عظيم ۽ بلند ذڪر

'مذهب' فورم ۾ احمدخان طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2017۔

  1. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    عظيم ۽ بلند ذڪر

    سرورڪائنات صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جو ذڪر هڪ عظيم ۽ بُلند ذڪر آهي. قرآن ڪريم جي پاره ۳۰ سورة اَلَمۡ نَشۡرَحۡ ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي : وَرَفَعْنَا لَکَ ذِکْرَکَ ــــــ ترجمہ : اي حبيب! اسان توهان لاءِ توهانجي ذڪر کي بلند ڪيو آهي.
    هن آيت شريف مان چار ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون:
    (۱) ذڪرِ مصطفيٰ کي بُلند ڪرڻ جي ذميداري رب العٰلمين پاڻ کنئي آهي.
    (۲) ذڪر مصطفيٰ کي بُلند ڪرڻ ۾ پاڻ ڪريمن جو رضامندومطلوب آهي.
    (۳)ذڪرِ مصطفيٰ کي هر وقت (دنيا ۽ آخرت ۾) بُلند ڪيو ويو آهي.
    (۴) ذڪرِ مصطفيٰ کي بُلند ڪرڻ لاءِ هر دور ۾ مؤمنن جي هڪ جماعت منتخب ڪئي وئي آهي.
    ذڪرِ مصطفيٰ کي بُلند ڪرڻ لاءِ پهريائين جن عظيم شخصيتن کي انتخاب ڪيو ويو، انهن ۾ سرِ فهرست صحابه ڪرام ۽ اهل بيت آهن. صحابہ ڪرام مان خلفاءِ راشدين حضرت حسان بن ثابت، حضرت ڪعب بن زهير، حضرت ڪعب بن مالڪ، حضرت مالڪ بن نمط، حضرت نابغه جعدي، حضرت اعشي مازاني، حضرت قيص اشجعي، حضرت ماٴذن الطائي رضي الله تعاليٰ عنهم آهن. هيءُ انهن عظيم صحابه ڪرام جا نالا مبارڪ آهن جن رسولِ عربي جي دربار اقدس ۾ نعتون پيش ڪري ذڪرِ مصطفيٰ بُلند ڪيو.
    اهل بيت ڪرام مان جن عظيم شخصيتن کي نعمتِ مصطفيٰ جي سعادت حاصل ٿي انهن ۾ سائين ڪريمن جا چاچا حضرت سيدنا حمزه ۽ حضرت سيدنا عباس بن عبدالمطلب رضي الله تعاليٰ عنهما ۽ سائين ڪريمن جون پڦيون حضرت بي بي عاتڪہ ۽ بي بي صفيہ ۽ سائين ڪريمن جي نياڻي بي بي فاطمہ ۽ حضرت امام زين العابدين بن سيدنا امام حسين رضي الله عنهم قابلِ ذڪر آهن.
    تابعين ۽ فقہ جي امامن مان جن برگزيده انسانن کي نعتِ مصطفيٰ جو شرف حاصل ٿيو آهي، انهن ۾ حضرت امام ابو حنيفہ رضي الله عنہ ۽ حضرت امام شافعي رضي الله عنہ قابلِ تعريف آهن.
    بزرگانِ دين مان جن ولين ۽ ڪاملن کي نعتِ مصطفيٰ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، انهن ۾ حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني، حضرت امام رباني مجدد الف ثاني، حضرت سيدنا عثمان مروندي، حضرت خواجہ معين الدين چشتي، حضرت علي هجيروي، حضرت فريدالدين گنج شڪر فاروقي، سراج الاولياءَ حضرت عبدالرحمان جان سرهندي، حضرت مخدوم محمَّد هاشم ٺٽوي، حضرت سيدنا عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، خواجہ نظام الدين دهلوي، بوعلي قلندر، حضرت شيخ سعدي، مولانا عبدالرحمان جامي، حضرت امير خُسرو، مولانا جلال الدين رومي، حضرت علامه اقبال، اعلىٰ حضرت مولانا احمد رضا بريلوي، حضرت محمَّد جان قدسي ۽ حضرت امام بوصيري جا نالا سرِ فهرست آهن.

    (قصيده بُرده شريف
    مترجم قبله سائين آغا عبدالوحيد جان سرھندي)
     
    سليمان وساڻ ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جزاکم الله خير ، بيشڪ محبوبن ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جو ذڪر عظيم ۽ بلند آهي ، بيشمار صلواتون ۽ سلام امام الانبياء سيد المرسلين صلي الله عليه وسلم مٿي
     
    احمدخان هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جزاڪ الله

    بهترين شيئرنگ
     
    احمدخان هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو