سنڌ جا ثقافتي آثار (ڪراچيءَ جو ڪن) ۽ قصو(مورڙيو ۽ مانگر مڇ جو) هڪ نئين ٻي جدت سان

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2017۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    * مورڙو ۽ مانگر مڇ *
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

    ٻارهين صدي هجري يعني (ارڙهين صدي عيسوي) ۾ ”ميان نور محمد ڪلهوڙي“ جي دور ۾ حضرت شاه عبداللطيف رحه ’سُر گهاتو‘ ۾ هن داستان جي خاص نُڪتن کي ورجايو آهي.
    ڪالهه ڪلاچيءَ ويا ڇَتيُون کڻي ڇُڳير،
    ڀائرن ڀيرو نه ڪيو، ادن ڪئي اوير،
    اهڙي خاصي کير، ڪن ورائي جهليي،
    ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سونئي،
    خبر ڪون ڏئي، ته رڇ ڪُڄاڙي رنڊيا؟
    ڪلاچئ جي ڪن جي هن قصي يعني (مُورِڙيو ۽ مَانگَر مَڇُ) جو داستان (دلوراءِ) جي دور سان وابسته ٻُڌايو وڃي ٿو ۽ چئجي پيو ته (دلوراءِ) غالبن (عربن جي دئور) جي آخر ۾ ۽ (سومرن جي دئور) جي شروعات واري دور ۾ يعني اندازان (پنجين صدي هجريءَ) بمطابق (يارهين صدي عيسويءَ ۾) ٿي گُذريو آهي.
    جڏنهن ته سنڌ تي غزنوي 1026ع تي اقتدار ۾ آيا هُئا . ۽ سومرن ڪاه ڪري سنڌ تي 1053ع تي حڪمراني حاصل ڪئي هُئي. انهيءَ حساب سان جيڪڏهن (دلو راءِ) سومرن جي شروعاتي دور ۾ (لاڙ جي حصي ۾ حڪمران) هو ته پوءِ اهو واقعو پوءِ 1053ع کانپوءِ جو آهي. جو (راجا دلو راءِ) جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو سنڌ جي (لاڙ واري حصي جو حڪمران) هو، ۽ ( رتوڪوٽ يا گذريءَ وارو علائقو) تنهن وقت دلوراءِ جي گادي جو هنڌ هو1859ع تائين جتي اُنهي پراڻي شهر جا آثار موجود به موجود هُئا. ورهاڱي کانپوءِ هر انهيءَ (شيءِ، ماڳ ۽ تاريخي جاءِ) کي تباهه ڪيو ويو، جيڪي (سنڌ جا تاريخي ورث) ا هئا. جن سان سنڌي قوم پنهنجي تاريخي ۽ علائقي جي قدامت جو اندازو لڳائي پئي سگهي. سنڌ جي انهن پُراڻن (ماڳن، عمارتن ۽ تاريخي نشانن کي) سنڀالڻ وارن ادارن جا اڳواڻ اهي ماڻهو آهن، جن جي اسان جي (تاريخ ۽ ثقافت) سان نه (ربيع، نه خريف).
    چون ٿا ته (ٻاچو ۽ ٻاراچ) ٻه ڀائُر ، اصل (ڪڇ) واري علائقي ”گنڊا سنگ“ جا، رهواسي هئا. جواني ۾ اهي سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ (حب نديءَ) جي لڳ (سوناريءَ جي جبل) وٽ اچي رهيا. ٻاراچ، (سون) نالي هڪ عورت سان شادي ڪئي تنهن مان کيس (اوڀايو) پيئدا ٿيو هو ۽ ( ٻاچوءَ) کي ڪو اولاد نه ٿيو. چيو وڃي ٿو ته (سون مياڻي) اوڀائي جي (ماءُ) ۽ (ٻاراچ) جي گهرواريءَ ”سون“ جي ڪري (سون مياڻي) بڻي هُئي. اوڀائي ٻه شاديون ڪيون، پهرئين گهر واريءَ مان (ڇهه پٽ) هُئس ءُ ٻي گهرواريءَ مان. هڪ ڌيءَ ”سيرئين ڪي جمڙي“ نالو ٻُڌائين ٿا ۽ هڪ پٽ ”مورڙو“ پيدا ٿيو هوس، جڏنهن ته مورڙو (پيدائشي منڊو) پئدا ٿيو هو.
    سنڌ جي مُختلف سُگهڙين پنهنجي شاعريءَ ۽ مُختلف چوڻين ۾، اوڀائي جي (پهرئين زال) مان پئدا ٿيندڙ جي ڇهن پُٽن کي مُختلف نالن سان ٻُڌايو ويو آهي. ڪي سُگهڙ کين بترتيب (پنيهر، اڱارو ، مانجهاندو ، لالو، سانئل ۽ هنجهه ڪراڙو) نالن سان ٻُڌائين ٿا ته ڪي وري، (پڙهيار ، اڱارو، مانجهاندو، للو، سانئر، هنجهه ڪراڙو ۽ ستون مور (مورڙو) ٻُڌائين ٿا. ڪن موجب اهي نالا (پنهير، اڱارو، مانجهادو، لال بهار، هنجهه ڪراڙو) ۽ ڀيڻ (جمڙي) آهي.
    اولادن کي پرڻائڻ کانپوءِ (اوڀائي) سمنڊ تي ئي ڳوٺ ٻڌو، جنهن جو نالو هُن پنهنجي ماءُ جي نالي پٺيان (سون مياڻي) رکيو هُئائين. مورڙي جي ڀُائرن ته پيءُ جي ڌنڌي (مڇيءَ جي ڪاروبار) کي معمول موجب اپنائي ورتوهو، پر جيئن ته مورڙيو منڊو هوندو هو، ته هُو سمنڊ کان هميشه پري رهندو هو، ۽ معذور هئڻ جي ڪري ئي گهر ۾ ئي رهندوته هو پر گڏوگڏ ڳوٺ ۾ ايندڙ مهمانن ۽ مڇيءَ جي ڌنڌي سان تعلق رکندڙ مُسافرن جو خيال به رکندو هو، جنهن جي ڪري هو (سخي مورڙو) مشهور ٿيو هو.
    اوڀايو پوءِ (مُهاڻن جو چڱون مُڙس بڻجي ويو هو. ڇاڪاڻ ته، اوڀائي مُهاڻن تي ڳرن محصولن خلاف اڳواڻ بڻجي مُهاڻن لاءِ جدوجهد ڪئي هُئي ته مُهاڻن، ٻڌيءَ سان (راجا دلو راءِ) جي ڪوٽار (محصول وصول ڪرڻ وارو) خلاف جنگ جوٽڻ ڪري کيس پنهنجو اڳواڻ چونڊيو هو، جنهن جي احتجاج تي پوءِ مجبور ٿي (راجا دلوراءِ) کي، مُهاڻن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ئي ڇڏي هُئي.
    ته ڪلاچي جي ڪن ۾ رهندڙ شارڪ (وهيل مڇيءَ) جو ڏهڪاءُ (دڙٻي، سون مياڻي ۽ سامونڊي علائقن) تائين ڦهليل هو، جنهن جي ڪري اڪثر مهاڻا، مڇي مارڻ لاءِ اوڏانهن ڪونه ويندا هئا. (ڪلاچي جو ڪُن) لياري نئين جي ڇوڙ واري علائقي ۾ هو. ۽ ايڏي ڏهڪاءُ جي باوجود ، هڪ ڏينهن (مورڙي جي ڇهني ڀائرن) مڇي مارڻ لاءِ وڃي اُنهيءَ (ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾) رِڇ وڌو هو. جيڪو مَڇَ ورائي کڻي پنهنجي وات ۾ ڪيو ۽ واري واري سان ڇهه ئي ڀائرن کي جيڪي سمنڊ ۾ لٿا هُئا ۽ انهيءَ (مانگر مڇ) شارڪ جو شڪار ٿي ويا.
    جيئن ته رات ٿي چُڪي هُئي ۽ صُبح به ٿي چُڪو هو، پر (مورڙي جا ڇهه ئي ڀائر) اڃان به گهر نه موٽيا هُئا ته سندُن پيءُ اوڀايو ۽ ڀائُرن جون زالون به پريشان ٿي پيون ۽ ڀيڻ (سيرئين يا ڄامڙيءَ) کي ڀائرن جي نه موٽڻ جي ڪري پوري رات ننڊ به ڪانه آئي هُئي ۽ صبح ٿيندي ئي سمنڊ ۾ ڳولا شروع ڪئي ويئي ته انهن جا (هوڙا) ڪلاچي واري ڪن جي ڪناري تي مليا. جڏنهن ته (مورڙو) ان وقت (راجا دلوراءِ) جي درٻار ۾ هو، ڇاڪاڻ ته مورڙو منڊي هُئڻ ۽ مڇين جو شڪار نه ڪري اچڻ ۽ سمنڊ ڏانهن نه وڃڻ جي ڪري (پنهنجي ڀاڄاين) جي مهڻن کان بيزار ٿي (راجا دلو راءِ جي درٻار ۾) اچي رهڻ لڳو هو. ته جڏهن اها خبر (سون مياڻي) پهتي ته مُهاڻن ۾ ماتم مچي ويو ۽ سوين مُهاڻان، ٻيڙيون ڪاهي اچي (ڪلاچي ڪن) وٽ اچي پُهتا ۽ پوءِ اوڀائي به مورڙي ڏانهن ماڻهو موڪليو ۽ مورڙو به راجا دلوراءِ سان گڏ (ڪلاچي جي ڪن) پهچي ويو.
    اوڀائي مورڙي کي وير وٺڻ لاءِ چيو، مورڙو، هڪ ته منڊو هو، ٻيو پاڻي جو گهيڙو به ڪونه هو، پر جيئن ته هُو ڏاهپ ۾ ڀڙ هوته اهو سوچي مورڙي ان مانگر مڇ کان وير وٺڻ جو فيصلو ڪيو. پوءِ مورڙي دلو راءِ کان به مدد گهُري جو سانوڻي مند ۾ سمنڊ ۾ به طوفان هو ۽ راجا سندس هر طرح جي مدد جو وعدو ڪيو.
    ڪلاچيءَ جي ڪُن جا (تجربيڪار ۽ ڀڙ لوهار) پوءِ مورڙي جي هدايتن تي (لوهي نوڪدار پڃرو) جوڙي ورتو ۽ پڃري جي چوڌاري (تيز ڌار وارا ڪات) لڳايا ويا. مورڙي پوءِ پنچ سئو تازيون ويائل گهوڙيون، ڦرن سميت آنديون. ڪتن جي لوڌ به گهرايائين. لوهي پڃرو کڻي مورڙو ڪُن ڏانهن روانو ٿيو. مضبوط رسن ۽ زنجيرن سان لو هي پڃري کي ٻڌائين. انهن رسن جو ٻيو ڇيڙو سانن ۽ گهوڙين جي ڳچين ۾ ٻڌائين اهو سڀ بندوبست ڪري ماڻهن کي چيائين، ”آئون اندر ويندس جڏهن زنجيرن ۽ رسن کي لوڏو اچي ته گهوڙين جي ڦرن پٺيان ڪتن جي بَڇ ڪجو ۽ سانن جي پٺيءَ تي تيل هارائي اماڙيون انهن تي اڇلائجو.
    لوهي پڃري ۾ ويهڻ کانپوءِ ماڻهن ان کي ڪُن ۾ لاٿو. مڇ لوهي پڃرو ۽ اُن ۾ ويٺل مورئي کي ڏسي ڳڙڪائڻ لاءِ وات ڦاڙيو جنهن جي ڪري لوهي پڃري سان جڙيل ڪاتن ان کي زخمي ڪيو ۽ رهيل ڪسر مورڙي جي هٿيارن پوري ڪئي. مورڙي مسلسل ان تي خنجر جا وار ڪيا. پڃري اندر هئڻ ڪري مورڙو محفوظ هو. پڃري جا لوهي ڪات جيئن مڇ جي وات ۾ ڦاسي پيا ته مورڙي زنجيرن کي لوڏو ڏنو. ٻاهر بيٺل سوين ماڻهو تيار هئا. اشارو ملندي ئي انهن مورڙي جي هدايتن تي عمل ڪيو. سانن جي پٺي تي هاريل تيل تي اماڙيون اڇلايون ۽ ٻين وري گهوڙين جي ڦرن جي ڪڍ ڪتا لاٿا. ڦرن جي ڀڄڻ سان گهوڙيون انهن جي ڪڍ لڳيون. ائين لوهي پڃرو مڇ ۽ مورڙي سميت ٻاهر اچي ويو. واهه واهه ٿي ويئي. مڇ جو پيٽ چيري مورڙي جي ڇهن ڀائرن جا لاش ڪڍيا ويا ۽ انهن کي ڪن جي ويجهو دفن ڪيو ويو. پوءِ مورڙو موٽي واپس دلوراءِ سان سون مياڻي هليو ويو.
    مورڙي جي ڀائرن کي (ڪلاچيءَ جي ڪن) ۾ جنهن جانور ڳڙڪايو هو ان تي به اختلاف آهي جو اهو مشهور آهي ته اهو جانور (واڳون) هُيو پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته (واڳونءَ جي پيٽ ۾) ڇهن انسانن جا لاش ڪيئن ٿا سمائجي سگهن. اُها (شارڪ مڇي) ئي ٿي سگهي ٿي. جنهن جي ڪري اهو ممڪن ئي ڪونهي ته (ڪلاچي جي ڪن ۾) مورڙي جي ڀائرن کي (واڳونءَ) ئي ڳڙڪايو هوندو. ۽ گهڻو ريسرچ اسڪالرس جو به يقينن اهو خيال هوندو ته سمنڊ ۾ تڏنهن جيڪي وڏا ۽ ڳڙڪائيندڙ (مانگر مَڇَ) چيا ويا، اُهي شارڪ هُئا. ته اڀياس موجب به ممڪن هُجي ٿو ته اُها درحقيقت شارڪ (وهيل مڇي) ئي هُوندي.
    جنهن مڇ کي “مانگر يعني (وڏو)، مڇيعني (جانور)“ چيو ويو ۽ اُنهيءَ جي پيٽ ۾ ئي اها گُنجائش هُئي، ته هو واري واري سان سمنڊ ۾ لٿل (ڇهن ئي ڀائُرن کي) ڳڙڪائي پنهنجي پيٽ ۾ ڳڙڪائي ڇڏي. ’ته (مورڙي ۽ مانگر مڇ) جو داستان‘ سنڌ جي مشهور (قصن ۽ داستانن ۾) هڪ انفرادي حيثيت رکي ٿو. جو هيءُ هڪ (جنگي داستان) آهي، پر جنگ (سامونڊي جانور) سان آهي. جنهن ۾ (سنڌ جي ملاحن) جي (همت ۽ حڪمت عملي) توڙي سنڌ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ، (مڪينڪس) يعني (ڪلن جي اعلي! (هُنر ۽ حرفت) کي اپنائيندي ٻُڌايو ويو آهي.
    جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته 7000 سال ق.م، واري ۽ (موهن جي دڙي) جي (سولائيزڊ سنڌي قوم)، موالي بڻجڻ کان اڳ هڪ باشعور ۽ انٽيليجنٽ قوم هُئي، جنهن کي برداشت نه ڪيو ويو ۽ کين نشن جو عادي بڻائي، سُسست ۽ ڪاهل ۽ نشائي بڻايو ويو آهي ته جيئن هو آسانيءَ سان عجمي قابضن جا غلام بڻجي رهن. ته مجموعي طور سان هيءُ سنڌ جي (سورهيائي ۽ هنرمنديءَ) جو داستان به آهي جنهنکي سمجهي عجمي سنڌ ۾ ڪاهون ڪري قبضو ڪندڙ ڀوتارن طرفان، بگاڙيل ۽ موالي بڻجندڙ سنڌي قوم کي هاڻ بيدار ٿي، پاڻ ئي هوشمندي ۽ شعور جو مُظاهرو ڪري واپس پنهنجي (عظمت ، مهارت ، بهادري، محنت ۽ سولائيزيشن) ماضيءَ طرف مُڙڻ گهُرجي ۽ اڻ پڙهيل جاهل ڄٽن ڀوتارن جي (غلاميءَ ۽ شخصيت پرستيءَ) مان آزادي وٺڻ گهرجي. ثابت ٿيو ته دلوراءِ جي دور ۾ به ، سنڌ ۾ ڪلن جو هنر ۽ حرفت (مڪينڪس) انهيءَئي پائيي تي پهتل هو، جيڪو هن جديد دئور ۾ آهي، جو اهڙو ڪو اوزار ٺاهيائون جنهن کي مورڙي استعمال ڪيو ويو.
    مورڙي جي ڀائرن جو مُقام شهر ڪراچيءَ ۾ (کَڏي کان ماڙيپور) ڏانهن ويندڙ رستي تي (وزيرمينشن نالي سرڪيولر ريلوي اسٽيشن جي سامهون) ۽ وچ تي هڪ چورنگيءَ اندر سَتن قبرن جو هڪ خاص مقام آهي، جن مان (ڇھ مورڙي جي ڀائرن) جون ۽ (سَتين سندن ڀيڻ) جي قبر چئي وڃي ٿي.
    چون ٿا ته ڀائرن جي وفات جي غم ۾ پوءِ (سون مياڻيءَ ۾ جڏنهن مورڙي جي دل نه لڳي ته مورڙو موٽي (دڙٻي ۽ ڪلاچي ڪن) لڳ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ باقي ڏينهن (ڪلاچي جي ڪن) لڳ پنهنجي ڀائرن جي قبرن وٽ گذاريائين. سيرئين کي به وفات کانپوءِ ڀائرن لڳ دفن ڪيو ويو. مورڙي جي قبر ٿورو پري مسرور بيس ڪئمپ ۾ هڪ ننڍي ٽڪري تي آهي. جتي وڃڻ جي اجازت ته آهي پر ڦوٽو ڪڍڻ جي نه. ٽڪريءَ تي هڪ اڪيلي قبر (مورڙي جي قبر) نالي سان مشهور آهي.
    پُڄاڻي
     
    جو يو امين هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    سٺي تحقيق، مَاشَاءَ ﷲ
     
    Sindhi Media هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو