جيءَ جنھن کي چيم، جڻڪ تنھن کان مليم

'استاد بخاري' فورم ۾ احمدخان طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2017۔

  1. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم
    چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر
    جان جن تي ڏنيم سي نه ڪانڌي ٿيم
    چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

    ڪيس ڪيڏا ڪيئي حُسن جي انڌ تي
    باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي
    غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم
    چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

    پيار جي ڇانو ۾ ڪي ٻه ساٿي مليا
    جون جي سج جيان ڳوٺ وارا جليا
    خار کائي کِليا هي خبر جا ٻُڌم
    چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

    ڪا به نازڪ بدن نوجوان نازنين
    کنڊ جهڙي مِٺي، چنڊ جهڙي حسين
    دلربا دلنشين جي ڏکاري ڏٺم
    چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

    گيت جن لئه "بخاري" پڪاري لکيم
    سي ڌتاري ڌتاري ڌڪاري ويم
    نيڻ جن لئه ڀنم سي مٿان پئي کليم
    چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر
    ” استاد بخاري “
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    واه زبردست

     
    احمدخان هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو