ڦڪي چانه

'ڪهاڻيون' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ڦڪي چانھ :

    ڊپارٽمنٽ جي ڪينٽين ۾ ويهندي مون بيري کي پاڻي آڻڻ لا۽ چيو، بيرو جلدي ۾ پاڻي کڻي آيو نماڻي انداز ۾ چيائين،
    ” صاحب توهان جو ڇا آڊر آهي ”
    ” هڪڙي ڦڪي چانھ “ مون حجائتي انداز ۾ بيري کي پنهنجي لا۽ آڊر ڏنو،
    ” ۽ ميڊم لا۽ ڇا کڻي اچا “
    ” وڏيري پاڻ ويٺي آ، جيڪو وڻيس آڊر ڏي “ مان هُن ڏي نهاريندي بيري سان مخاطب ٿيس،
    ” منهنجي لا۽ هڪ ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچو، ڪابہ هجي مگر هجي صفا يک ٿڌي “
    ” ٺيڪ آ، بس اجهو کڻي آيس “ بيري پنهنجي پيرن تي زور ڏنو،
    مان هن کي خاموشي سان تڪيندو رهيم جيسين بيرو منهنجي ڦڪي چانھ ۽ هن جي ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچي تيسين مان پنهنجي من گهرئي محبوب جي مقدس چهري کي ڏسي ڪري دل کي تسڪين عطا ڪري رهيو هيس، هو سمجهي وئي تہ مان خيالن جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهيان مونکي واپس ڪناري تي آڻڻ لا۽ هن مونکان بي وقتو سوال ڪيو،
    ” تون ڦڪي چانھ ڇو پيئندو آهي، توکي تہ شگر بہ ناهي پو۽ بہ ڦڪي چانھ ٿو پئين “

    منهنجي سوچن جي سمنڊ جو ڄڻ پاڻ ٻنڊو کوليائين، مون چيو:
    ” ڦڪي چانھ پنهنجي اندر هڪ انفراديت رکي ٿي، معاشرو جن ماڻهن کي وڏو ماڻهو سمجهندي آهي اُهي صاحب عام طور تي ڦڪي چانھ پئيندا آهن، سڄي عمر رشوتن عيوض ٻين کان مٺائيون وٺي ڪري کائڻ سبب شگر جا مريض ٿيندڙ صاحب ڦڪي چانھ وڏي رعب ۽ تاب سان پئيندا اٿئي، مون کي ڦڪي چانھ پسند گهٽ آهي مگر جڏهن بيرو مونکي صاحب چئي ڪري مخاطب ٿيندو آهي تہ پو۽ آءُ سوچيندو آهيان تہ مان پاڻ کي صاحب ٿيڻ جي سزا هتي ئي ڏئي ڇڏيا ان لا۽ پنهنجي پسند جي خلاف هن کي آڊر ڏئي آءُ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، مان ڪڏهن بہ اهڙو صاحب سڏائڻ جو ڪائل ناهيان جيڪو پنهنجي اسڪول جي پگهار کڻندي اتان گسائي ڪري ڪنهن سياسي ڪاموري جي چاپولوسي ۾ عمر گزاري صاحب سڏائي، يا ٻين جي روزي کسي ڪري پنهنجو پيٽ ڀري، آءُ ڪڏهن بہ اهڙو صاحب ٿيڻ پسند نہ ڪندم جهڙا صاحب اسان جي معاشري ۾ آهن مان ڪڏهن بہ صاحب نہ ٿيندس ڇو تہ اڄوڪن صاحبن جي صاحبي ۾ صداقت ناهي.“

    آءُ ڳالهائيندي ڪجھ جذباتي ٿي ويو هيس اڃا اڳتي ڳالهائڻ پہ چاهيم تہ بيرو ڪولڊ ڊرنڪ ۽ چانھ کڻي آيو، هن جي سامهون ڪولڊ ڊرنڪ ۽ منهنجي سامهون چانھ رکندي چيائين:

    ” صاحب هي توهان جي چانھ، صفا ملائي اٿئو ملائي“

    هو ڪولڊ ڊرنڪ کڻي مونڏي نهاري مرڪي پئي.

    يوسف جميل لغاري
     
    اعجاز علي ڀٽي ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  2. خادم حسين جروار

    خادم حسين جروار
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2015
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    61
    پيارا هي ڪهاڻي ڪٿي پڙهيل ٿي لڳي، ڪٿي پڙهي آهي سو ته ياد ناهي، پر پڙهي لازمي آهي، اها به الا ڪنهن جي نالي سان، توهان جي آهي؟ هڪ سوال، پر مون ٻي ڪٿي ٻي ڪنهن جي نالي سان پڙهي آهي.
     
  3. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    پيارا خادم اوهان ڪنهن غلط فهمي جا شڪار ٿيا آهيو، هي ڪهاڻي منهنجي لکيل آهي، منهنجي فطرت ئي ناهي جو ڪنهن جي سوچ، خيال يا وري لفظن کي پنهنجي نالي سان منسوب ڪجي، باقي ها منهنجيون ڪهاڻيون، سنڌيا مئگزين ڪراچي، هزار داستان مئگزين حيدرآباد ۾ ڇپبيون آهن، اوهان انهن منجهان ڪٿي ڪنهن ۾ پڙهيو هجي، باقي مان پنهنجيون ڪهاڻيون هت ۽ منهنجي هڪ بلاگ بہ آهي اُتي رکندو آهيان
     
    خادم حسين جروار ۽ اعجاز علي ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي
  4. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    سڀ کان پهريان پنهنجي فيس بڪ آڊي تي شئير ڪندو آهيان پو۽ وري هت هتُ هر جا۽ تي وتندو آهيان رکندو
     
  5. خادم حسين جروار

    خادم حسين جروار
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2015
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    61
    مهرباني پيارا، ٺيڪ
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو