلندو ته هي ته ٻاراڻيون ڳالهيون آهن ته آهن...بلڪل آهن... پر هي ٻار اوهان کي واضح ٻڌائي ٿو ته جي چاهيو ته اوهان به نظام جوڙي سگھو ٿا. بس صرف اهو شرط آهي ته اوهان چاهيو.
    ٿورو سوچيو، جي اهو مالڪ مٺڙو اوهان کي ڪا پڪ گھري، هوندي اوهان وٽ! جنهن حلم، ترس، انسان دوستيءَ سان جيئڻ جو حڪم مليل آهي... ان جياپي جو سرٽيفڪيٽ هوندو اوهان وٽ!؟ پيش ڪري سگهندو؟... جي نه .. ته ڇا اهو سمجهجي ته اوهان تي به ٻاجھه جي پينشن اوچتي بند ٿي سگهي ٿي، جنهن جي اوهان کي بلڪل ائين خبر نه پوندي، جيئن توهان هنن پينشنرن سان ٿا ڪيو... ڌڻي معاف ڪري... جي ائين ٿي ويو نه ته وڏي خساري ۾ ويندو... هنن کي ته کڻي سرٽيفڪيٽ ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيئرا آهن. اوهان کي ڪٿان ملندو، جڏهن اوهان انسانيت جي ميدان ۾ اصل ۾ جيئر ئي ناهيو.
     
    بختاور ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    انتهائی بهترین وند ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو