ويجهي ماضي جي تاريخ

'مقالا' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    حڪومتي رٽ آخر بحال ڇو نه ٿي ٿئي؟؟ويجهي ماضي جي تاريخ..
    امتياز چانڊيو

    ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر 31 انساني جانيون ضايع ٿي ويون،پهاڙ گنج کان شروع ٿيل ويڙهه شهر جي
    مختلف علائقن تان پنهنجي باهه پکيڙي ڇڏي،جنهن ۾ انهن ماڻهن کي به ماريو ويو جيڪي ٽيڪسي ۽ رڪشا هلائيندڙ هئا،جن کي ڪا به خبر نه هئي ته پهاڙ گنج تي پهرين گولي ڪنهن هلائي؟ڪنهن زرينه ڪالوني ۾ ٻن ڪارڪنن کي قتل ڪيو، بس شهر ۾ ماڻهو ٿيل هنگامن جي خوف کان سر بچائي گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا هيا،جن کي رستي ۾ ئي موت ملي ويو،اڃان اها ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي،جڏهن ڪراچي ۾ وٿي وٿي سان ٿيندڙ وڳوڙن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهڻ کانپوءِ جڏهن نومبر مهيني جي پڇاڙي ۾ حالتون تمام خراب ٿي ويون ۽ سڀ ڪجهه هٿ ۾ هوندي به حڪومت بيوس بڻجي وئي هئي، تڏهن 27 نومبر 2008ع تي گورنر هائوس ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي 6 رڪني ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي هئي جنهن جي مٿان ڪراچي جي مختلف علائقن جا دورا ڪري صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ تڪرارن جو نبيرو ڪرائڻ جي ذميواري رکي وئي هئي پر ان باوجود ڪو آرڊينيشن ڪاميٽيپنهنجو ڪو به ڪردار ادا نه ڪري سگهي،جنهن ڏينهن گورنر هائوس ۾ گڏجاڻي ڪري هي ڪاميٽي جوڙي وئي هئي ان جي ٻن ڏينهن کانپوءِ 29 نومبر تي سڄي ڪراچي ۾ وڳوڙ ايتري شدت اختيار ڪري ويا جو سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي اهو اعلان ڪيو هو ته ” مون وڳوڙين کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن“پر ان باوجود سندس حڪمن تي ڪو به عمل نه ٿيو،چيو پيو وڃي ته گهرو وزير جي حڪمن تي ان ڪري به عمل نه ٿيو جو سندس ماتحت عملدارن يعني آءِ جي سنڌ گهرو وزير کي قانوني جواز ڄاڻايو هو ته جيستائين هو لکت ۾ حڪم جاري نه ڪندو تيستائين ”شوٽ ايٽ سائٽ“ آرڊرز تي عمل نه ڪيو ويندو،ائين نه ٿئي جو سڀاڻي هو ڦاسي پون،ڪامورن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پيل سنڌ حڪومت ۽ ان شامل اڪثر وزير ڪامورن جي چالاڪين کان واقف هوندي به ڪامورن اڳيان مجبور بڻيل آهن.

    27 نومبر 2008ع گورنر هائوس ۾ ٿيل ٽياڪڙي ۾ ڇا طئي ٿيو هو؟

    گورنر هائوس ۾ ڪراچي ۾ 27 نومبر تي جيڪا اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي هئي، ان بابت ڪاوش جي هي خبر ئي پيش ڪري سگهجي ٿي ته ان اجلاس ۾ ڇا طئه ٿيو هو....گڏجاڻي ۾ مستقبل ۾ اختلافن کي حل ڪرڻ واسطي پ پ،ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي اڳواڻن تي ٻڌل 6 رڪني ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جوڙي وئي، گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي وچ ۾ هلندڙ تڪرار نيبرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 3 ڪلاڪن تائين ڊگهي اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾ سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير پير مظهرالحق،گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا،ايم ڪيو ايم مان ڊاڪٽر فاروق ستار، شعيب بخاري، سٽي ناظم، وسيم آفتاب ۽ اي اين پي مان شاهي سيد،امين خٽڪ ۽ حڪيم مندوخيل شرڪت ڪئي،ذريعن موجب گورنر وٽ ايم ڪيوايم ۽ اي اين پي وچ ۾ وڏي عرصي کان طالبانائيزيشن،زمينن تي قبضا ڪرڻ، ڪاروبار بند ڪرڻ سميت ٻين اهم تڪراري مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي،ذريعن موجب اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته ڪراچي جو امن تباهه ٿئي،پر ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن جي آڙ ۾ پختونن کي تنگ ڪيو پيو وڃي،شهر جي مختلف علائقن گلستان جوهر،نارٿ ناظم آباد،ملير،ڪورنگي،لانڍي ۽ٻين هنڌن تي پٺاڻن کي ڪاروبار بند ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، جنهن سان لساني فساد ٿي سگهن ٿا،سرحد حڪومت پاڻ به طالبانن خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي،اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسان طالبان جي مدد ڪيون،ذريعن موجب اي اين پي جو موقف هو ته ڪراچي ۾ ايندڙ طالبان نه پر آپريشن جا متاثر ٿيل آهن،جن مان ڪنهن کي ڪو خطرو ناهي،جڏهن ته ايم ڪيو ايم موقف اختيار ڪيو ته اسان نه ٿا سمجهون ته پٺاڻ طالبانائيزيشن ۾ ملوث ناهن،پر ڪو ٻيو وچ ۾ پختونن جي آڙ ۾ ڪارروائي ڪري سگهي ٿو،جنهن لاءِ اسان پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي،۽ اسان ڪنهن به مخصوص زبان واري جي خلاف ناهيون،ذريعن موجب پ پ اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي ۾ جيڪي به اختلافي مامرا آهن انهن کي گڏجي حل ڪرڻ ۽ پ پ ،ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي اتحاد کي اڃان به وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي ضرورت آهي،جڏهن ته گڏجاڻي ۾ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد سٽي ناظم ذريعي سمورن ٽائون ناظمن کي هدايت ڪرائي ته جنهن به علائقي ۾ پختونن جا ڪاروبار بند ڪيا ويا آهن انهن کي جلد کولرايو وڃي،ان کانسواءِ ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن،ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ۽ جهيڙن سميت مختلف تڪراري مامرا نبيرڻ لاءِ هڪ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي،جنهن ۾ ٽنهي پارٽين جا 2_2 نمائيندا شامل ڪيا ويا آهن،ان سلسلي ۾ اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد ڪاوش کي ٻڌايو ته اسان جي گورنر هائوس ۾ گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾ مختلف مامرن تي ڳالهيون ٿيون آهن،بهرحال هڪ 6 رڪني ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جوڙي وئي آهي،جنهن ۾ پ پ طرفان فيصل رضا عابدي،سعيد غني،ايم ڪيو ايم طرفان وسيم آفتاب ۽ حماد،جڏهن ته اسان جي طرفان حڪيم مندوخيل ۽ امين خٽڪ شامل هوندا،هن چيو ته هي سب ڪاميٽي سمورن تڪراري مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ آهي،ڇو ته ڪراچي ۾ زمينن تي قبضا ڪري پوءِ پارٽين جا جهنڊا ٿي هڻي ڇڏين ان کي به هي ڪاميٽي ڏسندي،هن ڪاميٽي جو مهيني ۾ هڪ اجلاس لازمي ٿيندو،باقي ويجهڙائي ۾ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽِي جو اجلاس ٿيندو،هوڏانهن اي اين پي جي ايم پي اي امان الله محسود ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته گورنر هائوس ۾ ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ جڙيل 6 رڪني ڪاميٽي ڪراچي ۾ ٿيندڙ جهيڙا روڪرائي ۽ امن امان جي صورتحال کي بحال ڪندي،جيڪڏهن هن ڪاميٽي ڪو نتيجو نه ڏنو ته پوءِ شايد صورتحال خراب ٿي وڃي.

    29 نومبر 2008ع حڪومتي اتحادين جو گڏيل دورو ۽گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڇا چيو هو؟

    هڪ طرف اتحادي ڌر جا اڳواڻ ڪراچي ۾ وڳوڙ روڪرائڻ لاءِ رستن تي هئا ته ٻئي پاسي دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا هئا، گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا نائن زيرو تي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري چيو هو ته ڪراچي ۾ حالتون خراب ڪندڙ شرپسند اسلام ۽ ملڪ دشمن آهن،جيڪي نفرت جي باهه ڀڙڪائي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،پر اسان انهن کي اهو صاف پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته جئين پاڪستان ٺهڻ وقت ڪو به سنڌي،بلوچي،پنجابي ۽ پٺاڻ نه سڀ هڪ هئاسين،تيئن اسان اڄ به گڏ آهيون، جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري کي اهو ذهن ۾ آهي ته هن جو مامو يا چاچو اي اين پي،ايم ڪيو ايم يا پ پ ۾ آهي تنهن ڪري هو بچي ويندو ته هو اهو خيال پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏي،ڇو ته هاڻي ڪنهن به ڏوهاري کي نه بچايو ويندو،ڇو ته ڪير ڪنهن کي نه بچائيندو،هن چيو ته آئون پاڻ انهن علائقن ۾ ويندس،جتي گڙ ٻڙ واري صورتحال آهي،آئون شرپسندن کي چوان ٿو ته ”حڪومت وقت سان وڙهڻ،عقلمندي ناهي“،اسان سڀني کي منهن ڏيڻ جا اهل آهيون ۽ طاقت به رکون ٿا،ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ڪراچي اسان جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي،ڇو ته هي سنڌ ۽ پاڪستان جي دل آهي،تنهن ڪري هن شهر جي ترقي کي برباد ڪرڻ نه ڏنو ويندو نه ئي ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏني ويندي،هن ان سوال ته ايم ڪيو ايم سدائين چوندي رهي آهي ته ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن ٿي رهي آهي،ڇا اهو صحيح آهي يا نه؟ جواب ۾ چيو ته آئون سدائين اهو واضح چوندو رهيو آهيان ۽ وري چوان ٿو ته هو به پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن ۽ اسان به! پر طالبان جي نالي تي ڪراچي ۾ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪن، اهڙي قسم جون ڪي شاهديون ڪراچي ۽ سنڌ ۾ نه مليون آهن،جنهن ۾ اسڪول بند ڪرائڻ،ڇوڪرين کي نه پڙهائڻ،يا وڊيو سي ڊي جا دڪان بند ڪرڻ جهڙيون ڌمڪيون ڏنيون ويون هجن،ڪجهه ڏينهن اڳ جنهن وڊيو سي ڊي واري دڪان کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي،اهو به ذاتي تڪرار هو ۽ دڪان خالي ڪرائڻ واسطي ايئن ڪيو ويو،اهڙي صورتحال بلڪل حقيقت کان پري آهي.

    ايم ڪيو ايم جو موقف ڇا هيو؟

    ايم ڪيوا يم رابطاڪاميٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو هو ته حڪومت اتحاد ۽ سرچاءُ واري عمل کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ناڪام ٿي ويندا،اسان صوبائي حڪومت ۽ وڏي وزير کي پنهنجي سهڪار جي پڪ ڏياريون ٿا،اسان چاهيون ٿا ته هن حڪومت جا سڀ گڏجي هٿ مضبوط ڪيون،۽ حڪومت پنهنجي رٽ کي قائم ڪرڻ لاءِ اختيار استعمال ڪري،هن چيو ته اسان ڪراچي جي شهرين کي به اپيل ٿا ڪيون ته هو صبر ڪن،ان کانسواءِ اسان پنهنجي سمورن ڪارڪنن به هدايتون ڏنيون آهن ته هو امن امان قائم ڪن،اسان پنهنجي تنظيمي نيٽ ورڪ کي امن قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪنداسين، اسان پاڻ ۾ سهڪار کي وڌائينداسين، گڏجي امن امان تباهه ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻائينداسين،ان لاءِ گهرو وزير ۽ سمورن پارٽين کي پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرايون ٿا،هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته انتها پسندي طالبانائيزيشن کي روڪڻ جي سلسلي ۾ اسان ۾ مڪمل ايڪو آهي،پوءِ ڀلي ان ۾ زمينن تي قبضا هجن،يا منشيات مافيا هجي،ان کي منهن ڏيڻ لاءِ به اسان گڏ آهيون،۽ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته هو شهر ۾ شهرين جي زندگين،ملڪيتن ۽ عزتن جي حفاظت ڪري،ان لاءِ حڪومت تحفظ ڪري،هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ طالبانائيزيشن تي مڪمل سخت نظر آهي،ان لاءِ نه رڳو اسان پاڻ ۾ طئي ڪيو آهي پر ڪارڪنن کي به هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو صبر ڪن،شهرين کي به اپيل ٿا ڪريون ته هو اشتعال ۾ نه اچن،هن چيو ته اسان هڪٻئي سان رابطن ۽سهڪار ذريعي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين،

    اي اين پي اڳواڻ ڇا چيو؟

    عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو هو ته جيڪي غريبن جا خير خواهه ۽ شهر جي امن امان جي دعويٰ ٿا ڪن،هي اهو وقت آهي جنهن ۾ اسان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته اسين عوام لاءِ امن قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان به اهو ئي سمجهون ٿا ته سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي،هن چيو ته طالباني ذهن رکندڙ هر هنڌ موجود آهن،4 ڏينهن اڳ جڏهن اسان شهر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيون آهن ان ڏينهن کان وٺي شرپسندن به پنهنجي ڪارروائين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي. هي ان ڏينهن جو رڪارڊ آهي جنهن ڏينهن پ پ ،ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي اڳواڻن گڏيل طور تي شهر جو دورو ڪري باهه ۾ ٻرندڙ روڊن رستن ۽ گولين جو کاڄ ٿيندڙ ماڻهن جي لاشن کي به ويجهي کان ڏٺو هيو،انهن ان ڏينهن جيڪو ڪجهه چيو هو ڇا اهو سئو سيڪڙِو سچ ثابت ٿيو آهي؟ڇا اهي اڳواڻ ۽ وزير پنهنجي هڪ هڪ لفظ تي اڃان به قائم آهن،آخر جڏهن طاقتور ڌريون پاڻ ۾ گڏ هجن ته پوءِ رينجرز ۽ پوليس ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ڪندي؟حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙن جي ان دوري کانپوءِ به شهر جون حالتون معمول ته نه اچي سگهيون هيون،سنڌ حڪومت ڄاڻي ته ڪراچي ۾ امن امان ڪير خراب ڪري رهيو آهي؟ پر جيڪڏهن ٽئي وڏيون پارٽيون عوامي مينڊيٽ هجڻ باوجود امن قائم نه ٿيون رکي سگهن ته پوءِ امن امان خراب ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو