مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن، مون ڪيئي ڀت رڌيا آھن . . . ھن گھر جي گدلي رڌڻي ۾، ھيءَ پيڄ جي پاٽِ به ڏوھي آ، ۽ ٻارڙو ڪوئي کچڻيءَ لئه جي روئي ٿو ته دروھي آ، ھي ڏوھ نه آھي، ماڻھو لئه، مون ديڳ جي دلڙي موھي آ‑ مان ڏوئي آن. . . تو دانگيءَ سان وھنوار رکيو، مون ھڪ ھٽي سا ٽوڙي آ، مون بريانيءَ جي خوشبو سان، ڪئي اڦراٽن جي موڙي آ‑ مان ڏوئي آن. . . ھيءَ ڳاڙھي چٽڻي مرچن جي، ھيءَ سائي ڀاڄي مٽرن جي، مون لاءِ ٻنھي ۾ ڦير نه آ، دل راس رھي بس جوڳيءَ جي: ھن گوشت مڇيءَ جي دوکي ۾، ٿي دال ڳري سڀ ٺوڳيءَ جي‑ مان ڏوئي آن. . . . جنھن وقت بکن ۾ باھ ٿيل، انسان گھرن ڏانھن موٽن ٿا، جنھن وقت ڇَنن ۾ ڳاھ ٿيل سڀ جوان جنبوڙا جوٽن ٿا، مان ديڳين کي کڙڪايان ٿي، سڀ يار ڏندن کي کوٽن ٿا‑ مان ڏوئي آن .. . مون آزاديءَ جي سئن ھنئي، مون لاٿا ڍڪڻ ھَنڊين جا، سي پيٽ ھئا يا پاٽوڙا، مون ڀڀ ڀريا پرديسن جا: سڀ داڻو داڻو چونڊن ٿا، ڪو ڀوڳ ڏسي ھي سيٺين جا‑ مان ڏوئي آن. . . مون ڏات انوکي آندي آ، ٿو ڀت وڙھي اڦراٽن سان، ھر ٻوڙ جي لذت پنھنجي آ، مٽرن سان، آلو ٽماٽن سان: ٿو تنھنجو ڀاري پيٽ ڏڪي، ڪئين دالين جي سُرٻاٽن سان‑ مان ڏوئي آن. . . تون مون کي باھ ۾ ساڙيندين، مان توکان مور نه مرڻي آن: جو سئو سئو ڏوئيون روز گَھڙي، تنھن ڊکڻ سان مان پرڻي آن: جا آڌيءَ مانجھيءَ ٻوڙ رڌي، جا مرڻِي پرڻي ڀت رڌي: مان ورڻي آن، مان ورڻي آن‑ مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن، مون ڪيئي ڀت رڌيا آھن! ھفتيوار ”اعلان حق“ بدين 6.1.1992