سنڌي صوفي

'شاعري' فورم ۾ ابوڪرسنجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2017۔

  1. ابوڪرسنجراڻي

    ابوڪرسنجراڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 فيبروري 2017
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽراۂزڊ پبلڪ ڪانٽو
    هڪ صُــورت تنهنجي ساڻ اٿم
    ٻيو ڪِين ڪنهن جي ڪاڻ اٿم

    توڙي ڏينهن هجي توڙي رات هُجـي
    تـــوڙي گـــوڙون هُجـن برسـات هُجـي
    تــوڙي ســُک هُجــن سڪـــرات هُجــــي
    تـــــب تـــــن جــي تــوڏي تــاڻ اٿـــــــم

    هِـــن ارضُ ســـماء اســــــرارن ۾
    آب شــــــــارن ۽ گــــــــــــلزارن ۾
    هِـــــــــــــن ســــــــــــازن ۽ آوازن ۾
    ســــــرڪـار تنهنجـــــي ســُرهاڻ اٿــــــم

    نڪــي علــم عقـل عرفـان مونکــي
    نڪـــي يــاد نم ـاز قـــــرآن مونکـي
    ڪشـــف ڪـــرامـــت ڪـــان مونکــي
    تنهنجــي نـام بنـا ٻئـي نـه ڄـاڻ اٿــــــــم

    ڪـڏهن ماڻـي محـــبت مـام مـچان
    ڪـڏهن هجـر فـــــراق ۾ يـار پـــچان
    ڪــڏهن ناچــو ٿـــي نــ روار نـــــچان
    ڪـــــڏهن اکـــــــــــڙين ۾ آلاڻ اٿــــــم

    هــر حـال ۽ خيـال ۾ تـون ئـي تـون
    هـر پلـڪ ۽ ســال ۾ تـ ون ئــي تــون
    هـر مانجهــــــي مثـال ۾ تـون ئـي تــون
    مـــــن مــــوج ڀــــــريـو مھراڻ اٿــــــم
    Abubakar sanjrani
     
    احسان جوکيو ۽ رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو