جادوگر کي جنم ڏينهن مبارڪ

'جنم مبارڪ' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    2009 ۾ هڪ چنڊ اُڀريو، جنهن سنڌ جي وشال ڌرتيءَ تي پنهنجي محنت جا ڪِرڻا پکيڙي، ڌرتيءَ کي نئون رنگ ڏِنو، اهڙو رنگ جنهن جا خواب سنڌ صدين کان ڏٺا پئي.
    ڪُجھ ماڻهون انهن حڪيمن جيان هوندا آهن جيڪي موذي مرضن جي علاج جو فارمولو مرڻ تائين ڪنهن کي ناهن ڏسيندا پر ڪُجھ ماڻهون ادارا ٿيندا آهن، جيڪي سَڏي به علم ڏيندا رهيا آهن..سائين عبدالرشيد سمون به انهن ادارن مان هڪ آهي.
    سائين ته ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، سنڌسلامت ئي سندس تعارف آهي..
    2009 ۾ دادُوءَ جي هڪ اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ هِن فرشته صفت انسان کي ٻوليءَ جي خدمت جو جذبو جاڳيو، ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ذاتي مصروفيات مان پنهنجو قيمتي وقت ڪَڍي سنڌسلامت جهڙو وشال فورم جوڙي سنڌي ٻوليءَ کي ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو فورم تي آندو، جتي سُلجھيل ماڻهن سان عليڪ سليڪ کان علاوه بحث مباحثا به ٿيندا رهيا (۽ اڃا تائين سنڌسلامت تي کوڙ موضوعن تي مثبت بحث هلن پيا).
    سنڌسلامت جو شروعاتي احوال يا تاريخ لکڻ لاءِ ويهان ته وقت لڳي ويندو، ڇوته سنڌسلامت 2009 کان هيستائين ڪهڙين مشڪلاتن کي مُنهن ڏيندي پاڻ کي سنڀاليندي اچي، اهو ڄاڻڻ به توهان لاءِ ضروري آهي، پر ڪنهن ٻئي ڀيري.
    سائين عبدالرشيد سمون سان منهنجي پهريون ڀيرو فون تي عليڪ سليڪ تڏهن ٿِي جڏهن مونکي HTML جي به خبر نه هُئي بس اها خبر ته سنڌي ڪيئن لکجي..! :) تنهن وقت ۾ مونکي هڪ ويبسائٽ ٺاهڻي هُئي، سوچيم سنڌسلامت جي منتظمِ اعليٰ محترم جادوگر سائينءِ کان پڇا ڪريان ته ويبسائٽ ڪيئن ٺهندي آهي... بس پوءِ مونکي ته پڇڻ جي دير هُئي، پاڻ ڪال ڪري اڌ ڪلاڪ کن سمجھايائون ته ويبسائٽ ڇا هوندي آ، ڪيئن ٺهندي آهي.. مون ته سائينءَ جو مٺڙو آواز پئي ٻُڌو، تڏهن ته مغز ۾ ڪُجھ ڳالهيون ويٺيون ۽ ڪُجھ نه به ويٺيون پر پوءِ آهستي آهستي سڀ ڪُجھ سکي ويس..
    سائين رشيد سان منهنجي پهرين ملاقات (ٻه سالن فون تي رابطو رهڻ کانپوءِ) حيدرآباد ۾ سنڌسلامت جي منتظم محترم ”علي علي“ المعروف علي ظفر جي گھر ٿِي، مونکي محترم سليمان وساڻ ٻُڌايو ته رشيد آيل آهي حيدرآباد ۾ آئون سُڀاڻ ايندس اياز ميلي ۾ به شرڪت ڪرڻي آهي ۽ مهراڻ سليڪان واري سڏايل اجلاس ۾ به شرڪت ڪرڻي آهي. بس پوءِ ته واھ واھ ٿي وئي... ٺڪاء وڃي ڪيم علي ظفر جي گھر... (ملاقات ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون اهو سنڌسلامت تي ڪڏهن وقت مليو ته ضرور رکندس)
    بهرحال! سائين رشيد سمون صاحب نه هُجي ها ته شايد سنڌسلامت فورم نه هُجي ۽ آئون ڪُجھ به نه هُجان ها (۽ ڪجھ به ناهيان... جمالِ همنشين درمن اثر ڪرده وگرنه من همه خاڪم ڪه هستم).... سائين رشيد بابت لکڻ لاءِ گھڻو ڪجھ آهي. سنڌيءَ ٻوليءَ سان سندس عشق جي داستان تي، سنڌسلامت ٽيم جوڙڻ ۽ ان کي منظم طريقي سان هلائڻ ... مطلب گھڻو ڪُجھ آهي...
    مونکي سائين رشيد جُمن دربدر جي گيت جي هن بند جِي آخري سٽن جيئن لڳندو آهي

    اڪثر ماڻهو مت جا موڙهـا
    پاڻ نہ پنهنجاٿيندا آهن
    ”ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي
    تقدير سنواري ويندا آهن“

    اڄ سائين رشيد جو جنم ڏينهن آهي، سندس جنم ڏينهن تي بس اهو چوندس ته ” هِيءَ ڀتر مان سون ٺاهيندڙ آهي“....
    پيارا سائين جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون.. توهان جي صحتيابيءَ ۽ وڏي عُمر لاءِ دعاڳو، توهان جو شاگرد.....
    عبيد
    rasheed.jpg
     
    Sheeraz Rasheed ۽ عمران درويش سومرو هيء پسند ڪيو آهي
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    اڃان اهڙا ماڻهو آهن ۽ شال شاد آباد رهن سنڌي ٻوليءَ جو خادم سنڌي ٻوليءَ سان بي لوث پيار ڪندڙ پياري دوست رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون قبول پون.
     
    Sheeraz Rasheed ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  3. Sheeraz Rasheed

    Sheeraz Rasheed
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2017
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    مون کي سندن تي فخر آهي
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رشيد کي واڌايون .....

    پر يار اهو چنڊ هاڻي عيد برات تي به گهٽ ٿو نطر اچي .... !!!
     
    عبيد ٿھيم ۽ Sheeraz Rasheed هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو