پتافي ۽ عباسي تقرار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2017۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    پتافي ۽ عباسي تقرار

    الله رک ڌڻي، توهان چيمبر ۾ اچو ته انگريزيء ۾ پڙهي ٻڌايان ٿو، يار وڄائي ڇڏيئي امداد پتافي صاحب، سنڌ جي نياڻي جيڪا تمام شريف ترين، نيڪ ۽ بهادرنياڻي آهي ان کي تون اهڙا گٿا لفظ ڳالهيا آهن، ان مائيء سنڌ جي خاطر ڪيئي عظيم جنگيون پڻ وڙهيون اٿس، شايد، نه يار جنگيون نه مان وري الاهي جذباتي ٿي ويس، خير مونکان وڌيڪ جذباتي ته ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا جا دوست ٿي پيا آهن، يَرَ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويهي ڪري ماڻهون سنڌي ٻولي ڳالهائي يا انگريزي پڙهي، هونء ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۽ ٻٽي نظام خلاف ان محترمه ڳلو ڦاڙي ڦاڙي تقريرون ڪري سنڌ پرست ٿيڻ جو ثبوت پئي ڏنو، شل نه ڪوئي سنڌ ۽ ڪراچي لکي ، ميڊم کي صفا اصل قوم پرستي جي حب ان ماڻهونء خلاف برسرپيڪار آڻي ڇڏيندي آهي، پر هي ڇا ٿي ويو.. جڏهن پ پ وزير نصرت سحر عباسي پاران ڪيل سوال سنڌي ۾ پڙهيو ته ميڊم کي ملڪه برطانيه جي حب الوطني ياد اچي ويئي ڇا، يا وري محترمه اهو سمجهيو ته هوء سنڌ جي نه پر برٽش پارليامينٽ ۾ ويٺي آهي، چيائين مونکي سوال سمجه ۾ نه آيو ، توهان انگريزي ۾ پڙهي ٻڌايو، محترمه کي خبر هئي ته امداد پتافي جي انگريزي جڏي آهي، ان ڪري هن پڻ سندس مذاق ٺاهڻ واري ارادي سان امداد پتافي کي سوال انگريزي ۾ دهرائڻ جو چيو. منهنجو تعلق پڻ صحافتي ادارن سان رهيو آهي ۽ آئون پڻ ميڊيا ورڪر طور ڪم ڪري چڪو آهيان ,عام طور تي اسيمبلي ۾ اجلاس جي ڪوريج ڪندڙ سنڌي توڙي اردو صحافتي ادارن سان لاڳاپيل جرنلسٽ ان ڳالهه مان چڱي طرح سان واقف هوندا ته نصرت سحرعباسي جي هون به پ پ وارن سان ناهي لڳندي، هو جڏهن ضد تي چڙهندي آهي ته سامهون واري جي هڪ به ناهي ٻڌندي، ڀلي اهو اسپيڪر ئي ڇونه هجي، مونکي ڇا تمام صحافي دوستن کي چڱي طرح ياد هوندو ته هڪ دفعي ميڊم صاحبه ڪنهن بل جي ڪاپي ڦاڙي اسپيڪر ڏانهن اڇلائي هئي جيڪا اسپيڪر آغا سراج جي منهن ۾ وڃي لڳي، ڇا اها غير اخلاقي حرڪت نه هئي، خير! سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙي قسم جا کوڙ سارا جهيڙا جهٽا ٿيندا رهندا آهن، ايسيتائين جو ميمبر هٿين به پئجي ويندا آهن، پر بعد ۾ معذرتون ۽ پرچاو ٿي ويندا آهن، يَرَ متان سمجهو ته مان امداد پتافي کي ڪلين چٽ پيو ڏيان، نه ايئن بلڪل نه آهي، هن جيڪي لفظ چيا جنهن جو ميڊيا ۾ تماشو بڻيو، جنهن بعد هن ٽي وي جي لائيو پروگرام ۾ نه فقط پنهنجا لفظ واپس ورتا ۽ نسرت سحر عباسي جي موجودگي ۾ معذرت پڻ ڪئي. پر نه سائين هاڻي ته ميڊيا ميڊم صاحبه کي جنگجو، عظيم ، سنڌ جي نياڻي، وغيره وغيره جي لقبن سان نوازيو ته ميڊم به ڏٺو واهه واهه سياست ۾ سڀ مشهور ٿيڻ چاهيندا آهن ته آئون ڪهڙو ڏوهه ڪيو، ڳالهه ظرف جي آهي، جيڪڏهن ڪوئي پنهنجي ڪيل غلطي جي معافي وٺي اهو به لائيو چئنل تي ته پوء ان جو تماشو بڻائڻ مناسب نه آهي، پر الائجي ميڊيا جي ڪجه دوستن کي ڇا ٿيو آهي، جيڪي ميڊم کي فون ڪري ائين پيا افسوس جو اظهار ڪن ڄڻ ته ڪوئي قضيو ٿيو هجي، ۽ ڪجهه صحافي وري صلاحڪار جو ڪردار پڻ ادا ڪري رهيا آهن، ته ميڊم ڇڪي رکو، اسان به اشو کي کڻون ٿا، ان جي ايم پي اي شپ يا منسٽري کسرائي دم کڻنداسين، حيرت آهي يار، جڏهن ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا عورتن توڙي مرد ميمبرن کي چوندي آهي ته توهان کي انگريزي سيکاريان ٿي چيمبر ۾ اچو ان وقت ڪنهن کي غيرت ڇو ناهي ايندي، لڳي ٿو تازي برساتن ۾ غيرت جو اسپري به مليل هئو شايد ان جو ئي اثر آهي، شايد، منهنجي هيء تحرير ڪوئي ادارو ڇاپي يا نه ڇاپي پر يار هڪ دفعو ته سوچيو، پارا چنار ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 25 معصوم انساني جانيون ضايع ٿي ويون ان کي اشو ڇو نه بڻايو ويو يا ٻيا مسئلا کوڙ سارا آهن انهن کي فوڪس ڪريو، ڪجهه خدا ترسي ڪريو يَرَ منهنجي تحرير مان لڳي رهيو هوندو ته منهنجي نصرت سحر عباسيء سان ڪائي وڏي دشمني هجي، نه ايئن هرگز نه آهي، بحيثيت هڪ عورت آئون سندس احترام ۽ عزت ڪندو آهيان, منهنجو اختلاف موقع پرستي واري سوچ کان آهي، منهنجو اختلاف سياسي ڪم ظرفيء کان آهي، منهنجو اختلاف سياسي عدم برداشت کان آهي ۽ هميشه رهندو


    عمران درويش سومرو
    ابو ظهبي


    .[​IMG]
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڳالهه ته سچي آهي .... پر

    پوءِ به ڳالهه اها آهي ته وزير صاحب جو انداز ڀلو نه هيو .....

    ٻيو مڙئي خير ....

    سنڌ جي ان پارٽيءَ جي به خبر آ جنهن سان محترمه جو واسطو آهي ته ڪيتري سنڌ پرست تنظيم آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو