مسڊ ڪال

'ڪهاڻيون' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    مسڊ ڪال :

    رات دير سان موبائل جي گهنٽي وڳي، منهنجي بہ بس تقريبن ان ٽائيم ئي اک لڳي هئي تہ سيراندي رکيل موبائل جي آواز مونکي بيدار ڪري وڌو، ننڊ جي گرفت بہ پنهجي جا۽ تہ چڱي هئي، سيراندي وهاڻي جي هيٺيان هٿ هڻي ڪري موبائل کيم، اڌ اکيون ٻوٽيل ۽ اڌ کليل اکين ساڻ نيم بيهوشي واري حالت ۾ موبائل جي اسڪرين تي نظر ڊوڙايم، ڪوشش اها هئي تہ جنهن بہ دوست هن ٽائيم ڪال ڪئي آهي ان کي تہ پهريان ڇنڊ پٽيا، اڌ رات جو اگر ڪوئي ڪال ڪري معشوقا کان وڌ پياري ننڊ ۾ خلل وجهي تہ ڇا ان شخص تي ڪاوڙ ڪرڻ اسان مسڪين کي جائز ناهي ڀلا، اصلي دل ۾ ان شخص لا۽ ڪاوڙ جا کورا پيا پچن، کن پل ۾ اکين مان ننڊ توڙي خمار لهي ويا جنهن مهل مون ڏٺو تہ اسڪرين تي تنهنجو نمبر لکجي ڪري نمايا نظر آيو، تون آڌي رات جي مون کي ڪال ڪئي، ٽائيم ڏٺم تہ رات جا ٻہ لڳي ڪجھ منٽ ٿيا هئا، وسوسن اچي دل کي قابو ڪيو، تنهنجي هن دفعي جي آڌي رات واري ڪال مون کي وسوسن ۽ گمانن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، مون واپسي تون ڏي ڪال ڪئي مگر تنهنجو نمبر بند مليو، منهنجي پريشاني ۾ ويتر اضافو ٿي ويو، مون بار بار تنهنجو نمبر ڊائل ڪيو، مگر نمبر لاڳيتو ئي بند رهيو، دل ۾ دفن ٿيل احساس وري جاڳي پيا،
    مونکي اُهي انمول راتيون ياد آچڻ لڳيون جن راتين ۾ تون ڪال ڪندين هئين مان ڪيڏو بہ ٿڪل ٽٽل هوندو هيم مگر پو۽ بہ تنهنجي دل رکڻ لا۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ توسان ڳالهيندو هيم، ڪڏهن ڪڏهن تہ پاڻ ڳالهين ۾ ايڏو مهو ٿي ويندا هياسين جو فجر جي آذان اچڻ تائين پنهنجي ڪچهري ختم ئي ڪانہ ٿيندي هئي، دل چوندي هئي تہ توکي چوان تہ برا۽ مهرباني سرڪار پنهنجي ڳالهائڻ جو ٽائيم ٽيبل مٽايو، اسان کان راتين جو دير تائين جاڳڻ ڪونہ ٿو ٿئي مگر ڪڏهن ائين تونکي چوڻ جي پاڻ ۾ همٿ ڪونہ سمجهيم، تونسان اڻ ٿڪ ڳالهيون ڪرڻ کان پو۽ صبح جو مونکي ڪو هوش ڪونہ رهندو هو اکيون بہ ٿڪل ٿڪل رهنديون هيون، رات جو دير تائين جاڳڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن مٿي ۾ بہ شديد سور محسوس ٿيندو هو مگر مون انهن سڀنين ڳالهين جو تونسان ڪڏهن ذڪر ڪونہ ڪيو مونگي ڀئو هوندو هيو تہ ڪٿي تون ڏک نہ ڪري ۽ تون رابطو گهٽائي نہ وڃي، آءُ راتين جو دير تائين جاڳڻ جو عادي بلڪل بہ ڪونہ هيم مگر تنهنجي چري چاهت مون کي دير تائين جاڳڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو تونسان ڳالهائڻ کان بنا ننڊ اچڻ جو تہ ڪو جوائز ئي پيدا ڪونہ ٿيندو هو، ڪيڏيون نہ حسين هيون اهي راتيون منهنجا ڪن تنهنجي لفظن مان آسيس وٺندا هئا تن ڏينهن ۾ آسمان جي ستارن جي سجاوٽ بہ سهڻي لڳندي هئي هر خوبصورت شئي اڳ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ نمايا نظر ايندي هئي، رات جي پهر ۾ ڏيڏر جي ٽاٽا واري آواز بہ ڪنن کي سڪون بخشيندي هئي، منهنجي محبت تونسان جنونيت واري حد تائين پهچي چڪي هئي، ٻهراڙي جو هڪڙو سادو سودو ڇوڪرو هوندي منهنجي ننڊ ڪرڻ ۽ جاڳڻ جي ٽائيم ٽيبل شهرين واري ٿي وئي هئي، مون پنهنجي بهتر مستقبل جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا هئا آءُ بخوبي ان ڳالھ کان واقف بہ هيس تہ هر خواب جي نصيب ۾ ساڀيان لکيل ڪونہ هوندي آهي مگر مونکي پنهنجي محبت ۽ ان کان وڌيڪ تون تي اعتبار هو، منهنجي خوابن جا جنازا تڏهن کان نڪرڻ شروع ٿيا جڏهن تون مونکي فيس بڪ تان بلاڪ ڪري ڇڏيو ڪجھ ڏينهن ۾ تنهنجو نمبر بہ بند ملڻ لڳو مان هر ڏينهن تنهنجو بند نمبر ان اميد تي ٽراء ڪندو رهيس تہ من ڪڏهن نمبر آن ٿي ۽ تونکان تنهنجي بي رخي جو سبب معلوم ڪريان، وقت وار ڪري دل تي جيڪي جهير ڏنا انهن جي مرهم پٽي ڪندي پنهنجي وچم ڪافي عرصو گزري چڪو هو تہ وري اچانڪ تنهنجي بي وقتي مسڊ ڪال منهنجي اکين مان ننڊ کسي ڇڏي.

    يوسف جميل لغاري
     
    سليمان وساڻ ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    سائين بهترين چونڊ آهي
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ادا ھي منھنجي پنھنجي تخليق آھي
     
  4. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    پيارا رب پاڪ اوهان کي هن سنڌ سلامت فورم جيان سلامت رکي
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو