غلام مصطفي جمالي کڏهرو
سينيئر رڪن
رخصت ٿيل آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه وري پنهنجو عهدو سنڀالي ورتو آهي۽ ڪالهه 18ويهن ٿيندڙ اپيڪس اجلاس اندر پڻ شرڪت ڪئي،اها ڳالهه واضع آهي ته 19 ڏينهن پهرين آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي آءِ سنڌ جي عهدي تان هٽايو ويو هوُ،تنهن ڪري آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه 19 ڏينهن جبري موڪل تي رهيو آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائڻ جا ڪيترا ڪارڻ سامهون آيا هئا جن مان ڪي اهڙا به ڪارڻ هئا جيڪي صرف ۽ صرف پ پ سان تعلق رکن ٿا،جهڙوڪ سنڌ اندر ڪمند کي ڪٽائي ٿي رهي هئي هلي رهي آهي جنهن ڪيو چيو پئي ويو ته پوليس کي اهو ٽاڪس ڏنو ويو هوُ ته ملن ڏانهن ويندڙ ڪمند صرف ۽ صرف آصف زرداري جي ملن ڏانهن ڪمند موڪلي تنهن ڳالهه ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي هٽائڻ واري معاملي تان سنڌ حڪومت ۽ وفاق جو جهيڙو چوٽ چڙهي ويو هو، جنهن ڪري سنڌ حڪومت گهوٽالي جر ور چڙهي وئي هئي ڇو هڪ اهم شخصيت ۽ ٻئي آءِ جي سنڌ تي عهدي تي پنهنجو زميواريون سڀالڻ دوران کيس اوچتو جبري موڪل تي روانو ڪري ڇڏيو هو،۽ وفاقي حڪومت آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ کان ٺُپ جواب ڏئي ڇڏيو هو، جنهن بعد سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي 15 ڏينهن جي جبري موڪل تي روانو ڪيو، ۽ آءِ جي سنڌ جي چارج سي سي پي او ڪراچي مشتاق مهر حوالي ڪئي وئي، ان ڳالهه کي وٺي ڪري سنڌ حڪومت ۽ وفاق جو جهيڙو چوٽ چڙهي ويو. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه موڪل لاءِ درخواست ڏني ته وڏي وزير منظور ڪري ڇڏي جنهن بعد آءِ جي سنڌ 15 ڏينهن جي موڪل تي روانو ٿي ويو هو، سنڌ حڪومت پاران آءِ جي سنڌ جي چارج ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر حوالي ڪئي وئي هئي.ان دوران اهي به ڳاليهون سامهون آيون هنيون ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي موڪل کان پهرين هڪ اهم شخصيت سان منهن ماري ٿي هئي جنهن کان پوءِ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر وفاق پاران سنڌ حڪومت جي اپيل تي آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ کان کُتو جواب ڏنو . آءِ جي سنڌ ۽ اهم شخيصت وچ ۾ بدين ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس جي زور تي ڪمند شگر ملن ڏانهن موڪلڻ واري ڳالهه تي جهيڙو ٿيو هو. آءِ جي سنڌ کي خبر پئي ته پوليس زبردستي ڪمند جون گاڏيون اهم شخصيت جي شگر ملن ڏانهن کڻي وڃي ٿي جنهن تي آءِ جي سنڌ بدين جي ايس ايس پي کي فون ڪري اهڙو عمل روڪرائڻ لاءِ چيو ۽ ڇنڊ پٽي، هئي جنهن تي اهم شخصيت ۽ آءِ جي سنڌ جي ٽيلفون تي منهن ماري پڻ ٿي، جنهن بعد دبئي ۾ آصف زرداري جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ڪيو ويو هو جنهن ۾ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ نئين آءِ جي لاءِ سردار عبدالمجيد دستي جو نالو فائنل ڪيو ويوهو . ذريعن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران دبئي اجلاس کان پوءِ وفاقي حڪومت کي آءِ جي سنڌ کي هٽائي ان جي جاءِ تي سردار عبدالمجيد دستي کي نئون آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر وفاقي سرڪار آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي هٽائڻ کان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته هٽائڻ واري فيصلي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز پڻ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جا مخالف هئا جن چيو هو ته اي ڊي خواجه کي نه هٽايو وڃي، انڪري وفاق پاران آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ کان انڪار ڪرڻ بعد سنڌ حڪومت اي ڊي خواجه تي دٻاءُ وڌو ۽ چيو ته هو موڪل لاءِ درخواست ڏئي، جنهن تي اي ڊي خواجه موڪل لاءِ درخواست ڏني ۽ وڏي وزير هڪ ڌڪ ۾ اي ڊي خواجه جي موڪل منظور ڪري ورتي. اي ڊي خواجه 15 ڏينهن جي موڪل تي روانو ٿي ويو هو ۽ مشتاق مهر کي آءِ جي سنڌ جي چارج ڏني وئي هئي.جڏهن ته اهي به ڳالهيون هلي رهيون هنيون ته سنڌ حڪومت سردار عبدالمجيد دستي کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ چاهيو ٿي پر وفاقي حڪومت پاران جواب ڏيڻ کان پوءِ عارضي طور تي مشتاق مهر کي چارج ڏني وئي،جڏهن ته آءِ سنڌ اي ڊي خواجه کي عهدي تان هٽائڻ ۽ سندس جبري موڪل جا ٻيا به ڪارڻ هئا.جن ۾ هڪ ڪارڻ اهو به هوُ ته سنڌ پوليس ۾ ٿيندڙ ڀرتيون جيڪي اين ٽي ايس ٽيسٽ ۽ ان ڀرتين ۾ ريجنرز کي به شامل ڪيو ويو هو،انڪري به سنڌ حڪومت آءِ سنڌ کان ناراض هئي،ڇو ته سنڌ حڪومت اهو پئي چاهيو ته اهو پوليس جون سيٽون ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي ڪوٽا تحت ڏنيون وڃن پر آءِ سنڌ انهي پوليس جي آيل نوڪرين جي رنيجرز جي سهڪار ۽ اين ٽي ايس جي حوالي سان گڏ انهن نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون جيڪي انهي نوڪري جا اهل هئا ۽ جن اهي نوڪريون مريٽ تي حاصل ڪيون،آءِ جي سنڌ جي جبري موڪل ۽ کيس عهدي تان هٽائڻ خلاف سموري سنڌ سراپا احتاج رهي سنڌ جون مختلف قوم پرست پارٽيون انهي آءِ جي سنڌ جي عهدي هٽائڻ واري ڳالهه تان مختلف شهرن اندر ڌرڻا ۽ جسلوس ڪڍنديون رهيون،ٻئي پاسي سنڌ حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ به اهڙو ڪو سودو ٿي نه سگهيو جنهن تي اهو اتفاق ڪيو وڃِي ته آءِ جي سنڌ جي پنهنجي عهدي تان هٽائجي يا نه..آخرڪار وفاق اهو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ اهو حڪم جاري ڪيو ته آءِ جي سنڌ جي پنهنجي عهدي تان نه هٽايو ويندو ۽ هڪ دفعو ٻيهر کيس پنهنجو عهدو سنڀالڻ جون زميوايون سنڀالڻ لاءِ چارج سندس حوالي ڪئي وئي،ڪالهه جڏهن سنڌ جي وزيراعلي سائين مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪاميٽي اجلاس ٿيو ته ان جلاس اندر آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پڻ شرڪت ڪئي،اجلاس اندر هن وقت هلندڙ 9 ڪيس کي فوجي عدالتن ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو پڻ فيصلو ڪيو ويو،اجلاس ۾ وزيراعلي سنڌ سائين مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه،ڪورڪمانڊرڪراچي ليفيٽينٽ جنرل شاهد بيگ،ڊي جي رينجرس ميجرجنرل محمد سعيد،ايڊيشنل آئي جي سي ٽي ڊي ثناالله عباسي،مولا بخش چانڊيو،نثار کهڙو،چيف سيڪٽري رضوان ميمڻ،گورنر سنڌ جي نمائيندي صالح فاروقي مرتضي وهاب،۽ سڪيٽري داخلا شيڪل، ۽ ٻين شرڪت ڪئي،انڪري مان سمجهان ٿو ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي واپسي هڪ بهترين عمل آهي،ڇو ته سنڌ ۾ هلندڙ ڏوهارين خلاف آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه تمام اهم ڪرادر ادا ڪيو آهي.۽ انهي سان ڪراچي جي هلندڙ امن ۾ به پوليس هيمشه ريجنرس سان گڏ رهي آهي،۽ هن وقت اي ڊي خواجه جي واپسي ٿي آهي اها هڪ خوشي جي ڳالهه آهي ته انهي سان گڏ اي ڊي خواجه صاحب کي اها به گذارش آهي ته سنڌ اندر معصوم نياڻين جو اغوا ٿيڻ جون وارداتون جيڪي عام ٿي ويون آهن انهن کي روڪڻ لاءِ به اهم ڪرادار ادا ڪري ۽ سنڌ جي معصوم نياڻي فيصلا سرڪي جي بازياتي لاءِ پڻ اهم ڪرادر ادا ڪري
غلام مصطفيٰ جمالي کڏهرو موري ضلع بدين
03333737575
غلام مصطفيٰ جمالي کڏهرو موري ضلع بدين
03333737575