اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا… (آڪاش انصاري)

'شاعري' فورم ۾ امتياز علي ڀچو(سمير سنڌي) طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2017۔

  1. امتياز علي ڀچو(سمير سنڌي)

    امتياز علي ڀچو(سمير سنڌي)
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا…
    (آڪاش انصاري)


    نڪي عشق آتش فشان ٿي اُڀاميو،
    نه ئي ديپ دل مان اوهان جو اُجهاميو،
    نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين،
    نه سگريٽ جو ڦلو ٿي ڇڻياسين،
    دُکياسين، جلياسين، اڌورا اڌورا
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

    کلياسين ته خلقت جي دردن ٿي روڪيو،
    رُناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو،
    نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رُناسين،
    کلياسين رُناسين اڌورا اڌورا،
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

    نه تارڪ ٿي دنيا هي تياڳي سگهياسين
    جهان جو به جنجهٽ نه جهاڳي سگهياسين
    نه تون ملين، نه ڪنهن ٻئي جا ٿياسين
    هتان کان به وياسين، هتان کان به وياسين
    ۽ دنيا جي ڌنڌي ڪرڻ کان به وياسين
    ۽ مرڻ جي مزي کان به محروم رهياسين
    ۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

    عمر اڌ اڻ کٽ عبادت ۾ وئي،
    ۽ باقي بُتن کان بغاوت ۾ ويئي
    خدا ڀي نه مليو نه ان جي خدائي
    اي آڪاش جندڙي ائين وئي اجائي
    ۽ ڳولها جي رڻ ۾ رُلياسين اڌورا اڌورا
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا…
     
    انيس احمد جوڻيجو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو