آرٽ ايگزبيشن

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ حميده ميربحر طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2017۔

  1. حميده ميربحر

    حميده ميربحر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    گورنمينٽ گرلس ڪاليج ڪوٽڙيءَ ۾ فونيڪس آرٽ ايگزيبيشن:حميده ميربحر



    ماحولياتي گدلاڻ جتي سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي اتي پاڪستان ۽ سنڌ به ان جي اثرن کان بچي نه سگھيا. آهن. اقوام متحده طرفان ملينيم ڊولپميٽ گولز ۾ هڪ گول يا مقصد دنيا کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ به آهي. ان سلسلي ۾ مهران يونيورسٽي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن هڪ پروجيڪٽ سوشل انٽي گريشن ايڊ آئوٽ ريج پروگرام جي نالي سان شروع ڪيو آهي جنهن تحت استادن کي ٽريننگ ڏئي پنهنجن ادارن ۾ ماحول کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻا آهن.
    گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي ۾ ان سلسلي ۾ هڪ نمائش جو بندوبست 12 نومبر تي ڪيو ويو، جنهن جو مقصد اهو ته جيڪي روز مرهه جون شيون اسان استعمال ڪرڻ کان پوءِ ڦٽي ڪري ڇڏيون ٿا ۽ اهي گندگي ڦهلائن ٿيون ته ڇو نه انهن شين کي ٻيهر استعمال ڪري ڪا ڪارائتي شئي ٺاهجي. ان ڪري ان نمائش ۾ سڀ اهي شيون رکيون ويون هيون جيڪي استعمال ٿيل شين مان ٺهيل هيون، جيئن پراڻا ڪپڙا، ڀڳل آئينا، اخبارن ۽ رسالن جا پنا، ڦٽي ڪيل ڇليون ۽ پنڊيون ۽ پلا سٽڪ جون بوتلون جوتن جا پاٺا ڪانن جون تيليون اٽي جا ٻاچڪا، سي ڊيز ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين کي ڪٽي انهن جو واڻ ٺاهي ڪرسيون واڻيون ويون وغيره. ان نمائش جو نالو ”فونيڪس آرٽ ايگزيبيشن (ريسائيڪلنگ آرٽ ايگزيبيشن) هو.
    صبح کان وٺي ئي ڪاليج ۾ ٺاهيل ”گرين ڪلب“ جون ميمبر چاهي اهي استادياڻيون هجن يا شاگردياڻيون هڪ جوش ۽ ولولي سان ڪم ڪري هيون. ڪو ڀت تي پراڻين بوتلن کي ڪٽي ڪونڊيون بڻايل ٻوٽن کي پاڻي ڏئي رهيو هو ته ڪو ڪمرو صاف ڪري رهيو ته ڪو وري ٽيبلون رکي اسٽالن لاءِ جڳهه بڻائي رهيو هو ته ڪو وري اسٽيج جي سينگارڻ ۾ مصروف هو. نمائش جي افتتاح جو جيئن جيئن وقت ويجھو پئي آيو ته نمائش ۾ حصو وٺندڙن ۽ منتظمين جو جوش و خروش به وڌندو پئي ويو. ادب ۽ آرٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ انهن جي واڌ ويجھه لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ انيس انصاري اڪيڊميءَ جي سرواڻ ڊاڪٽر اسحاق انصاري کي ان محفل جو خاص مهمان چونڊيو ويو هو. ان سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽ ۽ ڊزائين شعبي جو سربراهه محترم سعيد منگي اعزازي مهمان هو. . خاص مهمان ۽ اعزازي مهمان کان علاوهه ، پروجيڪٽ سوشل انٽيگريشن ايڊ آئوٽ ريج پروگرام جا روح روان ڊاڪٽر ذولفقار عمراڻي ۽ عبدالباري نوناري به شامل هئا ته ڪراچيءَ کان آيل ضياءَ ابڙو ۽ ارشاد علي سرڪي ۽ سپلا جو اڳواڻ شاهجهان پنهور به مهمانن ۾ شامل هئا.
    مهمانن جي پهچڻ سان ئي افتتاح لاءِ هال طرف مهمانن جي روانگي ٿي. سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر اسحاق انصاري ربن ڪٽي ”ديوار مهربان“ جو افتتاح ڪيو جنهن جي انچارج ميڊم صفيه ڳاهو هئي. هن ٻڌايو ته اسان جي ڪاليج ۾ ڪي سرندي واريون ڇوڪريون به آهن ته وچين ڪلاس جون به ۽ بالڪل هيٺين ڪلاس جون شاگردياڻيون به آهن. هن ڀت ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته جنهن وٽ ڪا واڌاري شئي آهي پوءِ اهو ڪتاب هجي، قلم هجي، ڪپڙا هجن يا بوٽ هجن اهي هتي رکي ويندو ۽ جنهن کي ضرورت هوندي اهو وري هتان کڻي ويندو پر اهڙي ريت جو سندس عزت نفس مجروح نه ٿئي، ان ڪري هي ديوار اهڙي هنڌ آهي جتي عام طرح نظر نه ٿي پئي. سڀني مهمانن ان عمل کي ساراهيو.
    ان کان پوءِ تصويري نمائش جو افتتاح ڊاڪٽر اسحاق انصاري ۽ ڪاليج جي پرنسيپال ميڊم بلقيس حبيب صديقي ڪيو. ججن جي اسٽال گھمڻ کان اڳ اسٽيج سنڀاليندڙ گرين ڪلب جي ميمبر ميڊم حميده ميربحر اعلان ڪيو ته آرٽ جو هڪ خاص اسم آهي جنهن جو افتتاح ميڊم بلقيس حبيب صديقي ڪندي. سڀ اتي گڏ ٿيا ان آرٽ جي مٿان لکيل هو “The Art I Love Most” آرٽ ڪپڙي سان ڍڪيل هئي جيئن ئي ميڊم ڪپڙو هٽايو ته آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏٺائين، تاڙيون وڄي ويون، ميڊم به خوش ٿي. انائونسر اتي اهو به ٻڌايو ته اهو آئيڊيا اسان اسحاق انصاريءَ جي ناول ”خالي بينچ“ مان کنيو آهي.
    ان کان پوءِ ججن آرٽ اسٽالن جو معائنو ڪيو ججن ۾ ڊاڪٽر اسحاق انصاري، پروفيسر سعيد منگي ۽ ميڊم صدف شامل هئا. ان کان پوءِ پروگرام جي باضابطا شروعات ٿي اسٽيج تي ويهڻ لاءِ ڊاڪٽر اسحاق انصاري، پروفيسر سعيد منگي ۽ ميڊم صدف صوفيه کي سڏايو ويو. ڪلام پاڪ جي تلاوت سان پروگرام جي شروعات ٿي اهو اعزاز شاگرياڻي شاهانه احمد کي حاصل ٿيو اهڙي ريت وري نعت شريف امبرين پڙهي ٻڌائي. شاهه سائينءَ جي وائي ”خان کٽياڻي…“ ننڍڙي تانيه مغل تمام سريلي نموني ٻڌائي داد حاصل ڪيو. ان کان پوءِ مهمانن کي اجرڪن جا تحفا شاهجهان پنهور پيش ڪيا. جڏهن ته ميڊم صدف کي اجرڪ ميڊم جبين ڀٽو پيش ڪيو.
    هن پروگرام ۽ گرين ڪلب جي قيام ۽ ڪم جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائڻ لاءِ گرين ڪلب جي اڳواڻ ميڊم عابده عليءَ کي سڏايو، جنهن تمام بهتر نموني وضاحت ڪئي. ان کان پوءِ پروفيسر سعيد منگيءَ کي سڏيو ويو ته هو انعام حاصل ڪندڙ گروپن جا نالا ٻڌائي ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار به ڪري. انعام حاصل ڪندڙن ۾ پهريون انعام گروپ ون جي وجيها حاصل ڪيو، ٻيون انعام گروپ فور ۽ ٽيون انعام گروپ فائيوحاصل ڪيو.
    پروفيسر سعيد منگي پنهنجي تقرير ۾ ٻارن جي ٽيلنٽ جي دل کولي تعريف ڪئي ۽ هن ڪاليج جي ٻارن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽ انسٽيٽيوٽ گھمڻ جي به دعوت ڏني ته جيئن ٻارڙيون آرٽ جا مختلف شاهڪار ڏسي سگھن ته جيئن هنن کي به اتساهه ملي. ان کان پوءِ ٻارن ۾ انعام ورهايا ويا پر اسٽيج تي پرنسپال ميڊم .بلقيس حبيب صديقي سميت سڀني مهمانن کي گھرايو ويو. انيس انصاري اڪيڊمي پاران ٻارن کي شيلڊون ڏنيون ويون. ان کان علاوهه پرنسپال کي اڪيڊميءَ جو مومينٽو به پيش ڪيو ويو. ان کان پوءِ اڪيڊمي طرفان رهيل گروپن کي خاص انعام طور شيلڊون ڏنيون ويون. ان کان علاوهه گرين ڪلب جي ميمبرن ميڊم عابده علي، حميده ميربحر ۽ ميڊم .صوبيه ممتاز ۽ جج ميڊم صدف کي به يادگار شيلڊون ڏنيون ويون. ڊاڪٽر ذولفقار عمراڻي، پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هن پروجيڪٽ ۾ کوڙ ڪاليج شامل هيا، پر ڪوٽڙي گرلس ڪاليج سرگرمين جي حوالي سان پاڻ موکيو خاص مهمان ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ پنهنجي تقرير ۾ خاص طور تي نمائش جي عنوان جي تعريف ڪئي ته اهو ڏاڍو آرٽسٽڪ آهي ڇو جو جهڙي ريت فونيڪس پکي جڏهن مرڻ وارو هوندو آهي ته هو ڪکن ڪانن جي ڍڳ تي ويهندو آهي ۽ راڳ ڳائڻ شروع ڪندو آهي جنهن سان ڪکن ڪانن کي باهه لڳي ويندي آهي ۽ هو سڙي رک ٿي ويندو آهي پر وري ان رک مان هڪ ٻيو فونيڪس پکي پئدا ٿيندو آهي. اهڙي ريت هن نمائش ۾ ناڪاره شين کي استعمال ۾ آڻي آرٽ جا شاهڪار بڻايا ويا ۽ ۽ نئين زندگيءَ جنم ورتو. هن وڌيڪ چيو ته انيس انصاري اڪيڊمي ادب ۽ آرٽ جي واڌ ويجھه لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي. ان ڪري اڪيڊمي، ڪاليج جي طرفان ٿيندڙ اهڙن سرگرمين ۾ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياري ٿي. اهڙي ريت ميڊم صدف به ٻارڙن جي همت افزائي ڪئي. پرنسپال پنهنجي تقرير ۾ سڀني مهمانن ۽ اسٽاف جا ٿورا مڃيا.
     
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    محترمه تصوير اپلوڊ ڪرڻ به سؤلي آهي، شايد توهان نه ڪري سگهيون آهيو. :)
     
  3. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    تمام سٺي سرگرمي هئي، اهڙا پروگرام هر ڪاليج ۽ اسڪول ۾ ٿيڻ گهرجن جيئن اويرنيس پيدا ٿئي.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بھترين سوچ وارو پروگرام ٿيو ۽اھڙا اتساھيندڙ بروگرام ٿيندا رھن تہ بھتر.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    تمام بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو