• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان ڏوئي آن (شيخ اياز جي نظم ”مان ڏوھي ھان“ جي پيروڊي) شمشيرالحيدري

شاهنواز ٽالپر

سينيئر رڪن
مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،

مون ڪيئي ڀت رڌيا آھن . . .


ھن گھر جي گدلي رڌڻي ۾،

ھيءَ پيڄ جي پاٽِ به ڏوھي آ،

۽ ٻارڙو ڪوئي کچڻيءَ لئه

جي روئي ٿو ته دروھي آ،

ھي ڏوھ نه آھي، ماڻھو لئه،

مون ديڳ جي دلڙي موھي آ‑

مان ڏوئي آن. . .


تو دانگيءَ سان وھنوار رکيو،

مون ھڪ ھٽي سا ٽوڙي آ،

مون بريانيءَ جي خوشبو سان،

ڪئي اڦراٽن جي موڙي آ‑

مان ڏوئي آن. . .


ھيءَ ڳاڙھي چٽڻي مرچن جي،

ھيءَ سائي ڀاڄي مٽرن جي،

مون لاءِ ٻنھي ۾ ڦير نه آ،

دل راس رھي بس جوڳيءَ جي:

ھن گوشت مڇيءَ جي دوکي ۾،

ٿي دال ڳري سڀ ٺوڳيءَ جي‑

مان ڏوئي آن. . . .


جنھن وقت بکن ۾ باھ ٿيل،

انسان گھرن ڏانھن موٽن ٿا،

جنھن وقت ڇَنن ۾ ڳاھ ٿيل

سڀ جوان جنبوڙا جوٽن ٿا،

مان ديڳين کي کڙڪايان ٿي،

سڀ يار ڏندن کي کوٽن ٿا‑

مان ڏوئي آن .. .


مون آزاديءَ جي سئن ھنئي،

مون لاٿا ڍڪڻ ھَنڊين جا،

سي پيٽ ھئا يا پاٽوڙا،

مون ڀڀ ڀريا پرديسن جا:

سڀ داڻو داڻو چونڊن ٿا،

ڪو ڀوڳ ڏسي ھي سيٺين جا‑

مان ڏوئي آن. . .

مون ڏات انوکي آندي آ،

ٿو ڀت وڙھي اڦراٽن سان،

ھر ٻوڙ جي لذت پنھنجي آ،

مٽرن سان، آلو ٽماٽن سان:

ٿو تنھنجو ڀاري پيٽ ڏڪي،

ڪئين دالين جي سُرٻاٽن سان‑

مان ڏوئي آن. . .


تون مون کي باھ ۾ ساڙيندين،

مان توکان مور نه مرڻي آن:

جو سئو سئو ڏوئيون روز گَھڙي،

تنھن ڊکڻ سان مان پرڻي آن:

جا آڌيءَ مانجھيءَ ٻوڙ رڌي،

جا مرڻِي پرڻي ڀت رڌي:

مان ورڻي آن، مان ورڻي آن‑

مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،

مون ڪيئي ڀت رڌيا آھن!

ھفتيوار ”اعلان حق“ بدين 6.1.1992
 
Back
Top