گورک هل سنڌ جو ڪوھ مري

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ امدا علي قادري طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2017۔

  1. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    ڪراچيءَ کان 450 ڪلو ميٽر اترندي پاسي دادو کان هڪ سو 100 ڪلو ميٽر اولهندي پاسي هڪ خوبصورت جڳھ گورک هل اسٽيشن آهي. سطح سمنڊ کان 5688 فوٽ بلندي هجڻ جي وجھ سان هتي درجه حرارت (گرمي جو پد)17 سينٽي گريڊ ۽ جنوري ۾ منفي 5 ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي. هتي مٺي پاڻي جا چشما ۽ آبشار موجود آهن منظر ماحول ۽ هوا جي حوالي سان هن کي سنڌ جو مري چيو ويندو آهي. پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ مان با آساني ٽرين يا بس جي ذريعي پهچي سگهجي ٿو. دادو کان جوهي روڊ جي رستي جنهن جو فاصلو 94 ڪلو ميٽر آهي جڏهن ته سيوهڻ شريف کان 140 ڪلو ميٽر جي آهي. هتي الپائن (Alpine)، فلورا (Flora)، فونا (Fauna)، جا ٻوٽا به آهن .کيرٿر پهاڙن ۾ سڀ کان مٿي جيڪو جبل آهي اهو 7056 فوٽ آهي. جيڪي ماڻهو سنڌ جي هن خوبصورت جبل جو صرف نالو ئي ٻڌندا آيا آهن انهن لاءِ خوشخبري آهي ته اتي جي پهچڻ لاءِ رستو پڻ تيار ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي جڏهن چاهيو دادو کان صرف 3 ڪلاڪن جي مفاصلي تي سمنڊ کان ساڍا 5 هزار فوٽ هن جبل تي باآساني وڃي سگهو ٿا. پهريان هن جڳھ تي پهچڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو پر هاڻي هيلي ڪاپٽر جي سروس شروع ٿيڻ کانپوءِ وڃڻ تمام گهڻو آسان ٿي ويو آهي. بس اڏن تي صبح جو ناشتي ۾ حلوو، پوريون، ۽ چانھ کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. هي شهر صديون پهرين هڪ زميندار دادن شاھ ڳوٺ جي نالي سان مشهور هو هاڻي آهستي آهستي هڪ خوبصورت شهر جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. وڏا روڊن تي مکين ۽ مڇرن وانگي هلندڙ موٽر سائڪلون ۽ رڪشا ماڻهن کي ڏسندي ئي ڪڪ هڻڻ شروع ڪندا آهن. ننڍيون ننڍيون پر ڀريل بازارون ۾ رات ڪنهن خوشبوءَ جي طرح مهڪندي آهي. ۽ سياح (گهمڻ وارا) سنڌ جي هن قديم جڳھ جي مٺڙي ٻولي سنڌي ماڻهن وچ ۾ گهمندا رهندا آهن. بازارن ۾ ئي رهائش لاءِ هوٽل ملي ويندا آهن. برصغير ۾ گورک هل اسٽيشن 3 نمبر تي پر فضا سياحتي مرڪز آهي. هتي جنوري ۾ برفباري پڻ ٿيندي آهي. هتي جا ماڻهو تمام پيارا ۽ مهمان نواز هوندا آهن.
     
    آخري ترميم: ‏9 فيبروري 2017
  2. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    نالج ۾ اضافو، مَاشَاءَ اللّٰہ
     
    امدا علي قادري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو